هالا جا هنر
هالا جا هنر
سنڌ جي هُنرن ۾ هالا جا هٿ هنر هڪ پاسي سنڌ جي سڃاڻپ آهن، ته ٻئي پاسي اُهي صدين کان هتي جي ڪاريگرن جي پيٽ گذران جو وسيلو رهندا اچن.
هالا ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ اَجرڪ، جَنڊي، ڪاشي، کاڌي ۽ سوسي، ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم، پٿر تي اُڪر جو ڪم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر مان مختلف شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. مٿين هنرن کان سواءِ گهريلو هُنرن ۾ ڀرت، زري، رَلي، اَڳٺ، چوٽيون، کجيءَ مان تڏا، ٽوپيون، دٻڪيون، ڍاڪون، واڻ وغيره ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي پڻ مقامي مارڪيٽ ۽ بيروني مارڪيٽ ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت رکن ٿا.
هي هنر ڪجهه ذاتيون نسل درنسل ڪنديون رهنديون آهن. اُنهن ۾ سومرا، واڍا، راهو، ڀُٽا، وگهامل ۽ ميمڻ مشهور آهن. اُنهن هُنرن مان ڪن اهم هُنرن جو احوال پيش ڪجي ٿو:
[b]جنڊي
[/b]سنڌ جي هُنرن مان هالا جي جَنڊي اهڙو هُنر آهي، جيڪو سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت آهي ۽ صدين کان اسان جا ابا ڏاڏا هيءُ هُنر ڪندا پيا اچن ۽ اهو اسان جو ذريعه معاش رهيو آهي. سنڌ جو هيءُ پراڻو هُنر صدين کان خانوٺ، هالا، هالا پراڻا ۽ هاڻ هُنرمند ڪالوني ڀٽ شاهه ۾ ٿئي ٿو.
سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي: ”واه واه! جهڙي جَنڊيءَ تي جُڙيل شيءِ!“ يعني ڪهڙي ته خوبصورت شيءِ آهي. حقيقت به اِها آهي ته هالا جي هر ڪا شيءِ اوهان کي بلڪل جَنڊيءَ جي جُڙيل ملندي، جهڙوڪ: کٽ، هندورو، منجيون، پاٽيون، گنج سراحيون، عصا، سينگاردانيون، صوفا سيٽ، جهولو وغيره. مطلب ته اوکرين مهرين تائين تقريباً هر شيءِ هالا واسين جي گهر ۾ جَنڊيءَ تي جُڙيل اوهان کي ملندي. نه رڳو هالا ۾ پر سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ، پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ هينئر هالا جي جَنڊيءَ جو نماءُ نظر اچي ٿو.
هيءُ هُنر ”سمن“ جي اوائلي دؤر کان ملي ٿو. اُن دؤر ۾ جمع جي نماز يا عيد جي موقعي تي خطبن تي عالم اڪرام ۽ وقت جا حاڪم جَنڊيءَ جي جُڙيل ”عصا“ (خطبي جي لَٺ) هٿ ۾ کڻي خطبا ڏيندا هئا ۽ واپاري اناج جي پيمائش لاءِ جَنڊيءَ تي جُڙيل چوٿايون، پاٽيون ۽ ٽويا استعمال ڪندا هئا، جيڪي حڪومت جي مقرر ڪيل پيمائش مطابق مخصوص ڪاريگر تيار ڪري وقت جي حاڪمن تائين پهچائيندا هئا. ۽ اُنهن حاڪمن جي فرمائش تي شهزادين لاءِ هندورا ۽ درٻار ۾ مهمانن لاءِ مَنجيون ۽ پلنگ (کَٽون) تيار ڪيون وينديون هيون. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي حاڪمن ۽ اميرن جي گهرن جي هر شيءِ جَنڊيءَ تي تيار ٿيڻ لڳي.
هالا جي جَنڊيءَ کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اڃا به وڌيڪ اوج نصيب ٿيو. سنڌوءَ جي ڪناري ڪلهوڙن جي آباد ڪيل نئين گادي واري هنڌ ”خداآباد“ جي ڀر ۾ هزارين ايڪڙن تي درياءَ جي ڪناري تي پوکيل ”بهڻ“ جي ڪاٺ جي ڪري هالا ۽ خانوٺ جَنڊيءَ جو مرڪز بنجي ويا. انگريزن جي دؤر تائين سوين خاندان هن هُنر جي مدد سان پنهنجي زندگيءَ جا مزيدار ڏينهن گذاريندا هئا.
هالا جي جَنڊيءَ جي ڪاٺ ۾ گهڻوڪري بهڻ جي ڪاٺي استعمال ڪئي ويندي آهي، ڇو ته اُن تي رنگ ڪافي عرصي تائين قائم رهي ٿو. اُهو ڪاٺ اڳ ۾ ته سنڌ جي محڪمه جنگلات کان مناسب اگهه تي ٻيلي مان حاصل ڪيو ويندو هو. ۽ ڪاريگر پنهنجي گهُرج مطابق ڪٽي کڻي ايندو هو، پر هن وقت اسان ڪاريگر اُنهيءَ سهوليت کان محروم آهيون.
خميسي خان وگهامل جي لکت موجب ”جَنڊيءَ جي رنگ به خاص طور تي ٺاهيو ويندو آهي. ڪاريگر ٻيلن مان ٻٻر جي وڻن مان لٿل لاک کي سڪائي پوءِ سنهي ململ جو ڪپڙي ۾ وجهي باهه تي پگهاري اُن مان نِج لاک ڪڍندا آهن. اُن نِج لاک ۾ وري جداجدا رنگ ملائي مختلف رنگ ٺاهيا ويندا آهن، پوءِ اُهي ضرورت مطابق استعمال ڪندا آهن.“ (ص 546)
هيءُ رنگ ايترو پڪو هوندو آهي جو اڄ به 20 کان 25 سالن تائين برقرار رهي ٿو. پر هينئر صحيح مزوري نه ملڻ جي ڪري هيءُ هُنر پنهنجي اصليت وڃائي ويٺو آهي، جنهنڪري رنگ 4 يا 5 سالن تائين مشڪل هلي ٿو. اگر هينئر به هن هنر جي صحيح پٺڀرائي ڪئي وڃي ته ٺهندڙ شيءِ جي عمر 50 سال ٿي سگهي ٿي.
هالا جي جَنڊيءَ جو ڪم، ڪاٺ چيرڻ کان وٺي مڪمل رڱائيءَ تائين 13 مرحلن تائين مڪمل ٿئي ٿو. پهرئين مرحلي ۾ ڪاٺ کي ڪٽيو يا چيريو ويندو آهي. ٻي مرحلي ۾ اُن جي گهڙائي يا ڇِلائي ڪئي ويندي آهي. ٽي مرحلي ۾ ٻُور ڪيو ويندو آهي يعني نهو نالي واري اوزار جي مدد سان ڊزائين ٺاهي ويندي آهي. چوٿين مرحلي ۾ رنبي سان صفائي ڪبي آهي، جنهن کي ماٺ چئجي ٿو. پنجين مرحلي ۾ استر يعني رنگ جو پهريون هٿ لڳايو ويندو آهي. ڇهين مرحلي ۾ زردو يا ٻيو ڪو رنگ يعني ٻيو ڪوٽ لڳايو ويندو آهي. ستين مرحلي ۾ لاک روغني جو ڪم (زرداڻ وارا ٽٻڪا) ڪيو ويندو آهي. ياد رهي ته هيءُ ڪم خاص طور رڳو هالا جي جَنڊي ۾ ٿيندو آهي ۽ اها هالا جي جَنڊي جي خصوصي سڃاڻپ آهي. هن مرحلي کي جَنهِوَرُ چيو ويندو آهي. اٺين مرحلي ۾ ڪارو يا ٻيو رنگ لڳايو ويندو آهي، جنهن کي چوٿون رنگ چيو ويندو آهي. نائين مرحلي ۾ رڇي يا پلڪار جي مدد سان گلڪاري ڪئي ويندي آهي. ڏهين مرحلي ۾ گلڪاري تي رنگ لڳايو ويندو آهي. يارهين مرحلي ۾ ڊزائين کي واضح ڪرڻ لاءِ کرچڻي سان کُرچيو ويندو آهي. ٻارهين مرحلي ۾ ڪوئلي، سوٽي ڪپڙي ۽ تيل جي مدد سان چمڪ پيدا ڪئي ويندي آهي. تيرهين مرحلي ۾ خول ڪڍيا ويندا آهن. هن مرحلي کي ٻوراڪي چيو ويندو آهي.
هالا جي جَنڊيءَ ۾ هُن وقت خاص ڪري صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ، هندورو، جهولو، ڊريسنگ ٽيبل، کٽون، ڊيڪوريشن پيس ۾ گلدسته، ٽيبل ليمپ، لاٽما، پائوڊر باڪس، ڪلينڊر اسٽيمپ، جيولري باڪس وغيره شامل آهن.
[b]ڪاشي[/b]
ڪاشيءَ جي هڪ ڪاريگر خدا ڏني ٻڌايو ته ڪاشيءَ جي ڪم لاءِ 15 کان 17 مرحلا آهن، جن مان گذرڻ کان پوءِ ڪاشيءَ جو ڪم مڪمل ٿئي ٿو. اڄڪلهه ڪاشيءَ جا اٽڪل 250 پيس ٺاهيا وڃن پيا. ڪاشيءَ کي ٺاهڻ لاءِ هيٺيون شيون گهربل هونديون آهن: 1. مٽي، 2. اڇي مٽي (سيوهڻ شريف)، 3. خاص پٿر (روهڙي سائيٽ)، 4. ڪوبالڪ آڪسائيڊ، 5. ڪوپر آڪسائيڊ، 6. ڪروم آڪسائيڊ، 7. سينڌر ڪاٺيون (پچائڻ لاءِ).
ڊاڪٽر محمد يوسف ابڙي جي لکت مطابق ”ڪاشي جي لاءِ مٽي به خاص قسم جي استعمال ڪئي ويندي آهي. اها درياءَ جي ريٽ جي بلڪل چيڪي ۽ چيڙهائتي مٽي هوندي آهي. گڏهن وارا مٽي کڻي ڪاشيگرن کي ڪارخانن ۾ پهچائي ويندا آهن. جيڪي پوءِ مٽيءَ کي سٽي ڪُٽي، سنهو ڪري حوض ۾ پسائي ڇڏيندا آهن. چار يا ڇهه پهر پسي پئي هوندي آهي. پوءِ اُن کي ٿورو ٿورو ڪري ڪڍي ڳوهي گڏي، چاڻا ڪري رکندا آهن. ان کان پوءِ اُها مٽي ڪم آڻيندا آهن. (ص 73)
”ڪاشي جي سامان پچائڻ لاءِ بٺي کي به ڪو هوشيار ۽ تجربيڪار ڪاريگر ٺاهيندو آهي. پهريائين زمين تي ڪنهن ننڍي ڪوٺي ٺاهڻ وانگر چئن ڀتين جو بنياد ڪچين سرن سان کڻندو آهي. بنياد مضبوط ڪرڻ کان پوءِ زمين کان مٿي اٽڪل چار فوٽ کن اوچيون ڀتيون کڻندا آهن، اُتر طرف اٽڪل ٻه فوٽ ويڪرو دروازو ڇڏبو آهي. پوءِ اُتي چئني پاسي گول ڪمانيون ٺاهي، ڪاشيءَ جو سامان رکڻ لاءِ پليٽ فارم ٺاهيندا آهن، جنهن جي وچ مان ٽي فوٽ کن قطر سان گهل خال ڇڏيندا آهن، جتان باهه جي گرمي ڪاشيءَ جي سامان کي ملندي آهي ۽ اهو مال پچندو آهي. باهه اُتر پاسي ڇڏيل دروازي ۾ ڪاٺيون وجهي پليٽ فارم جي هيٺان ٻاري ويندي آهي. پليٽ فارم جي مٿان گول ڀتيون کڻي اٽڪل چار فوٽ اوچائيءَ ۾ آڻي کوري کي بند ڪندا آهن. مٿي به ٽي کن قطر سان دري ڇڏبي آهي، جنهن مان هيٺ لهي يا مٿي چڙهي سگهبو آهي. پليٽ فارم جي چئني ڪُنڊن مان دونهون نڪرڻ لاءِ سوراخ ڇڏي اُن کي به سِرن سان ڀتيون ڏيئي بخارن وانگر ٺاهيو ويندو آهي. دروازي مٿان پليٽ فارم تي رکيل سامان جي پچڻ يا نه پچڻ جي تپاس ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي دري ٺاهي ويندي آهي.“ (ص 75)
هالا جي ڪاشيءَ جا گلدستا، ٽائلس، رانديڪا، ڪاشيءَ جون سِرون، مسجدن جا مينار وغيره مشهور آهن. ڪنهن وقت هالا ۾ تقريباً 50 کن ڪاشيگر ڪم ڪندا هئا پر هينئر باقي ڏهاڪو ڪاريگر ڪم ڪن ٿا اُنهن جو مکيه سبب صحيح قيمت نه ملڻ آهي ۽ اُنڪري ڪاريگر پنهنجي هُنر کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ به گورنمينٽ يا ڪو ٻيو ادارو توجهه ڏي ۽ پٺڀرائي ڪري ته هڪ دفعو وري هيءُ هُنر زندهه ٿي سگهي ٿو.
[b]اجرڪ[/b]
اجرڪ جي ڪاريگر محمد صديق سومري ٻڌايو ته اجرڪ جو هنر موئن جي دڙي جي وقت کان شروع ٿئي ٿو. اجرڪ کي ٺاهڻ لاءِ تقريباً 16 مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. جن ۾ ڪي تمام مشڪل مرحلا اچن ٿا پر ڪاريگر پنهنجي ڪاريگريءَ سان هِن هُنر کي قائم ۽ دائم رکيو اچي. پهريائين اجرڪ ۾ دٻلي ڇاپ اجرڪ ٺهندي هئي، جيڪا پراڻي ڊيزائن واري هئي، پر آهستي آهستي هن هنر ۾ جدت آندي وئي.
اجرڪ مان مختلف شيون جهڙوڪ: اجرڪ جا پڙا، ٽيبل پوش ۽ پردا به ٺاهيا وڃن ٿا. هن وقت سٺي اجرڪ 1500 کان 3000 رپين تائين تيار ڪئي وڃي ٿي.
محمد صديق سومري پنهنجي هُنر جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته ”اجرڪ 5 ميٽر ڪپڙي تي ٺاهي وڃي ٿي. صرف پاڻيءَ مان ڪڍڻ جا 284 مرحلا آهن، جن مان اجرڪ کي گذاريو وڃي ٿو. شروع کان آخر تائين 300 ٺپا هنيا وڃن ٿا ۽ هر ٺپي جا 5 مرحلا ٿين ٿا. 48 ڪلاڪن تائين اُنڪري ڪپڙي کي پاڻيءَ اندر رکيو ويندو آهي ۽ پوءِ اُن کي تازي پاڻيءَ سان ڌوتو ويندو آهي.“
مرحوم ممتاز مرزا صاحب جي لکت موجب ”اجرڪ تيار ڪرڻ لاءِ اول ضرورت مطابق ڪپڙي جا جدا جدا ٽُڪرا تيار ڪيا ويندا آهن. اجرڪ جي پور لاءِ ضروري آهي ته ڪپڙو سوٽي هجي ۽ اسان وٽ اجرڪ عموماً هرک تي تيار ٿيندي آهي. اُنهيءَ تيار ڪيل ڪپڙي کي پهرين کار مان ٻوڙو ڏيئي، کنڀ تي چاڙهبو ۽ اُهو کنڀ گهٽ ۾ گهٽ چوويهه ڪلاڪ هلندو. اُن کان پوءِ، اُنهيءَ ننگ کي ڌوئي ڌمالي، صاف ڪري سڪايو ويندو. اُن بعد ڪپڙو ساڄ ۾ وڌو ويندو. ساڄ جا وري ٻه قسم آهن: هڪ تيلي ۽ ٻيو صابڻي. اُنهن ۾ صابڻ ۽ ڪڙو تيل ملايو ويندو آهي. تيلي ساڄ جو وقت ٻن ڏينهن تائين هلندو آهي. ساڄ جي ٻوڙي کان پوءِ، وري ننگ کي ڌوتو ويندو آهي، پوءِ سُڪائي، ڪسائي واري مرحلي تي آڻيندا. هن مرحلي تي اسري لئي جي ٻور جي رنگ، ڪَڙي تيل ۽ هيرڻ جي تيل جي ملاوٽ سان هڪ مسالو تيار ڪيو ويندو آهي. اُن ۾ اجرڪ جي ڪپڙي کي ٻوڙو ڏيندا آهن، اُنهيءَ عمل کي ڪسائي چوندا آهن. ڪس ڏيڻ کان پوءِ ننگ کي ڌوئين ڪين، رڳو سڪائين. هر مرحلي کان پوءِ هرک جو اڇو رنگ بدلجي بوسڪي جو رنگ اختيار ڪري وٺندو آهي. اُن سڄي عمل کان پوءِ ننگ ڇر تي ايندو. ڇر جا بنيادي چار مرحلا آهن. پهرئين مرحلي کي اصل ڇر يا بنيادي ڇر چون، جنهن ۾ پلاند وٽ حاشيو ۽ تِر ڇرين. اُنهيءَ عمل جي مڪمل ٿيڻ سان رنگن ڀرڻ جو وارو ايندو آهي، جنهن ۾ پهريون مرحلو ”ڪن“ جو ايندو آهي. هيءُ ڪارو رنگ ٿئي، جيڪو نيروٽي هيراڪس ۽ اميڪا گدامڙي جي ٻِج جي اٽي مان تيار ڪن. اُنهيءَ کان پوءِ ننگ ”ڪرياڻي“ واري مرحلي ۾ ويندو آهي. ڪرياڻو کؤنر ۽ چن سان تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اُنهيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ته جتي جيڪو رنگ رکڻو هجي، اُهو نروار ٿئي. خاص ڪري اجرڪ ۾ اڇي حصي کي برقرار رکڻ لاءِ هيءُ مرحلو نهايت اهم شمار ٿيندو آهي. ڪرياڻي کان پوءِ کڙ جي پورن جو مرحلو ايندو آهي. هن ڇر جا ٻه مقصد هوندا آهن ته ڳاڙهي رنگ کي نروار ڪرڻ ۽ چاڙهڻ ۽ ٻيو ته باقي جيڪا جاءِ بچي، جنهن تي نيرو رنگ چڙهي، سا نمايان ٿي بيهي. هنن پورن جي لڳڻ وقت چانورن جي ڪٽي به لڳائي ويندي آهي. کڙ جو مسالو، ميٽوڙي، ڌاڙي کؤنر ۽ اٽي جي لئي مان ڪاريگر تيار ڪندا آهن. هن مرحلي کان پوءِ، ننگ کي ڪن ۾ ٻوڙو ڏنو ويندو آهي. اهو هيئن ٿيندو آهي ته هڪ وڏي ناد ۾ نيرو رنگ تيار ڪندا ۽ پوءِ اُن ۾ ننگ کي ٻوڙو ڏئي سڪائيندا. اُن مرحلي بعد ”وڇر“ جو مرحلو شروع ٿيندو آهي. وڇر معنيٰ ڌوئڻ. هن مرحلي تي ننگ کي تمام چڱي طرح سان ڌوتو ويندو آهي، ۽ پوءِ وهندڙ پاڻيءَ ۾ سيخون کوڙي، اُن ۾ ننگ کي ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ اُهو ڪلاڪ کن تائين ٻڌو پيو هوندو آهي، جيئن اجرڪ ”مٺي“ ٿئي. مٺي ٿيڻ مان مراد آهي ته اجرڪ مان کاراڻ نڪري وڃي ۽ صاف ٿئي. اُن مرحلي کان پوءِ اجرڪ کي سڪائي، رڱڻ لاءِ کڻي ويندا. بٺي تي رکيل ٽامي جون چرون ۾ پهرين پاڻي وجهندا، ۽ اُن کي ٽهڪائيندا. ٽهڪائڻ کان پوءِ اُن ۾ ڳاڙهو رنگ ملائيندا، اُن ۾ ننگ کي ٻوڙيندا. هڪ ننگ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪلاڪ تائين ٻوڙين، هن کان پوءِ منڻ جو مرحلو ايندو، جنهن ۾ اُٺ جي گسي ۾، ننگ کي چڱي طرح سان مني سڄي رات تائين رکي ڇڏيندا. اُن بعد صبح جو ننگ کي ”پکائي“ لاءِ کڻي ويندا. هن مرحلي تي، ننگ کي، واهه يا ڍنڍ جي ڪناري تي پکيڙي وڇائي ڇڏيندا ۽ اُن تي پاڻيءَ جي ڇٽ ڪندا رهندا، جيستائين اجرڪ بلڪل صاف ٿي نه وڃي. اُن عمل کان پوءِ مينا جو مرحلو شروع ٿيندو. مينا جو مسالو، ٻاڙي کؤنر، اٽي جي لئي ۽ ميٽوڙي مان تيار ڪن. هيءَ آخري ڇر هوندي جنهن ۾ رهيل ۽ بچيل جاين تي نازڪ ۽ نفيس ڇر ٿيندي آهي. اُن مرحلي کان پوءِ ننگ کي نير ۾ ٻوڙي سڪائيندا آهن ۽ وري ڌوئيندا ۽ سڪائيندا آهن. اهڙي طرح مختلف مرحلن مان هڪ اجرڪ گذري پنهنجي تڪميل جي منزل تي پهچندو آهي. (ص 265 کان 266)
”سومرن کٽين، شيدين ۽ مهاڻن کان سواءِ هندو به آڳاٽي وقت کان اجرڪ ڇرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جن مان ڪي گهر هالا ۾ (هئا)، جيڪي اجرڪ جو ڪندا (هئا). جن مان واسومل، دولهه ڏنومل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙو مل هالن جا پنج ڇهه سال ٿيا جو لڏي هندستان هليا ويا ۽ سٺا ڪاريگر ٿي ڳڻجن ٿا.“ (ص 270)
[b]سوسي ۽ کاڌي
[/b]سوسي جو ڪپڙو خوبصورت رنگن ۾ ٺهي ٿو. اهو عورتن جو لباس توڙي ٻي سجاوٽ ۾ ڪم اچي ٿو، هن جو عرض 20 انچن کان 46 انچن جو ٿئي ٿو.
هنر جي لحاظ کان سوسي جا ٻه قسم آهن: سادي سودي ۽ موٺڙيو. پر ڊزائين جي لحاظ کان هن جا مختلف نالا آهن، جهڙوڪ پنجپٽو، ڇوڪڙو، ڪناويز. هن ڪپڙي جي تياري ۾ ٻن قسمن جي ويڪر وارو ڌاڳو استعمال ۾ اچي ٿو: تاڃي لاءِ چاليهه ڊبل 2/40 ۽ پيٽي لاءِ چاليهه سنگل 1/40 ڌاڳو اڪثر ڪري سوٽي ڪم آندو ويندو آهي. پر ٻين قسمن جو ڌاڳو به استعمال ڪيو وڃي ٿو، جهڙوڪ ريشم، سلڪ، پولسٽر وغيره. اگر پلين سوسي ۾ ڌاڳي جو نمبر وڌائبو ته کاڌي تيار ٿيندي.
هالا جي هڪ ڪاريگر عبدالڪريم متقي ميمڻ پاران سوسي سان کاڌي ٺاهڻ واري طريقي مطابق پهريائين ڌاڳي کي هيرڻ جي تيل ۾ لتاڙي، چڱي طرح ڀِڄائي، پوءِ اُن کي رنگ ڪبو آهي. تاڃي جي استعمال لاءِ ڪم ايندڙ ڌاڳي کي اڪثر ڪري چانورن جي اٽي مان ٺاهيل ڪلف لڳايو ويندو آهي ته جيئن ڌاڳو وڌيڪ مضبوط ٿئي. اُن کان پوءِ اُن کي سڪايو يا خشڪ ڪيو ويندو آهي. ڀڄڻي يا اڏي تي تاڃي تيار ڪئي ويندي آهي. پيٽي لاءِ بابين تي ڀرائي ڪئي ويندي آهي.
ڪلف ٿيل ڌاڳي کي هڪڙي مخصوص قسم جي ڍيري تي (جنهن کي ڳٽو چيو ويندو آهي) ڀرائي ڪيو ويندو آهي. اُنهن ڍيرن جي ڍڳ يا مجموعي کي وري هڪڙي چرخي تي لڳائي تاڃي مڪمل ڪئي ويندي آهي. ٻن اڍائي ڍيرن مان هڪڙي مخصوص قسم جي وڏي چرخي تي اُن جي لڇي نموني جون چڳون ٺاهيون وينديون آهن. اٺ ڏهه چڳون ٺاهڻ کان پوءِ گهربل بر يا عرض مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اُن کي هڪ مخصوص قسم جي رول تي ويڙهيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اُن کي مشين يا آڏاڻي تي لڳائي ڪپڙي جي اُڻت ڪئي ويندي آهي.
هن ڪپڙي جي تياري ۾ ڪافي اوزار استعمال ۾ اچن ٿا، جن ۾ ڪن جا نالا هن ريت آهن: 1. آڏاڻو، 2. شٽل، 3. نڙانڊي، 4. ڳٽو، 5. ڪنگي، 6. واسڪاريون (لسيون ڪاٺيون). اُن کان علاوه رنگ يا ڪيمڪل وغيره به گهربل ٿين ٿا.
مٿين هنرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اُنهن جي مالي مدد درڪار آهي. مون جتي وڃي هنرمندن کي ڏٺو آهي اُتي سندن هنر ته سندن ڪاريگري جي کُليل تصوير آهي. پر سندن چهرو مرجهايل ۽ چپن تي مُرڪ بلڪل نه آهي. هرڪو هنرمند ڪسم پرسيءَ جي زندگي گذاري ٿو. مشڪل سان ٻچن جو پيٽ قوت ڪري ٿو. ٻچن کي هنر نه ٿو سيکاري، پر چاهي ٿو ته هن جو اولاد هي هنر سکڻ بجاءِ پڙهي ڪا ملازمت وڃي ڪن. سندن ڪسم پرسي جو ڪو پرسان حال نه آهي. هنرمندن کي ڪٿان به مالي مدد ميسر نه ٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪوهمت ڪري ڪجهه مالي ادارن کان قرض طور رقم حاصل ڪري ٿو ته وياج جي هيٺ دٻجي پنهنجي هنر جا هٿيار جيڪي سندس گذر سفر جي آخري پونجي آهن، سي نيلام ڪري وڃي قرض جي رقم ادا ڪري ٿو. هنرمند هر وقت واپاري جي چهري ڏانهن ڏسندو رهي ٿو ۽ سندن رحم و ڪرم تي آهي ۽ واپاري جي خوشامد ڪرڻ ۾ ئي سندن ٻچن جو گذران ٿي سگهي ٿو. واپاري هنرمندن کي هٿ جي پورهئي جي تمام گهٽ قيمت ادا ڪن ٿا. جنهنڪري ڪافي هنرمندن مايوس ٿي هنن هنرن کي ڇڏي ڏنو آهي. جنهنڪري سنڌ جو هي عظيم سرمايو تمام تيزيءَ سان تباهه ٿيندو وڃي.
هالا جي ثقافت ۽ هنر ۾ جيترو مرد جو ڪردار آهي. اُن کان وڌيڪ اُنهن گهريلو عورت جو به ڪردار آهي. جيڪي پنهنجي ذاتي ذميوارين کان سواءِ هالا جي ثقافت ۽ گهريلو هنرن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ يا زنده رکڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي. ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اداري نه سندن همت افزائي ڪئي آهي نه ساڻن ڪو سهڪار ڪيو ويو آهي ۽ نه اُنهن کي نئين ۽ جديد دنيا آڏو روشناس ڪرايو آهي. مون تعلقه هالا جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اُنهن جي هٿ جي محنت ۽ همت کي ڏٺو. اهي سخت ذاتي مالي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي هُنر کي زنده رکڻ لاءِ ڪوشان آهن، جيڪو اسان جو قومي ورثو آهي.
[b]تجويزون[/b]
1. هنرمندن کي سرڪار هر ماهه وظيفو ڏي ته جيئن اُهي پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن، ۽ ثقافتي شاهڪار ٺاهيندا رهن.
2. هنرمندن جي علاج معالج جي سلسلي ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي.
3. هالا ۾ هٿ هنر جي سيکارڻ جو سرڪاري سطح تي ادارو کوليو وڃي.
4. هنرمندن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊسپلي ۽ سيل جا سينٽر قائم ڪرڻ فني توڙي مالي مدد ڪئي وڃي.
[b]حــــوالا[/b]
هن مضمون جي تياري ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافتي کاتي ڪراچي پاران ڊاڪٽر نواز علي شوق جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌ جا هُنر“ ۾ شامل هيٺين مضمونن مان مواد کنيو ويو آهي.
1. ’اجرڪ‘ از ممتاز مرزا
2. ’جنڊيءَ جو هنر‘ از خميسو خان وگهامل
3. ’نصرپور جو ناياب هنر‘ از محمد يوسف ابڙو
* ليکڪ جَنڊي جو نامور ڪاريگر آهي. کيس 2006ع ۾ پرائيڊ آف پرفامنس جو صدارتي ايوارڊ به مليو آهي.