اياز گل

Author Name

پنهنجي همعصر شاعرن ۾ نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان سنڌيءَ جي  اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. ھو سچل چيئر جو ڊائريڪٽر پڻ رھيو. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي. اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر ، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ. 
اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون بہ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينہ ڪنول، شازيہ خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي. سندس ڇپيل يا سھيڙيل ڪتابن ۾ ھيٺيان شامل آھن

سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع
گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع
پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع
ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1988
توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع
دک جي نہ پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع
سکر جون يادگيريون (سهيڙيل) 2001ع
پوان شل قبول (تنوير عباسي ءَ تي مقالن جي ترتيب) 2006ع
روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع
مسٽسزم سنڌ اينڊ سچل سرمست، مرتب، 2011ع
ميلي جي تنهائي (شاعري) 2012ع
پنهنجو هيءُ اسڪول (ٻارن لاءِ) 2018ع
خلقڻهار (ٻارن لاءِ) 2018ع
راند روند (ٻارن لاءِ) 2018ع
زنگ لڳل زندگي
رنگن واري دنيا
ننڊ پري (ٻارن لاءِ) 
The Exiled Memory
راند روند (ٻارن لاءِ) 2018ع

اياز گُل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن. گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اياز گل جا ڪُل 8 ڪِتاب موجود آھن


اياز گل جا ڪتاب

ڏينهن ڏٺي جا سپنا، ليکڪ : اياز گل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏينهن ڏٺي جا سپنا
ليکڪ : اياز گل
توبن ڪهڙا ڇانورا، ليکڪ : اياز گل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
توبن ڪهڙا ڇانورا
ليکڪ : اياز گل
ميلي جي تنهائي، ليکڪ : اياز گل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ميلي جي تنهائي
ليکڪ : اياز گل
سوچون سرھا گل، ليکڪ : اياز گل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سوچون سرھا گل
ليکڪ : اياز گل
پوان شل قبول (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مقالا ۽ مضمون)، مُرتب : اياز گل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پوان شل قبول (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مقالا ۽ مضمون)
مُرتب : اياز گل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ