اياز گل
پنهنجي همعصر شاعرن ۾ نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان سنڌيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. ھو سچل چيئر جو ڊائريڪٽر پڻ رھيو. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي. اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر ، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ.
اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون بہ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينہ ڪنول، شازيہ خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي. سندس ڇپيل يا سھيڙيل ڪتابن ۾ ھيٺيان شامل آھن
• سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع
• گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع
• پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع
• ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1988
• توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع
• دک جي نہ پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع
• سکر جون يادگيريون (سهيڙيل) 2001ع
• پوان شل قبول (تنوير عباسي ءَ تي مقالن جي ترتيب) 2006ع
• روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع
• مسٽسزم سنڌ اينڊ سچل سرمست، مرتب، 2011ع
• ميلي جي تنهائي (شاعري) 2012ع
• پنهنجو هيءُ اسڪول (ٻارن لاءِ) 2018ع
• خلقڻهار (ٻارن لاءِ) 2018ع
• راند روند (ٻارن لاءِ) 2018ع
• زنگ لڳل زندگي
• رنگن واري دنيا
• ننڊ پري (ٻارن لاءِ)
• The Exiled Memory
• راند روند (ٻارن لاءِ) 2018ع
اياز گُل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن. گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل