رسول ميمڻ

Author Name

نـاميـاري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پـورو نالـو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن 1 جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. سندس پرائمريءَ کان ڪاليج تائين جي تعليم سکر شهر ۾ ئي ٿي. هن مئٽرڪ جو امتحان 1969ع ۾ پاس ڪيو. 1978ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، 1981ع ۾ شڪارپور جي مشهور راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1982ع کان 1983ع تائين سکر سول اسپتال ۾ ساڳئي عهدي تي رهيو. 1983ع کان 1990ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو. 1991ع ۾ لاهور مان ’ڊپلوما ان ڪلينيڪل پيٿالاجي ڪيائين، 1992ع ۾ موٽي اچي سول اسپتال سکر ۾ پيٿالاجسٽ ٿيو. 1998ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ GPMS ڪراچيءَ ۾ ’هسٽوپيٿالاجي‘ (Histopathology) ۾ ايم. فل لاءِ داخل ٿيو ۽ 2000ع ۾ هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم. فل ڪيائين. 2000ع کان  ڪياماڙي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ رھيو.
رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر 1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن وقت تائين ســندس ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪــتاب: (1) ’امن جي نالي‘ (ڪھاڻيون: 1977ع)، (2) ’ڪـافـر ديــوتا‘ (1979ع)، (3) ’چـچـريل زندگين جا قافلا‘ (1981ع)، (4)  ’ابابيل جي آخري اڏام‘  (علامتي ڪهاڻيون: 1993ع)، (5) ’فونو‘ (2010ع)، (6)  سونو ڏند‘  (ڪهاڻيون: 2012ع)  (7)  ’حليمان‘  (ڪهاڻيون: 2013ع)، (8)  ’قالو بلا‘  (ناول: 2013ع)، (9)  ’نجومي‘  (ناول: 2014ع) (10)  ’اوڻويھ عورتون‘  (ناول: 2017ع)  ڇپيل آهن..  ان کانسواءِ هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’اُوشا جي آشا‘ (1979ع) ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن بابت ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ (1988ع) پڻ ڇپيل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رسول ميمڻ جا ڪُل 33 ڪِتاب موجود آھن


رسول ميمڻ جا ڪتاب

عشقَ جو آسيب، ليکڪ : رسول ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
عشقَ جو آسيب
ليکڪ : رسول ميمڻ
سونو ڏند، ليکڪ : رسول ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سونو ڏند
ليکڪ : رسول ميمڻ
اوڻويههَ عورتون، ليکڪ : رسول ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اوڻويههَ عورتون
ليکڪ : رسول ميمڻ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ