ڪلا پرڪاش

سنڌ ۽ هند جي نامور ڪھاڻيڪارہ ۽ ناول نگار ڪلا پرڪاش 2 جنوري 1934ع تي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پارومل چانڊواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هرديوي گرلس اسڪول ڪراچيءَ ۾ پرائي. ورهاڱي بعد سنڌ جي ٻين هندن سان گڏ هيءَ خاندان بہ متاثر ٿي پنھنجي ڌرتيءَ کان ڌار ٿيو، وڃي هند وسايو. هن بقايا تعليم هند ۾ حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ ڪي.جي کلناڻي اسڪول مان ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۾ جئہ هند ڪاليج بمبئي مان ۽ ڊي. ايڇ. اي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. ڪلا، 1954ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب موتي پرڪاش سان شادي ڪئي، جنھن مان ’شريڪانت صدف‘ جھڙو شاعر سنڌي ادب جي حصي ۾ آيو.
هن لکڻ جي شروعات 50ع واري ڏهاڪي کان ڪئي، هن شروعاتي دور ۾ ڪھاڻيون لکڻ سان ادب ۾ پير پاتو، پر پوءِ جلد ئي هن ناول لکڻ شروع ڪيا. سندس ڪھاڻين توڙي ناولن جا موضوع سماجي ئي رهيا، سندس رَچنائن ۾ احساسن جي اُپٽار ڏاڍي سھڻي نموني ٿيل ڏسجي ٿي. سندس هن وقت تائين ڪھاڻيون، ناول، شاعري، سفرناما ۽ مضمونن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان ڪيترائي سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هيءَ هند توڙي سنڌ ۾ اوتري ئي مقبول آهي، 

سندس ڇپيل ڪتابن ۾:

’ڏوهي بيڏوهي‘ (ڪھاڻيون: 1953ع)، ’هڪ دل هزار ارمان‘ (ناول: 1957ع)، ’ممتا جون لھرون‘ (نثري نظم: 1963ع)، ’شيشي جي دل‘ (ناول: 1970ع)، ’هڪ سپنو سُکن جو‘ (ناول: 1971ع) ’مُرڪ ۽ ممتا‘ (ڪھاڻيون: 1973ع)، ’حياتي هوتن ريءَ‘ (ناول: 1980ع)، ’هينئڙي منجهہ هُرن‘ (سفرنامو: سنڌ ۾ ڇپيل 1987ع)، ’وقت وٿيون ۽ وڇوٽيون‘ (ناول: 1988ع)، ’آرسيءَ آڏو‘ (ناول: 1992ع)، ’وارن ۾ گُل‘ (ڪھاڻيون: 1993ع)، ’پيار‘ (1997ع)، ’پکن جي پريت‘ (1998ع)، ’ممتا جون لھرون‘ (حصو ٻيو_نثري  نظم: 2006ع)، ’سمنڊ ۽ ڪنارو‘ (ناول: 2006ع)، ’انتظار‘ (ڪھاڻيون: 2007ع)، ’اوکا پنڌ پيار جا‘ (ناول: سنڌ ۾ ڇپيل 2010ع) شامل آهن.

ڪلا پرڪاش مختلف عهدن تي رهي بہ عام ماڻھن جي خوب خدمت ڪئي آهي، هوءَ 1954ع کان 1971ع تائين ڀارت سرڪار جي مرڪزي کاتي ۾ آڊيٽر رهي، ان کانپوءِ آر. ڪي تلريجا ڪاليج اُلھاس نگر، مھاراشٽر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر ۽ 1980ع کان 1983ع تائين دبئي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس پڻ رهي چُڪي آهي. ڪلا پرڪاش 5 آگسٽ 2018ع تي اسان کان وڇڙي وئي.


1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image