عثمان راهوڪڙو
مشھور صحافي، محقق ۽ شاعر عثمان ولد احمد راهوڪڙو 01 جون 1966ع تي ڳوٺ متو راهوڪڙو، ضلعي بدين ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جمالي ڦڙدو ۽ اسماعيل راهوڪڙو، جڏهن تہ مئٽرڪ 1984ع ۾ مير غلام محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي، سندس ادبي تخلص ”ستايل“ هو. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هئي. 1991ع کان ڪاوش اخبار جو ٽنڊي باگي لاءِ رپورٽر ٿيو. هو مختلف وقتن تي پريس ڪلب ٽنڊي باگي جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر رهيو. هو صحافين جي ضلعي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيم ايوان صحافت ۾ ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر بہ رهيو. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي شاخ جو سيڪريٽري، سگا ٽنڊي باگي جو جنرل سيڪريٽري ۽ ايريا واٽر بورڊ بدين جو 2009ع کان 2014ع تائين ميمبر رهيو. هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو.
سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن، ڇپيل ڪتابن ۾: سُڪو سنڌوءَ ڪنارا رُنا (نثر ۽ شاعري: مارچ 2014ع)، مٽيءَ جا مور ماڻھو (خاڪا: فيبروري 2015ع)، سون سريکيون عورتون (تحقيق: 2017ع)، سنڌوءَ ۽ ھاڪڙي جا وھڪرا (تحقيق: 2019ع) شامل آهن. هن گڙدن جي تڪليف سبب حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 27 ڊسمبر 2021ع تي 56 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
- جنم: 1966-06-01
- ورسي: 2021-12-27
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل