شهمير سومرو

Author Name

نوجوان شاعر ۽ فنڪار شهمير سومري جو پورو نالو شھمير علي ولد حاجي علي گل سومرو آهي. هن پهرين آگسٽ 1976ع تي ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) آهي. شهمير سومري شاعريءَ جي شروعات 1993ع کان ڪئي، جيڪا وقت به وقت مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ‘اکڙين جي ڀاڪر ۾’ ۾ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته سندس شاعري سنڌ جي سريلن فنڪارن اقرار وحيد علي، غلام شبير سمي، عاشق نظاماڻي ۽ ٻين پنهنجي آواز ۾ آڊيو البم/ سي. ڊي توڙي ريڊيو تي ڳائي آهي. شهمير سومري جادوءَ جي فن جي شروعات 1989ع ۾ ڪئي. هن سنڌ جي نامياري جادوگر استاد محمد وارث کان جادوءَ جي فن جي سکيا ورتي ۽ 1989ع کان 1994ع تائين پنهنجي استاد سان گڏ پوري سنڌ ۾ ميجڪ شو ڪندو رهيو. 1994ع ۾ استاد جي وفات ٿي، جنهن بعد هي اڪيلي سر ميجڪ شو ڪرڻ لڳو. هن وقت تائين پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن سميت پوري سنڌ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. گڏوگڏ ساڳئي فن ۾ هن پنهنجا ٻه شاگرد طارق حسين جوڻيجو ۽ محمد دائم سومرو پڻ تيار ڪيا آهن.
سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”اکڙين جي ڀاڪر ۾“ 2013ع ۾، ٻيو مجموعو ”جدائيءَ جي جزيري تي“ 2020ع ۾ ۽ ٻارڙن جي شاعريءَ جو مجموعو ”مامو چنڊ“ 2021ع ۾ ڇپيو.
شهمير سومرو هن وقت لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش پذير آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شهمير سومرو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


شهمير سومرو جا ڪتاب

اکڙين جي ڀاڪر ۾، ليکڪ : شهمير سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اکڙين جي ڀاڪر ۾
ليکڪ : شهمير سومرو
جدائي جي جزيري تي، مصنف : شهمير سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جدائي جي جزيري تي
مصنف : شهمير سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ