محمود مغل

Author Name

ڊاڪٽر محمود الحسن مغل 27 نومبر 1961ع تي سيوهڻ شريف ۾ ميان نور محمد مغل جي گهر جنم ورتو.  ڊاڪٽر محمود مغل صاحب حيدرآباد شهر جي ٽرينگ ڪاليج فار مين داخل ٿيو ۽ وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان تعليم پرائي سال 1979ع ڌاري انٽر ميڊيئٽ جو امتحان پاس ڪري سند حاصل ڪيائين ، پاڻ سال 1988ع ڌاري (ايل _ ايم _ سي ) لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري منجهان (ايم _ بي _ بي _ ايس ) جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين.  1982ع کان سنڌ يونيورسٽيء جي فارميسي شعبي ۾ پڙهائيندا رهيا ۽ فزيڪل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر  ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊائريڪٽر طور پڻ پنهنجا فرض نڀايائون. هو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، هو هڪ شفيق استاد بہ آهي تہ بهترين ڪالم نگار پڻ. محمود مغل ڊراما نگار بہ آهي تہ حساس ڪهاڻيڪار بہ آهي. هو ريڊيو جو بهترين ڪمپيئر بہ آهي تہ مڃيل اسٽيج ڪمپيئر پڻ آهي. 1975ع ۾ هن پهرين ڪهاڻي لکي، 1982ع ۾ نصير مرزا کين ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو، 1989ع ۾ ٽي وي تي پهريون پروگرام ڪيائون. 1982ع ۾ ٽي وي لاء پهريون ڊرامو آئيڊيل لکيائون. هن وقت تائين ٽي ويءَ لاء سنڌيءَ ۾ 21 سيريلز سان گڏ 37 سولو ڊراما ۽ ان سان گڏ 27 اردو سيريلز ۽ ڊراما پڻ لکيا اٿس جن ۾  آئيڊيل ، زندگي جو زهر ، موٽي آء ، خوشبوءِ َ ، رشتو ، واپسي، خالي گهر ، وڃايل منزلون ، اڻ ڏنل موسم ، هڪڙي ملندي آهي زندگي ، تنهنجا منهنجا خواب ، لهندڙ سج وڌندڙ پاڇا ، واپسي، جذبا سچين موتين جهڙا ، بخشش، هڪ خوشي جو سوال ، آس نراس جي وچ ۾ ، ٽٽل وجود جو ميلاپ ، ڄاتل آڻ ڄاتل ، شامل آهن . اردو زبان ۾ بہ طبع آزمائي ڪري ڪيترائي ڊراما لکي پنهنجو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اردو ڊرامن منجهان روش، نوري ڄام تماچي ، يادين ، سمجهوتہ ، دل اسي چاهتا هي ، سرگوشيان ، اور نہ ڪهنا ، محبت اب نهين هوگي ، عشق آتش، کلونا ، اڌورا پن ، تيري آجاني سي ، رشتي ناتي ، انگاري ، ۽ ٻيا شامل آھن .
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪھاڻين جا مجموعا ”ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون“، ”تو سنگ تو بن ڏينھڙا“، ”زيب النساء (طويل ڪھاڻي)“ ۽  ”محبتن جو شھر ٻڙي ميل“ شامل آھن. ناولن ۾ ”هٿ ريکائن کان خالي“ ، ”سرءَ“ ، ۽  ٻہ ترجمو ڪيل ناول ” اسين جيئرا آهيون“ سال 1996ع ۽ ٻيو ”جون آف آرڪ“ سال 1997ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪاوش ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو ”خواب نگر“ پڻ ڇپيل آهي.  ڊاڪٽر محمود مغل سنڌي فلمن جي سفر ۽ تاريخ تي ھڪ دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ پڻ لکيو آھي جيڪو EFT پاران ڇپايو ويو آھي.
 پاڻ 30 چونڊ ڊراما سھيڙي پنجاھ سالن جي سنڌي ڊرامن جي سفر تي هڪ تفصيلي اداريو لکيو آهي.  هن 100 نامور فنڪارن ، شاعرن ، فنڪارائن ، موسيقارن جي زندگي جو احوال قلم بند ڪري سنڌو ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپرايو آهي. سنڌ جي هن بهترين ڪھاڻيڪار ، ڊرامانگار ، ڪالم نگار ، ڪمپيئر کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور ڪيترن ئي ايوارڊن سان جهڙوڪ بهترين ڪهاڻيڪار طور (سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ سال 1987ع، بهترين ريڊيو ڪمپيئر ايوارڊ سال1997ع ، بهترين ريڊيو ڊراما ليکڪ ايوارڊ سال 1997ع ، بهترين ٽيليويزن ڪمپيئر ايوراڊ سال 1999ع سان نوازيو ويو آهي. جڏهن تہ 2013ع ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏنو ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محمود مغل جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


محمود مغل جا ڪتاب

زيب النساء، ليکڪ : محمود مغل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
زيب النساء
ليکڪ : محمود مغل
محمود مغل جون ڪھاڻيون، ليکڪ : محمود مغل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
محمود مغل جون ڪھاڻيون
ليکڪ : محمود مغل
ھٿ ريکائن کان خالي، مصنف : محمود مغل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ھٿ ريکائن کان خالي
مصنف : محمود مغل
ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل يادون، مصنف : محمود مغل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل يادون
مصنف : محمود مغل
سنڌي چونڊ ڪھاڻيون  (1989-2000)، مصنف : محمود مغل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي چونڊ ڪھاڻيون (1989-2000)
مصنف : محمود مغل
تو سنگ تو بن ڏينھڙا، ليکڪ : محمود مغل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تو سنگ تو بن ڏينھڙا
ليکڪ : محمود مغل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ