انجم قاضي

نامور  شاعر انجم قاضي جو اصل نالو  دين محمد قاضي آھي. ھن 15 فيبروري 1974ع تي گل حسن قاضيءَ جي گهر، نئون ديرو ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.  ھن شعر لکڻ جي شروعات 95-1994ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس پھريون استاد ’قاضي مقصود گل‘ ۽ پوءِ ’علي دوست عاجز‘ ۽ ’غلام نبي گل‘ رھيا آھن. سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني، رسالن، مئگزين، اخبارن ۾ سندس لکيل صنفون: غزل، وائي، بيت، نظم، ڏيڍ سٽا ۽ ھائيڪا وغيرہ ڇپيا آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ : 1. ڳوڙھو ڳوڙھو سوڳ ۾  (شاعري)، 2.نئون نئون مڌ آ (گڏيل شعري مجموعو ). 3. اوجاڳن جا عڪس (شاعري) شامل آھن.

  • جنم: 1974-02-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image