آفتاب ميمڻ

ناميارو ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ، 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شھر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر جنم ورتو. ھن ٻارهن سالن جي عمر ۾ لکڻ جو آغاز ’خادم وطن‘ اخبار ۾ لکڻ سان ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪاليج مئگزين ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون لکڻ سان گڏ مئگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. 1963ع ۾ پيٽارو مان پاس آئوٽ ڪرڻ بعد مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري 1973ع ۾ ورتائين. 1981ع ۾ ايل. ايل. بي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن، بزنيس ايڊمنسٽريشن ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ ڊپلوما ڪرڻ بعد پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1979ع ۾ سي. ايس. ايس جو امتحان ڏنائين، جنھن ۾ سنڌ ۾ پھريون نمبر آيو ۽ ڊي. ايم. جي گروپ ۾ نوڪري ڪيائين. ڪجهہ وقت پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ۾ جي سانگهڙ، نوابشاھ، دادو ۽ ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. پاڻ سنڌ حڪومت ۾، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، ايگريڪلچر، انفارميشن ۽ وومين ڊيولپمينٽ جي ادارن جو سيڪريٽري رهي چڪو آھي. آفتاب احمد 1972ع ۾ پھريائين ‘شاگرد’ ۽ پوءِ ‘پرھہ ڦٽي’ جي نالي سان رسالا نذير عباسيءَ سان گڏ ڪڍيا جن جا ٽي پرچا ڇپيا تہ رسالي تي پابندي پئجي وئي. ‘کاھوڙي کجي’ جي سري سان 1989ع ۾ ‘عوامي آواز’ ۾، ‘هڙڪ ھلو ۽ نيٺ تہ ڊھندي’ جي سري سان ‘سوڀ’ ۾ ڪالم لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘هر پل صليب تي’ (2010ع)، ‘نيل نديءَ ڪناري’ (2011ع)، (3) ‘نيٺ تہ ڊھندي’ (2012ع)، ۽ (4) ‘قابل رحم قوم’ (اردو: 2014ع) ۾ شايع ٿيا آھن. سندس ڪتاب ‘نيل نديءَ ڪناري’ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران بھترين سفرنامي جو اوارڊ ڏنو ويو

  • جنم: 1950-06-19
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image