ڪالم / مضمون
هر پل صليب تي
آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي. ”هر پل صليب تي“ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
- 5.0/5.0
- 1947
- 543
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هر پل صليب تي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي. ”هر پل صليب تي“ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
هي ڪتاب 2010ع ۾ مهراڻ پبلشرز، ڪراچي پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم نديم احمد سولنگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون آفتاب ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ آفتاب ميمڻ
- ڇپيو ويو 2010
- ڇپائيندڙ مهراڻ پبلشرس، ڪراچي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 08/Dec/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 543 ڀيرا