جڏهن نواز شريف کان رينجرس اخبار کسي
عوامي آواز- 21 نومبر 1999ع خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايل آهي ته 12 آڪٽوبر کانپوءِ حڪومت جي تبديلي ۽ نواز شريف جي نظربندي ۽ گرفتاري کانپوءِ اڄ جڏهن هو سرڪاري وڪيل جي بيان جي موقعي تي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پهتو ته وڪيل کيس اخبار ڏني جنهن سان کيس چاليهه ڏينهن کانپوءِ پاڪستان ۽ دنيا جي باري ۾ ڪجهه معلومات ٿي. ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جڏهن واپسي لاءِ کيس بڪتربند گاڏيءَ ۾ سوار ڪيو پي ويو ته رينجرس وارن کانئس اخبار ڦري ورتي.
هن اخبار ۾ نواز شريف ۽ جهاز اغوا جي ٽن ٻين مک ملزمن سيد غوث علي شاهه، شاهد خاقان عباسي ۽ ڊي جي سول ايويئيشن جي عدالت ۾ پيشيءَ جو ذڪر ڪندي لکيل هيو ته 20 تاريخ تي به نواز شريف اُهي ئي ڪپڙا پاتا هئا، جيڪي 19 تاريخ تي کيس پهريل هئا.
سي اين اين جي حوالي سان ذڪر هيو ته 19 نومبر تي جڏهن نواز شريف کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري رهيا هئا ۽ هڪ موقعو ته اهڙو آيو جو ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اهو اوڇنگارون ڏئي روئڻ وارو آهي. سندس بي وسي جو ذڪر ڪندي وڌيڪ چيو ويو ته هو جيئن ئي عدالت ۾ داخل ٿيو ته پنهنجي وڪيل کان پڇا ڪيائين ته ”ڪٿي ويهان؟“
ثبات آهي هُن ذات باري کي جنهن هي مانڊاڻ خلقيو آهي. تمام قوت ۽ طاقت آهي هُن لازوال کي جو جهانن جو ڌڻي آهي. جو خوردبينيءَ جيو کان وٺي عفريتن ۽ ديون جو پاليندڙ آهي. جنهن جي عظمت ۽ بزرگي ڏينهن جي روشنيءَ ۽ رات جي تاريڪيءَ جي مرهون منت ڪونهي. هو ئي آهي جو بي نياز آهي. هُن سبحان جي ساراهه لاءِ تمام دنيا جا سمونڊ جي مس ٿي وڃن ۽ تمام نباتات قلم بڻجي وڃن ته به سندس پاڪيزگي، قوت، هيبت ۽ بزرگي بيان نٿي ڪري سگهجي.
بيان آهي ته ذات باري جي اسماءِ مبارڪ (جي ڪافي بيان ڪيل آهي پر مستند روايت 99 جي آهي) ۾ سندس صفتون ۽ وڏايون بيان ڪيل آهن. هن گناهگار ۽ خاڪ نشين جي نه ته حيثيت آهي نه ئي کيس جرئت ڪرڻ جو جواز آهي پر پڙهيو اٿم ته اسم اعظم به رب الجليل جي پاڪ نالن جي مخفي آهي. سندس پاڪ نالا سندس وصفون آهن ۽ هڪ گروهه مطابق ڇو ته روح لازوال هن مٽيءَ جي پتلي ۾ ڦوڪيل آهي، تنهن ڪري سندس پاڪ صفتن جي ڪابه هلڪي جهلڪ هو پنهنجي مخلوق ۾ ڏسي ٿو ته کيس پسند آهي. رحم، ڪرم، لطف مهرباني، عزت، مصوري، نگهباني، سخاوت، معاف ڪرڻ سڀ سندس ئي وصفون آهن ۽ رڳو کيس جڳائين ٿيون. پر جڏهن خاڪي انسان ڪنهن به اهڙي عمل ۾ آهي جو فقط سندس ئي وصف لاءِ مخصوص آهي ته ذات باري کي پسند ٿو اچي.
پر هڪ وصف اهڙي آهي جو الله تبارڪ تعاليٰ تمام اوصاف جو ڌڻي هوندي به انهيءَ وصف کان محروم آهي. اُها آهي ”عاجزي“. ذات پاڪ ته عاجز ڪونهي ۽ عاجزي کان بالا آهي. هڪ اهڙي وصف آهي، جيڪا فقط ۽ فقط ذات پاڪ جي صفت آهي. ذات پاڪ ”متڪبر“ آهي. ”تڪبر“ ۽ وڏائي رڳو کيس ئي سونهي. کيس انسانن ۾ جو سڀ کان وڌيڪ پسند آهي سا آهي ”عاجزي“ ۽ جو سڀ کان ناپسند آهي (ٿوڙي جو اهو سندس ذات پاڪ جو پرتو آهي) سا آهي ”تڪبر“.
هي بيان ۽ روايت ان ڪري ياد آيم ته نواز شريف جي گرفتاري تي سي اين اين جو بيان ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، تنهن مون کي وزيراعظم نواز شريف جي فيصل آباد جي هڪ عام جلسي جي ياد ڏيارائي. نواز شريف حڪومت جا شروع جا ڏينهن هئا. طاقت ۽ اقتدار جي الوٽ نشي ۾ مست. فيصل آباد ۾ وزيراعظم جي هڪ کلي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن مسلم ليگي ڪارڪن ڪن آفيسرن جي شڪايت ڪئي. وزيراعظم هڪدم انهن ٻن آفيسرن کي مجمعي ۾ کڙو ڪرايو ۽ سخت ڳالهائڻ کانپوءِ حڪم ڪيائين ته کين هتي جو هتي هٿڪڙيون لڳائي گرفتار ڪيو وڃي. هڪ آفيسر لاءِ چيو ٿو وڃي ته نه صرف هو بيگناهه هيو پر هن مجمعي ۾ رڙيون ڪيون ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيائين ته ”ميان صاحب! خوف خدا ڪريو. الله جي پڪڙ ۾ دير آهي پر انڌير ڪونهي.“ توهان کي ياد هوندو ته انهيءَ ساڳئي خبر جو تنهن وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب سجاد علي شاهه نوٽيس ورتو. نه صرف نوٽيس ورتو پر گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيائين ۽ وزيراعظم طرفان بنا تحقيق جي صوبيدارن وارو ڪم ڪرڻ تي انهي عمل کي سندس عهدي سان مطابقت نه رکڻ وارو عمل قرار ڏنائين. گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اُهو عزت دار انجنيئر انهي واقعي کانپوءِ ٿوري ئي وقت ۾ دل جي تڪليف ۾ گذاري ويو.
اڄ نواز شريف ٻن ڏينهن کان ساڳيو جوڙو پيو پائي ٿو. ڪروڙن جي هڪ واچ وٺندڙ ارب پتي اڄ هڪ عام جوابدار آهي. انهيءَ انجنيئر جهڙا ته الاجي ٻيا ڪيترا واقعا آهن. اسان جو حڪمران طبقو طاقت ۽ اقتدار جي نشي ۾ اهڙو ته مست ٿي ويندو آهي جو خوف خدا ڇڏايو وڃيس. اڪيلو نواز شريف ڪونهي. هي تڪبر، هي تفاخر، ڪاميابي جو نشو، بڻ بنياد جو نشو ۽ ڇساڻ هن ملڪ جي حڪمرانن جي شايد لازم خاصيت آهي. ڪاش …… اي ڪاش! هو سمجهن ته …… آهي نانءُ الله جو……
(عوامي آواز، 25 نومبر 1999ع)