کاهوڙي
ميمڻ صاحب ۾ وڻندڙ خوبي اها آهي ته سرڪار جي ذميوار عهدن تي هوندي به قاعدن، قانونن ۽ ضابطن جي قيد ۾ رهڻ جي باوجود هميشه دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي اوبلائج ڪندو رهندو آهي. نه رڳو ايترو پر بي يار و مددگار ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي ۽ دلي راحت محسوس ڪري ٿو سندس سٺي آفيسر وارين خوبين کان ته هر هڪ واقف آهي هر ڪنهن کي ادا، سائين ۽ ڀاءُ سڏي نياز ۽ نوڙت رکندڙ آهي.
سندس ڪالمن جو مجموعو ”هر پل صليب تي...“ پڙهڻ کانپوءِ سندس ادبي صلاحيتون ۽ منجهه موجود مزاحمتي سگهه نکري نروار ٿي سامهون آئي آهي. يقيناً محترم آفتاب ميمڻ جهڙو درد ۽ حساس دل رکندڙ شخصيتون قومن جو اثاثو آهن ۽ انهن جي تخليق سماج لاءِ نوان گَس قائم ڪري ٿي. پنهنجي ڪتاب ۾ محترم آفتاب ميمڻ جي مختلف ڪالمن ۾ پنهنجي اندر جو آواز ڪڍيو آهي، اُتي هن ”ٻين اکرن ۾“ ڄامشورو جي من موهڻي جو ذڪر به ڇيڙي وڌو آهي. ڀاءُ آفتاب ميمڻ حُسن جي بارگاهه ۾ سوين سجدن واري ذڪر سان گڏ ”شهر بانو“ ۾ اسان جي سماج جو ڀوائتو پاسو به ڏيکاريو آهي.
”شهربانو“ جيتوڻيڪ ويهه ورهيه اڳ لکيو ويو آهي پر اڄ به اسان جو سنڌي معاشرو ڪوڙهه واري مرض ۾ وڪوڙيل نظر اچي رهيو آهي.
20 سال اڳ ميمڻ صاحب مورو جي شهربانو جو قصو بيان ڪري غيرت جي نالي ۾ قائم بي غيرتي واري تصوير کي ننديو آهي. شهر بانو سوا صفحي تي لکيل درد ڪٿا آهي. پر جيڪڏهن اُن تي غور ڪجي ته اُن ۾ صدين جا سور سمايل آهن ۽ اهو چٽو آهي ته اسلام جي اچڻ کانپوءِ به اسان وٽ غلامي جو تصور ختم نه ٿيو آهي. فرق رڳو اهو آهي ته اڳ ۾ عورتون ۽ مرد غلام بڻايا ويندا هئا پرهينئر رڳو عورتون غلامي واري غيرت جي زندان ۾ قيد آهن. جتي کين پنهنجي مرضي سان ساهه کڻڻ جي به اجازت ڪونهي.
آفتاب ميمڻ اهڙي معاشرتي مرض تي قلم کڻي ان ۾ سڌي ريت پوليس ۽ رياستي نظام جي ڪردار کي به وائکو ڪيو آهي.
”شهربانو“ مان جناب آفتاب ميمڻ جي اندر کي پسي سگهجي ٿو. آفتاب ميمڻ جي اندر ۾ موجود انقلابي سوچ، ڏکڻ آفريڪا جي هيرونيلسن منڊيلا تي لکيل ڪالم مان پڻ جرڪي ٿي. ”راڪاس ۽ پريون“ ۾ اهڙي ڪوهه ڪاف جي تمنا ٿو ڪري جنهن ۾ رڳو نازڪ نرمل، سهڻيون من موهيڻون حسين پريون هونديون. ڪو راڪاس نه ايندو. ديو جو پاڇو نه پوندو. ڪو جن ڀوت نه ايندو. ”راڪاس ۽ پريون“ ۾ آفتاب ميمڻ صاحب لفظن جي جادوگري سان پنهنجي اندر جي احساس کي اظهار واري منزل ڏيکاري آهي.
هو پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهڻ تي ويساهه رکي ٿو، کيس لڪير جو فقير پسند نه آهي. يقيناً ارڏو ۽ اڙ دل انسان هر دؤر ۽ هر حال ۾ ويرين سان وڙهندو رهي ٿو ۽ هي سهڻين ۽ نازڪ پرين واري ديس ۾ ڀوائتن ديون جي وجود کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پر اميد آهي ته جيڪڏهن هي پاڻ نه ته سندس ايندڙ نسل هي ڪوڙا ڪاڪ محل ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا.
آفتاب کي يقين آهي ته ڌرتي ماءُ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ لکين هزارين ڪونڌرن پنهنجي جانين جا نذرانه ڏنا آهن. ڪيترائي هوشو، هيمون، سقراط، برونو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو مٽي ماءُ تان ساهه صدقي ڪري ويا ۽ ڪارونجهرن جي مورن جيان اڃايل جيجل ماءُ لاءِ اڃا به ڪئي ڪونڌر ڪسندا رهندا ۽ اُڦ به ڪونه ڪندا.
ادا آفتاب جي ڪالمن تي ٻڌل مجموعو سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهي.
پر هڪ ڳالهه آءٌ ضرور چوندس ته مون کي ڀاءُ آفتاب بابت اها ته خبر هئي ته سنڌي لکڻي ۽ ڊرافٽنگ سٺي آهي پر سندس ڪتابي مجموعو لکڻ واري پوشيده صلاحيت جي خبر هي منجهس ڪالمن جو مجموعو ڏسڻ بعد خبر پئي.
سندس ڪالمن تي ٻڌل ڪتابي مجموعو سنڌي ادب ۾ تمام سٺو اضافو آهي. جيڪڏهن معمولي قسم جي پروف جي غلطين کي نظر انداز ڪجي ته 199 صفحن تي ٻڌل ڪتاب نيئن نسل لاءِ املهه موتي ثابت ٿيندو.
مان اها اميد ڪريان ٿو ته آفتاب پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي سماج جي سڌاري ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائيندو رهندو.
اسان وٽ سٺو لکندڙن جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ شوق ۾ لکندڙ سائين جي طبع آزمائي جي ڪري ماڻهن جو لکيل مواد پڙهڻ تان ويساهه کڄندو پيو وڃي تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميمڻ صاحب جهڙن سٺن ۽ سلڇڻن ليکڪن جي همت افزائي ڪري منجهن اتساهه پيدا ڪيو وڃي ڇو جو اڄ جو سماج کي ريتن ۽ رسمن جو ڪٽ چڙهي ويو آهي جيڪو ڪوڙهه جي مرض وانگر سنڌي سماج کي کوکلو ڪري رهيو آهي.
سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ ڀاءُ آفتاب جهڙي جاکوڙي ماڻهن کي اڳتي وک وڌائڻي پوندي.
اوهان جو مخلص
قاضي اسد عابد