اڌ گابريون ڳالهيونI-
هي جو الائي ڇا هيو؟ الائي ڇا آهي؟ شڪ، وهم، وسوسو ۽ بي يقيني ڀانيو ٿا ته منفي عمل آهي. نه اصل نه. هي شڪ ۽ بي يقيني بذات خود منفي تحريڪ نه آهي. هي ڪيفيت ته انسان جي زندهه هئڻ ۽ باعمل هئڻ جي اولين شرط آهي. جي شڪ ۽ ”ڇا“ جو وجود نه هجي ها! ته ابن آذر تارن ۽ پوءِ چنڊ، پوءِ سج ۽ وري پوءِ مانڊاڻ جي منڊيندڙ کي ڳولي نه لهي ها، هي ڇو؟ ڇا؟ ڪيئن؟ جڏهن جستجو ۽ عمل پيهم هم مزاج ٿين ٿا تڏهن ئي ذهن جا دريچا کلن ٿا.
هي ته ٿيون ڳالهيون ۽ اپٽار – ڇڙي اپٽار به آهي ته هڪ رنگ به آهي. اچون اصل ڳالهه ڏي – ٻه ٽي مسئلا هيا جي پوين ڏينهن ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سرفهرست رهيا.
بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي احتساب ڪيس ۾ سزا، بينظير ڀٽو جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيل اپيل جو رد ٿيڻ، محترمه بينظير ڀٽو جي طرفان احتساب عمل کي يڪطرفو ۽ جانبدار قرار ڏيڻ، محترمه طرفان ڪڏهين ملڪ اچڻ ۽ ڪڏهين نه اچڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ پيپلزپارٽي طرفان يا پاڪستان عوامي اتحاد طرفان ڪنهن به قسم جي تحريڪ يا رد عمل ۾ ناڪامي، محترمه طرفان زرداري صاحب کي سياست مان پاسي ڪرڻ جو اشارو، زرداري صاحب جو بيان ته هو هڪ سپاهي آهي ۽ رهيو آهي ۽ صرف ڪمانڊر جي حڪم جو تابع آهي. سوال هي آهي ته ڇا پاڪستان جو عوام محترمه ۽ سندس ساٿين کي بي قصور سمجهي ٿو ۽ جي ائين آهي ته پوءِ ڪنهن موثر تحريڪ يا رد عمل ۾ ڪهڙو امر مانع آهي يا هن ملڪ جو عوام حڪمران طبقي جي استحصال، شاه خرچين، بداعمالن ۽ سڀ کان وڌيڪ غرور ۽ فرعونيت کان بيزار آهي. سچ ته هي آهي ته هن ملڪ جي عوام سان ايتري ته ويڌن ٿي آهي، ويساه گهاتي ٿي آهي جو عام ماڻهو ڪنهن به اقتدار، جي گهاٽين ۾ گهمندڙ ڌر کي پنهنجو نٿي سمجهي. جي بينظير آئي ته ڇا؟ جي نواز شريف آيو ته ڇا؟ گهر پوءِ به ڀريندا جي نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي جي درن جا دادلا هوندا يا جي لاهور ۽ پنڊيءَ جا ساکي هوندا. جي کڻي سرڪاري انگ اکر مڃجن ته به ووٽ ڏيندڙ ٽيهه سيڪڙو کان به گهٽ وڃي ٿيا. احتساب جو عمل ڀل يڪطرفو ۽ جانبدار هجي. ڪير ته آخر ڪڏهن حساب ڪري. جتي ڳڻيل 285 يا 287 چوٽي جا ڪامورا ۽ سياستدان پاڻ ۾ ويجها عزيز هجن، يعني نانيءَ رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا. اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته جن وٽ سائيڪل ڪو نه هوندي هئي. اهي بي ايم ڊبليو ۽ لينڊ ڪروزر ۾ چڙهيو گهمن ٿا. جي روڊ ٺهن ته به ڀلي صرف هڪ وڏيري جي زمين تائين ڇو نه ويندو هجي، ڪروڙ رپيا ڀلي خرچ ٿين. پرائمري اسڪول هجي توڙي بنيادي صحت جو يونٽ هجي توڙي پيئڻ جو صاف پاڻي هجي. ملي انهن کي ٿو جي هم نوا ۽ حاشيه بردار هجن ٿا، ترقياتي ڪمن ۾ ترجيحات جي اهڙي وتائي واري وَٽَ جو رواج هلي پيو آهي جو ڀلي ٽنڊي باگي کان جهڏي (وايا پنگريو) ۾ گوڏي جيڏا کڏا هجن ڪو پڇڻ وارو ڪونهي باقي عالمي بئنڪ جي قرض تي نئين سر ُڦير گهير ڪري ساڳيو پنڌ ڀل وڌائجي پر نئون روڊ ٺاهجي. شڪر جو حيدرآباد ۽ ڪراچي واري سپر هاءِ وي کي ئي وڌائي ويڪرو ڪري ڪجهه ٻيون لينون ٺاهي ڏيڻ جو پروگرام رٿيو آهي نه ته پهريائين ته اسي ميل وڌيڪ فاصلو هجي ته به پرواهه ناهي.
اڄ جي محترمه تي ڪيس آهن ۽جي محترمه ۽ سندس پارٽي نواز شريف صاحب ۽ سندس ساٿين جي خلاف 35 ريفرنس داخل ڪيا آهن ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. ڀلا ڪيستائين رڳو تپيدار ۽ آبدار پنجاهه رپين جي رشوت ۾ ٻڌبو. حساب ته هر ڪو ڏي نه. هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو آهي جو وزيراعظم، وزراءِ اعليٰ، وزير، مشير، سيڪريٽري، ڪامورا ۽ ويندي فوجي آفيسر جن ۾ نيوي جو سپھ سالار به شامل آهي احتسابن جي عمل ۾ لڙهي ويا آهن. احتساب ڪرڻ وارا فرشتا ڪو نه آهن. الاهي تاريڪ گوشا به هوندا، ذاتي عناد به هوندا ۽ آهن پر هن عمل جو جاري ٿيڻ ۽ جاري رهڻ تمام ضروري آهي. نيٺ اهڙو وقت به ايندو جو اهو ئي عمل وقت جي ڇاڻيءَ ۾ ڇڻي شفاف ٿيندو. پري ڇو وڃون هندستان ته پاسي وارو ملڪ آهي. اهو لالو پرشاد يادو. اها جيئي لليتا وزيراعليٰ هيا، اهڙا ڪيئي وزير هندستان ۾ رهيا آهن جن چند سالن ۾ پنهنجي بدديانتي ۽ ڪرتوتن جو حساب ڏنو آهي.
جڏهن ڪو عمل نئون ايندو آهي ته سُڪن سان گڏ آلا به سڙندا آهن، ماڻهو ذاتي عناد جو به حساب وٺندا آهن. ڪي زيادتيون به ٿيون هونديون، پر ملڪ جي استحڪام لاءِ، قوم جي ڀلائي لاءِ ۽ عام ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته خود مختيار ادارا هجن جي ڇنڊڇاڻ ڪن. تحقيق ڪن. حساب ڪتاب ڪن ته نه ڪو ڪامورو ڇڙواڳ ٿئي نه ئي اولمپيا پهاڙ جي چوٽي تي ويٺل برهمڻ حڪمران طبقو هن ملڪ کي پنهنجي جاگير، ادارن کي ذاتي ملڪيت ۽ عوام کي پنهنجو ڪڙمي سمجهن.
وقت لڳندو انهيءَ کي پر نيٺ ته ڊهندي. هي ڪاڪ. وقت جي ضرورت آهي. ماڻهن جو حق آهي ته هي بادشاهه ۽ شهزادن جو تسلط ختم ٿئي. هي پرين ۽ شهزادين جي ڏند ڪٿائن جو زمانو ڪونهي. هر ماڻهو کي ٻه چٽيون روشن اکيون ۽ ٻه ڪن آهن، جو ڏسي ٿو. ٻڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو. جي ڪڏهين اسان جو مراعات يافته طبقو سمجهي ٿو ته نه ئي سج لهڻو آهي نه ئي ماڻهو ڏسن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته هو ڀليل آهن، جن ادارن جا رکوالا ٿي هو انهن ئي ادارن جي مفادن تي راتاها هڻن ٿا سا سڀ ڪنهن کي خبر آهي، فرق صرف هي آهي ته اڄ بک، بيروزگاري ۽ بي عزتي جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا، جو کين ڪو موثر منظم طريقو سمجهه ۾ نٿو اچي سڀان جڏهن سندن صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ته ماڻهو کين سندن محلن مان گهلي ڪڍندا. هي بي ايم ڊبليو، هي لينڊ ڪروزر، هي ڪوڙي شان، هي عوام الناس جي پورهئي ۽ پگهر جي استحصال مان ٺهندڙ بينڪ اڪائونٽ، محل ۽ ماڙيون ڪٿي غريب ۽ بي وس ماڻهن جي غيض و غضب جو نشانو نه بڻجي پون.
خبر اٿو هن غريب ملڪ جي حالت جي ۽ ڪيئن هن مسڪين ملڪ کي لٽيو ويو آهي، ماضي ۽ حال ۾ ڪي ذرو فرق هوندو. دل ٿي چوي ته ڪجهه انگ اکر پيش ڪجن ته ڇا حال آهي. اسان سان ڪنهن ڪهڙي ويڌن ڪئي آهي سا ڳالهه ڪرڻ لاءِ وڏي همٿ کپي. هونئن ته زبان زدعام آهن اهي آکاڻيون، پر ڪالم طويل نه ٿي وڃي تنهن ڪري اهو احوال ٻي قسط ۾.
(عوامي آواز، 27 مئي 1999ع)