ڪالم / مضمون

هر پل صليب تي

آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي. ”هر پل صليب تي“ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1947
  • 544
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هر پل صليب تي

  خودڪشي.... هارا ڪاري

”سنڌ ۾ مهيني اندر 100 ماڻهن پاران خودڪشي. پاڻ ماريندڙن ۾ عورتون به شامل آهن....“
”آپگهات ڪندڙن 70 مرد ۽ 30 عورتون شامل سنڌ جي ٻهراڙين ۾ آپگهات جي واقعن ۾ واڌارو....“
عوامي آواز آچر 4 جولاءِ 1999 عوامي آواز پنهنجي خبر جي تفصيل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته سنڌ پرڳڻي ۾ بيروزگاري، گهريلو مسئلن، جنسي بيمارين، عشق ۾ ناڪامي، زبردستي جي شادي ۽ وسيلا گھٽ هئڻ سبب اڪثر سنڌ واسين زندهه رهڻ بجاءِ خودڪشي ڪرڻ ۽ موت قبول ڪرڻ پسند ڪيو آهي. خودڪشي جي رجحان ۾ اضافو ذهني دٻاءُ جي ڪري به ٿيو آهي.
اڃا انهي خبر ڇپي چار، پنج ڏينهن به مس ٿيا هئا ته هڪ شام جي اردو اخبار ۾ خبر پڙهي ته ڪراچي جي ڪنهن وسنديءَ (شايد نيو ڪراچي) ۾ انٽر جي هڪ شاگردياڻي ڦاهو کائي پنهنجي حياتي جو انت آندو. تفصيل موجب پاڙي جو هڪ اوباش ڇوڪرو کيس تنگ ڪندو هو يا ته پنهنجي گهر جي ڇت تان چڙهي جتان ڇوڪريءَ جي گهر جو انگڻ پڌرو هيو. ڇوڪريءَ کي اشارا ڪندو هيو يا ته ڪاليج ويندي سندس پيڇو ڪندو هو ۽ زبردستي ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڇوڪريءَ جي ساڻس سنگت نه رکڻ ۽ کي منهن نه ڏيڻ جي جواب ۾ هو کيس ڌمڪيون ڏيندو هيو. ڇوڪريءَ جي ماءُ سندس گهر شڪايت ڪئي ته ورندي ۾ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو فوٽو ڪڍي سڄي پاڙي ۾ ورهايو ته هي منهنجي محبوبه آهي. پاڙي وارن مان ڪير به هن اوباش نوجوان کي سمجهائڻ وارو نه ٿيو، تان جو انهيءَ ذلت، بي عزتي ۽ شرم جي هٿان مجبور ٿي سورنهن سالن جي معصوم شاگردياڻي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آندو.
وري اربع 14 جولاءِ تي عوامي آواز ۾ هي خبر پڙهي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ناريءَ جو 65 ساله پوڙهي سان پرڻي کان پوءِ آپگهات ۽ تفصيل مطابق 1984ع ۾ ناريءَ حوا جي ڀاءُ تي تر جي وڏيري ”ڪارنهن“ جو الزام هنيو. حوا جي مائٽن نوجوان ڪاري کي بچائڻ لاءِ تر جي وڏيري کي منٿ ميڙ ڪئي، وٽيس ٻيو ته جيڪي ڪجهه هيو پر ”حوا“ ته هئي جا ٽن چئن سالن جي ٻار هئي. پر وڏيري حوا جي بالغ ٿيڻ تي سندس حق ٿيڻ گهريو جو هنن قبول ڪيو. وڏيري حوا جي ڀاءُ کي ته ڪارنهن جي الزام کان بچائي ورتو پر سندس هوس ۽ شهوت حوا جي جوان ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. حوا وڏي ٿيندي وئي ميٽرڪ به پاس ڪيائين ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر جي نوڪري وڃي ڪيائين. هاڻ وڏيري کي هن حسين ۽ جوان جسم جي طلب بت ۾ سيسراٽ وجهڻ لڳي. مائٽن وعدو نڀائڻ جي ڪئي. حوا انڪار ڪيو. وري ڪنوار ڪري ٿي ويهاريون ته حوا موت سان لائون لهڻ قبول ڪيو پر 65 سالن جي هوس جي پوڄاري جي ونيءَ ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ زهر پي پنهنجي زندگي جو انت آندو.
مسلسل ڪيئي ڏينهن کان ذهن تي ٻوجهه رهيو ڪيئن هي ارڏا ۽ ٻلوان ماڻهو جي آسمانن جي وسعتن کي تسخير ڪرڻ جا خواب لهن ٿا سي استحصال ۽ بي وسيءَ جي ڄار ۾ وڪوڙجيو هن خوبصورت جيون جو انت آڻين ٿا. ذهن جي پردن تي فلم جيان چرخي گهمڻ لڳي. اڳيان پويان.... فليش بيڪ، فارورڊ... مسمات حوا انٽر ۾ پڙهندڙ نوجوان ناري.... جيون جو انت.... وڪٽر هيوگو..... وڪٽر هيوگو..... ڪٿي آهين!؟ تو ئي ته چيو هيو نه.
” جيسين هن ڌرتي تي ماڻهو جو استحصال عورت کي ذلت پڻو ڏيڻ..... ختم نه ٿو ٿئي تيسين تائين هي ڪتابون بي ڪار نه آهن “ زندگيءَ جي لڙ ڇڙ ۾ الاهي ٻين قيمتي شين سان گڏ ڪافي بهترين ڪتاب جي الائي ڪهڙي ڪهڙي جاکوڙ ڪري گڏ ڪيا هوندم، سي لڀن ئي ڪو نه ٿا. وري به شڪر ٿو ڪيان جو جڏهن پاڻ کي ڳوليان ٿو ته ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ ئي سهي، نستو ڏٻرو ۽ ماندو وجود ئي سهي. پر ڪو پاڇو ته ملي ويندو آهي. مون جهڙا ڪئين آهن جن کي ته اهو پاڇو به ڪو نه ٿو ملي. متان ائين ته ڪونهي ته. ڳوليان ڳوليان شال ۾ لجهان هوت......
وري خيال آيم ته جيون جو انت جي مايوسي ڪارڻ هجي ته ٻي ڳالهه آهي پر هڪ ٻيو پهلو به ته آهي. علامه آءِ آءِ قاضي به ته پاڻ کي سنڌو جي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو هيو. ”تون به لهر، آئون به لهر اچ ته لهر ملي لهر سان.“ پر هي ته هڪ درويش ۽ صوفي جي سوچ هئي، جتي مڪان وزمان جي قيد پابندي کان آزاد ذهن جاڳندڙ حققيت هيو ۽ مادي جسم بي حقيقت پاڇو هيو. وجود کان نيست جو سفر ئي هستيءَ ڏي سفر هيو.
جاپان ۾ رائج هارا ڪاري جي رسم ياد آئي. جنهن ۾ ننڍڙي تيز تلوار سان پيٽ ڦاڙي آپگهات جي رسم کي مذهبي تقدس هيو. ڪيئن؟ جو جي عزت تي حرف آيو يا ڪو اهڙو ڪم ٿي ويو جو شريفانه ۽ ماڻهپ جي دائري ۾ نه ٿي آيو ته ذلت تي موت کي ترجيح ڏني ويندي هئي. اهڙي خودڪشيءَ کي هارا ڪاري يا هارا ڪيري چئبو هيو. جنگ عظيم ٻي ۾ جڏهن جاپان تي اتحادين جي فوج جو قبضو ٿيو ۽ جاپاني فوجن هٿيار ڦٽا ڪيا ته ڪيترن هزارن بهادر ۽ غرتمند جاپاني فوجين ”هارا ڪاري“ ڪري پنهنجو انت آندو. انهن ”هارا ڪاري“ ڪندڙ فوجين کي اڄ به جاپان ۾ هيرو مڃيو وڃي ٿو.
پري ڇو وڃون سنڌ تي عربن جي ڪاهه يا جنهن کي اسين محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي فتح سڏيون ٿا. ان وقت به راڻي لاڏيءَ پنهنجي سرتين سوڌو ”ستي“ ٿي باهه جي ٻرندڙ الن ۾ ٽپو ڏيئي امر ٿي وئي. سومرن جي ”ٻاگهي“ ۽ سندس سرتين جو به باهه جي ٻرندڙ مچ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آڻڻ تاريخ جي صفحن ۾ حقيقت آهي. ٻاگهي جنهن جيئري پاڻ کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀاءُ کي چيائين:
جي ويندي گولي گُجرين
ته به چوندا دودي ڀيڻ......
۽ جڏهن سورمن جا سڀ ڪونڌر ڪسجي ويا. سام جهليندڙ ابڙا به سام تان قربان ٿيا ته ٻاگهيءَ ۽ سندس سنڌي سورمين سرتين باهه ۾ سڙي پنهنجي حياتي جو انت آندو پر ڌارين جي هٿ ڪو نه آيون. سو موت ته اٽل آهي جي عزت ڪاڻ جلد به اچي ته به آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي لائق آهي.
پر هي جو بک، بيروزگاري، استحصال ۽ ذلت پڻي جي ڪري زندگي جو خاتمو ٿو آندو وڃي تنهن لاءِ اسان سڀ ذميدار آهيون. روز محشر هي خون اسان مان هر ڪنهن جي ڳچي ۾ هوندا. ڇو خاموش تماشائي بڻيا ويٺا آهيون. ڇو؟ جواب ڏيو نه؟ يا جواب وٺو انهن کان جي هن استحصال جو ڪارڻ آهن.

(عوامي آواز، 29 جولاءِ 1999ع)