سُرخ آ … سُرخ آ … آمريڪا سُرخ آ …
ايشيا سُرخ آهي …
ذوالفقار علي ڀٽو ڪميونسٽ نه هيو، نه ئي وري پاڻ کي ڪڏهن اشتراڪي سڏرايئن، پر سندس عمل ۽ فڪر ۾ سامراج مخالفت نمايان هئي. عرب، اسرائيل پهرين جنگ کانپوءِ وري سامراجي هڪ هٽي ڏسندي اهو ڀٽو ئي هيو جنهن اوپيڪ جي تشڪيل جي صلاح ڏني. اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آندائين، پر جڏهن سفيد هاٿي کي وڏي واڪي للڪار ڪيائين ته کيس ڦاهي ڏني ويئي. ترڪيءَ ۾ عدنان ميندريس، انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو ۽ ٻيا ڪيترا ائين ئي سامراجي سازشن جو شڪار ٿيا.
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. جو انقلاب فرانس ۾ نه اچي سگهيو اُهو ڏيڍ کن صدي جو سفر ڪندو روس ۽ وري چين ۾ آيو. روس ذهني ارتقا جي انهيءَ وزن کي سنڀالي ڪونه سگهيو، ڪيئي سبب هيا، آئون ذاتي طور تي اُن جو هڪ وڏو سبب اهو به ڏيندو آهيان ته هندوستان جيان روس به هميشه کان ننڍين ننڍين رياستن، راڄواڙن ۽ بادشاهتن ۾ ورهايل رهيو آهي ۽ آرٿوڊڪس چرچ يا رجائيت پسند ملائيت جيترو روس ۾ مضبوط رهي آهي يورپ ۾ ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪونه رهي آهي. زمين ئي هموار ڪونه هئي. زوري ٻج ڇٽيو ويو هيو، تڏهن ته انقلاب روس وقت ئي بالشيوڪ ۽ منشوڪ ڌار ٿيا. ٽراٽسڪي جهڙي انقلابي ۽ دانشور به لينن کان ڌار ٿيڻ پسند ڪيو ۽ چين … چين ته وري هميشه کان واپاري طبع رهيو آهي. چين به پوين ڪن ڏهاڪن کان معاشي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ قوم کي ڪوڪو ڪولا، پيپسي ۽ سپورٽ ڪارن جي ريس ۾ وڌو آهي.
پر جڏهن اهو انقلابي فڪر ڪيوبا پهتو ته ڪاسترو ۽ سندس سرويچ ساٿين جيءَ جان سان نه صرف انهيءَ فڪر کي سنڀاليو پر سڄي ڏکڻ آمريڪا ۾ نروار ڪيو. جڏهن ڪيوبا جي سرزمين تي انقلاب جو سج اُڀريو ته ڪاسترو جي ڪلهي سان ڪلهو لڳائي وڙهندڙ جوڌي جوان ”چي گويرا“ اقتدار ۾ حصو وٺڻ جي بجاءِ ڪلهي تي بندوق رکي ”عالمي اشتراڪي انقلاب“ جي خواب کي تعبير ڏيڻ لاءِ ساٿين کي ساڻ کڻي نڪتو. سندس نظرون بوليويا، چلي، ارجنٽائين، وينزولا جي غريب ۽ پيڙهيل عوام جي آزادي تي هنيون. نظرياتي طرح هو ٽراٽسڪي جي عالمي اشتراڪي انقلاب جو حامي ٿيو. ڪاسترو جو خيال هيو ته ساهي پٽجي پر ”چي گويرا“ جي ته نس نس ۾ رت بجاءِ باهه ٻريل هئي. دکين ۽ درمانندن جي غربت ۽ مفلسي ۾ وڪوڙيل مجبورن جي رت رلايل اکين جي وسامندڙ ڏياٽن هن جي رڳ رڳ ۾ باهه ڀري ڇڏي هئي. هُن محل ماڙيون ڇڏي جهنگ آجهانگيا ۽ وڙهندي وڙهندي بوليويا جي ٻيلن ۾ سامراج جي ساٿارين جو شڪار ٿيو. مري ته ويو پر ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ، ويهين صدي جا آخري چار ڏهاڪا ئي نه پر اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ به چي گويرا جيئرو آهي. انساني حقن جي جدوجهد ڪندڙ اڄ به چي گويرا کي اکين ۾ جاءِ ڏين ٿا، يورپ توڙي آمريڪا ۾ چي گويرا جي تصوير، منڊيءَ تي مهانڊو، نيڪلس ۾ تصوير، قميص ۽ گنجي تي سندس فوٽو مقبول ترين ائٽم آهن.
انهيءَ ٻوليويا ۾ وري نئون سج اڀريو آهي. ايوو مورليز بوليويا جو نئون صدر ٿي آيو آهي. مورليزاصل ڌرتي ڌڻي آهي. سندس وڏا يورپ مان ڪونه آيا هئا. مورليز غريبن جي حالت مٽائڻ چاهي ٿو. هو ڌرتي واسين لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. سامراجي قوتن جي تمام تر ڪوششن کانپوءِ به مورليز کي پنجاهه سيڪڙو کان به وڌيڪ ووٽ مليا. صدر ٿيڻ کانپوءِ هو سڀ کان پهرين ڪيوبا ويو ۽ ڪاسترو سان مليو. بوليويا کي ويجهو ئي وينزولا جو ملڪ آهي جو نه صرف آمريڪا کي ويجهو آهي پر تيل جي دولت سان مالا مال آهي. وينزولا ۾ به هيوگوشاويز صدر آهي. آمريڪا بهادر هر حيلي سان سندس حڪومت ڊاهڻ جي ڪئي آهي پر شاوير صرف اهي ئي ڪم ٿو ڪري جيڪي سندس ملڪ جي غريب ۽ محروم طبقي جي بهتريءَ ۽ ڀلائي لاءِ هجن ٿا. مورليز ڪيوبا مان موٽندي وري شاويز سان ملڻ ويو. وينزولا جي ڀرسان وري برازيل آهي. اتي لولا ڊي سلوا حڪومت جون واڳون سنڀالي ويٺو آهي. ننڍپڻ ۾ بوٽ پالش ڪندڙ غريب ڇوڪرو اڄ مظلومن ۽ بيوسن جو ساٿاري هر اهو قدم کڻي ٿو جو سامايه دارن کي ناپسند آهي ته عوام جي مفاد ۾ آهي. وري لاڳيتو ارجنٽائين آهي. جتي جو صدر ڪرچز به عوام دوست آهي توڙي جو ساڳئي وقت تي سامراج دشمنيءَ ۾ ٿورو ٿورو محتاط آهي.
واهه …… پر اڃان ترسو، مزو ته آيو آهي چليءَ ۾.
15 جنوري 2006ع جي اليڪشن ۾ مشيل بيڪلي (Michelle Bachelet) 53 سيڪڙو ووٽ کڻي صدر ٿي آهي. مشيل 54 سالن جي عمر جي آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي. مشيل کي ٽي ٻار آهن. مڙس مان نه پر ٻين مختلف سنگتين مان. هو لامذهب آهي. واهه ادا تنوير … ڏاڍو ياد ٿو اچين …
ساهڙ جا سينگار، متان ڏيکارين ڏم کي…
خير هي ته اضافي جملو هيو، مشيل کان پهريون به چليءَ جو صدر ريڪارڊو لاگوس کاٻي ڌر جو نظرياتي اشتراڪي هيو، مشيل جو والد عظيم قائد آليندي شهيد جو ساٿاري هيو جنهن کي آمريڪي پِٺو پنوشي (آگسٽ پنوشي) تشدد ڪري جيل ۾ ئي مارائي ڇڏيو هيو. خود مشيل به 1973ع کان 1990ع دوران پنوشي حڪومت ۾ قيد و بند جون صعوبتون ڏٺيون.
آمريڪي سامراج جي سر تي ويٺل هنن انقلابين آمريڪي حڪومت ۽ ادارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. دنيا جي تمام ترقي پسند باشعور ماڻهن جون نظرون هاڻ ڏکڻ آمريڪا تي کُتل آهن. ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ته ڏاڍ ۽ جبر جون طاقتون سنگينن جي زور تي. خانه جنگي ۽ سازشن ذريعي في الوقت قابض آهن پر … پر … هاڻ ته … آمريڪا سُرخ آهي … آمريڪا سُرخ آهي …
(سوڀ 23 جنوري 2006ع)