سور ورهايان سرتيون جي ورهايا وڃين
چڱو ٿيو جو تنوير اها غلطي ڪونه ڪئي. تنوير ته اکيون نابينن کي ڏيڻ ڪيون، گڙدا اديب رضوي جي اسپتال کي ڏيڻا ڪيا. جسم راولپنڊي ميڊيڪل ڪاليج کي ڏيڻو ڪيو ته اتي آئيندي جا ڊاڪٽر سندس جسم جي وڍ ڪُٽ ڪري اناٽامي جي اصولن جي عملي سکيا وٺي سگهن. تنوير نه صرف ڊاڪٽر هيو، شاعر هيو، اديب هيو، محقق هيو پر هڪ مهان آدرش وادي به هيو. ڊاڪٽر تنوير کي ۽ محقق تنوير کي خبر هئي ته جڏهن انسان طب جي تاريخ اڃا ترقي نه ڪئي هئي ۽ علم اعضاءَ ۽ علم بدني يا اناٽامي تي دسترس حاصل نه هئي ته جن جي اڄ انسان ذات احسان مند آهي، سي انساني جسم جي نظام سمجهڻ لاءِ مردا به چوري ڪندا هيا ۽ انهن جي چير ڦاڙ ڪري ئي اناٽامي جو علم اڳيان وڌيو. انهن مردا چور محسنن سان سندس جيئري ڪهڙو حشر ٿيو سا به هر ڊاڪٽر کي ڄاڻ هوندي. اڄ به ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سکيا ۽ تجزئي لاءِ مردهه جسم ڏکيو ٿو ملي. پر راولپنڊي ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر تنوير جي وصيت جي پوئواري ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو. نيٺ تنوير کي اسلام آباد ۾ دفنايو ويو. سندس اکيون ڪن نابينا ٻارن کي لڳايون ويون. گڙدا اديب رضوي جي اسپتال تائين نه پهچي سگهيا.
ائين هڪ ٻي آسمانن جي راز چورائيندڙ جو انت آيو. پر انت ڪٿي آيو، تنوير ته دلين ۾ آهي. مختصر جسم ۾ قدآور ديو هيو تنوير. شفاف ۽ صفا ذهن جو ڌڻي. ڪشادهه دل، همدرد ۽ سخي، مون کي شاعريءَ جو ڪو ڏانءَ ڪونهي پر تنوير سان رهاڻ ڪرڻ ويلي جڏهن به موضوع فلسفي ۽ ادب جي سرحدن کي لتاڙي وڃڻ جي ڪندو هيو ته آئون کانئس شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندو هئم. سندس شاعري ته هوندي ئي هئي پر مون کي مزو ايندو هيو، جڏهن ادو تنوير ڀٽ ڌڻيءَ کي جهونگاريندو هيو. مون تنوير کان ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن ۽ وائين جون عجيب عجيب معنائون ٻڌيون آهن. تنوير جو ڀٽائي نه صوفي آهي نه وحدت الوجود ۾ مست آهي. تنوير جو ڀٽائي هڪ جيئرو جاڳندو انسان آهي. مون کي تنوير جون سمجهيل تشبيهون ڪڏهن ڪونه وسرنديون. هڪ دفعي چيائين ته هي ڇا آهي ”ساهڙ جا سينگار، متان ڏيکارين ڏَمَ کي…“ پڙهيو هئم پر انهيءَ پاسي ڌيان ئي ڪونه ويو هو ته عرف عام ۾ جنهن کي يار چون تنهن لاءِ سينگار ڪيو ويو ۽ اُهو ڏَمَ يعني مڙس کي ناهي ڏيکارڻو. يا وري
مومل کي مجاز جا اکين ۾ اَنبورُ،
نڪا عام، نه خاص، جي ويا سي وڍيا،
۽ وري چيائينس …
”هلو هلو ڪاڪ تَڙين، جِتي نينهن اُڇَل
نه ڪا جَهل نه پَلَ، سَڀڪو پسي پرينءَ کي“
هائي! مون کي اڄ به ياد آهي ته ”اُڇَلَ“ لفظ اُچارڻ ويلي ادا تنوير هٿ جون پنجيئي آڱريون کوليندي تري آسمان ڏي ڪندي هيٺ کان مٿي ڏي ڪيئن اُڇل ڪئي. سندس اکيون ڪيئن چمڪڻ لڳيون. منهنجي ذهن ۾ فوري طور مست سمونڊ جي ڇولين جي اُڇل جي تشبيهه آئي. هرڻيءَ جي اُڇَلَ ذهن تي تري آئي. لفظن ۾ ڪيڏو نه جادو آهي!
سوچيم ته تنوير تي ڪونه لکندس. هڪ ته تنوير عباسي شاعر، اديب توڙي محقق منهنجي ڪچن پڪن لفظن جو محتاج ڪونهي. ٻيو ته منهنجو تنوير جو مطالعو هڪ طفل مڪتب کان مٿي ڪونهي. ٽيون وري اهو ته منهنجي تنوير کي ياد ڪرڻ سان تنوير جي وڏ ماڻهپي نه وڌي سگهي نه ئي گهٽي سگهي ٿي. تنوير عباسي جو هيو سو هيو. ڀاڀي قمر به ته کيس ”گڊ بائي ماءِ فرينڊ“ چيو. کيس دفنائڻ لاءِ به فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هيا. پر تاجل بيوس جي ڪالم اُتساهيو ۽ لکڻ کانسواءِ رهي ڪونه سگهيس.
لکڻ به ڇا؟ شايد رڳو دل ۾ اٽڪيل هڪ ڪنڊي کي ڪڍڻ جي ڪوشش…… سليم قاضي منهنجو پيارو دوست ڦوهه جوانيءَ ۾ هليو ويو. آئون حيدرآباد آيس. ٽي ڏينهن رهيو پيو هئم. روز نڪرندو هئم ته سندس والد قاضي اڪبر سان يا اسلم قاضي سان تعزيت ڪري اچان. رستي تان سول لائينز ۾ گهڙندي ئي من مونجهه ڪندو هيو. ڪنهن ڏي پيو وڃان؟ سليم ته هليو ويو. اسلم ۽ سليم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. قاصي صاحب، نالي وارو سياستدان، سابق وزير، سابق سفير …… کيس ڪهڙي خبر ته سليم منهنجو ڇا هيو. اسلم قاضي هڪ ته شهري ماڻهو ٻيو منجهس ان مٽي جي به شايد کوٽ آهي ته هو اها ڳالهه سمجهي. وري هوٽل موٽي ويندو هئس. نيٺ ٽين ڏينهن تي واپس روانو ٿيس. پُرسو ڪونه ڪرڻ ويس سو ڪونه ويس.
اهو ذڪر ان ڪري پيو ڪيان ته ادا عبدالنبي جو گهر به مون کي ويجهو آهي. اُتي ”قل“ به ٿيا هئا. سوچيم وڃان ٿو. وري خبر پئي ته گورنر صاحب ٿو وڃي. ڪيئي وزير ۽ سيڪريٽري پيا وڃن. ڇڏ يار! هن سوشل رليشننگ مان ڪهڙو فائدو. اهي ئي ٽريفڪ جا سپاهي، توتارا، اڇا اُجرا ڪپڙا، بي معنا جملا، جذبن کان عاري اجنبين جو ميل ميلاپ. ڇڏ يار! هي راند ڪونهي.
ڪنهن سان ٻه اکر ٻوليان. ڀاڄائي …… سرمد…… ڀاڄائي کان. ته خيرپور ۾ به سال کن رهندي به اجنبيت هئي. سرمد ننڍي هوندي ڏٺو هئم. ها، هڪڙو آهي. ارشاد النبي عباسي. سندس ننڍو ڀاءُ، ننڍپڻ جو دوست ۽ ساٿي. پر ارشاد کي ڇا چوان؟ ”قُل“ پڙهي ثواب بخشڻ ۾ ته ارشاد جو اعتبار ڪونهي. رسمن جو رشتو اسان جي وچ ۾ ڪونهي. هو پنهنجي پيڙا پيو ڀوڳي ۽ آئون پنهنجي. هي ڀوڳنائون هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو حصو آهن. زندگيءَ کي صليب جيان ڪلهي تي کنيو اڪيلو هلندا وتؤن. ڀوڳنائون ڪي ونڊي سگهجن ٿيون!!
(عوامي آواز، 16 ڊسمبر 1999ع)