گوپي چند نارئڻ داس اوڏ
ڪهڙي ريت پنهنجي ڪم علمي ۽ جاهليت جو اعتراف ڪريان.... ڪيئن پنهنجي ڪج روي ۽ آوارگي جي داستان ٻڌايان.... ڪيئن آئون امداد جهڙي ڀاءُ ۽ جبار جهڙي دوست کي رڙندو ۽ روئندو پنهنجي بي حسي جي ڪٿا بيان ڪيان..... يا پنهنجي اڻ کٽ المين ۽ دردن جي آکاڻي اوريان..... هي درد، هي الميه، هي سور.... هي جيون ڪٿا جي اڻ چٽيل اڻ پوري گدلي ۽ ميرانجهڙي تصوير..... ڇا ٻڌايان..... ته جي اوريان ته ڏونگر ڏري پون..... يا پنهنجي تنگ دامني تي روئان ته.... سکن جي سيد چئي آئون پکي ڪين پياس..... درد، سور، ڏک... ذات جي طلسم سان وابسته هئڻ يا ذات جي توسيع (Extention) لازم ڪونهين. ڪي ماڻهو ذات جي سحر کي (Transcend) ڪري ويندا آهين. ٽپي ويندا آهن. مڪتي پوءِ به ڪو نه ملندي آهي. اهو وري هڪ نئون طلسم آهي.... سحر آهي..... جيون جي رام ڪٿا جو عليحده باب آهي. ويچارو ماڻهو سارو جيون دشت ميرانجهڙن اُڊڪن، اُٻهرن اُلڪن..... هيسيل هانَونَ..... اڻ پوري خواهشن...... ٿيڻ جي اميد- نه ٿيڻ جو خوف، ڊپ ۽ هراس. يا نه ٿيڻ جي دعا جا اڌ به اگهامبي ڪونهي ۽ وري ٿيڻ کي ڏسندو رهي دهشت ۽ خوف جي واسينگ جي واسي هيٺ آيل..... ڄڻ جو آهي سو به سور.... جو نه آهي.... سو ويتر ان کان به ڳورو سور.......!! ڇا ڪيان منهنجا مٺا ڀاءُ!! انهيءَ شاد ۽ ناشاد هئڻ جي ڀاري ڇايا وجود تي عجيب جهڙي ياسيت، اداسي ۽ بي وزني جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي آهي. الا جي! گوپي چند صحيح آهي يا مان .گوپي پنجويهه سال کن اڳ مون کي پيٽاري ۾ يا شايد ڄامشوري ۾ چيو هيو.... ”توکي روئڻ ڪو نه آيو !! نه بابو نه!! روءَ! لڙڪن کي نه روڪ! هي موتي روح جي مندر کي ڌوئي پاڪ ڪندا آهن.“ مون چيو مانس ”گوپي! مون کي جڏهن صدمو رسندو آهي ته آئون بلڪل روبوٽ ٿي ويندو آهيان. هر احساس کي دل ۽ دماغ مان. ڦٽو ڪري ڪڍي پاڻ کي نيري ڇتري هيٺ ٺپ اڪيلو سمجهي ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. شايد...... شايد..... مون کي ائين محسوس ٿيندوآهي ته ...... ڄڻ منهنجي جذبن کي ذري به وٿي ملي ويئي ته منهنجو هانءُ ڦاٽي پوندو..... دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون.....“ ..... ”مون کي ان مهل صرف ۽ صرف هڪ خيال هوندو آهي..... نه نه!! مون کي جيئرو رهڻو آهي“ گوپي وراڻيو ”نه بابو! ائين نه آهي!! اصل ۾ تون تمام گهڻو حساس آهين ۽ انهي حساسيت توکي پنهنجي چوڌاري هڪ خول چاڙهڻ ۾ هٿي ڏني آهي“ مون کي تڏهين به گوپي سان اختلاف هيو ۽ اڃا به آهي. جيتوڻيڪ آئون اڄ به پنهنجي اختلاف جي باري ۾ مشڪوڪ (Sceptic) آهيان. پر مون تڏهن به پنهنجي يار گوپي کي چيو هيو“ نه سهڻا!! اصل ۾ مسئلو ٻيو آهي. آئون شايد پنهنجي بيگانگي، پنهنجي لاتعلقي، پنهنجي ڊپ، پنهنجي هراس، پنهنجي خوف کان ڊڄان ٿو..... ڀاءُ!! مون کي ڊپ ٿو لڳي.... ڊپ.... ڄاڻ جو نه.... اڻ ڄاڻائي جو!! ڪم فهمي ۽ جذبن جي اڻاٺ جو- ڄاڻ ته زندگي جي اٿاهه سمونڊ جي عميق گهراين ۾ ٽٻيون هڻڻ سان به شايد، ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي جي سرحدن تي ستن پردن ۾ لڪيل مٺڙو مٺڙو لطيف درد هوندو آهي.... جنهن کان آشنائي شايد عامي جي وس جي ڳالهه نه آهي. تون چوندين ته، جي جذبا سچا هوندا آهن ته زبان کي قوت گوپائي ملي ويندي آهي..... قلم کي لفظن جو اڻ کٽ خزانو مهيا ٿي ويندو آهي.... ها، آئون به سوچيندو آهيان ۽ دعا گهرندو آهيان ته ”ربي! منهنجي زبان کي قوت گويائي عطا فرمائي ۽ منهنجي سيني کي ڪشادو ڪر.....“ جي ٻاتو هجان ته قوت گويائي ملي..... جي سچ ۽ حق جو داعي هجان ۽ اهل طائف مون کي سنگ ريز ڪندا هجن ته سينو ڪشادو ٿئي جو مون ۾ سهڻ جي سگهه پيدا ٿئي.... پر، سهڻا!! آئون ته گونگو ۽ ٻوڙو آهيان. منهنجي قلب تي مهر ۽ تالو حڪمِ ربي سان ڪونهين لڳل.... هي ته منهنجي پنهنجي اَنڌِ آهي. بي حسي آهي – پنهنجي حسته حالي آهي – ڪم فهمي آهي – خود جي پيدا ڪيل بي وسي آهي.
ڀاءٌ! مان ڏوهي آهيان.... مان ڪنهن ڪنهن جو ڏوهي ناهيان.... پنهنجي ذات جو ڏوهي آهيان. ان هاريءَ جو ڏوهي آهيان جو لڱن کي لوساٽيندڙ لُڪن ۾ ڌرتي جو سينو چيري منهنجي انگ ڍڪڻ لاءِ ريشو پيدا ڪري ٿو.... ان ڪوريءَ جو ڏوهي آهيان جو تاڻي ۽ پيٽي جي سيج کي پنهنجي آڱرين جي لهو سان سينگاري منهنجو تن ڍڪي ٿو.... ان مزدور جو مجرم آهيان جنهن ڪارخانن ۾ چمنين جي دونهن جي ڪارانس ۾ پنهنجي جواني گذاري، پيري ۾ انڌاري کولي ۾ رت ٿُڪيو ته منهنجو جيون آسائتو رهي.... ادل! مان ڪارونجهر جي ڪور ۾ ڀٽياڻيءَ جي شفاف ۽ اجري پاڻي جي وهڪري تي نچندڙ من موهيندڙ ڊيل جو ڏوهاري آهيان، جنهن کي سپاهي الله ڏتي پنهنجي رائيفل سان ماس کائڻ جي بک بهاني شڪار ڪري گهايل ڪيو... مان ان زينب جو ڏوهي آهيان جنهن کي جنوني مولوي پنهنجي انڌ ۾ نه صرف نازڪ هنڌن تي ڏنڀ ڏنا پر تتل لوهي سيخ سندس وجود ۾ وجهي کيس زنده درگور ڪيو.... نه ادا نه!..... مون کان برداشت نٿو ٿئي.... آئون ان معصوم ابهم يارهن سالن جي مزمل جو ڏوهي آهيان جنهن کي سندس رشتي جي مامي بي دردي سان زنا ڪري گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيو.... ڀائو!! مان ڏوهي آهيان.... منهنجو اندر منهنجي ٻاهر کان وڌيڪ ڪارو آهي.... مان ماٺ آهيان!! ڇو؟!
مون هر عام ماڻهو وانگيان پنهنجي خواهشن ۽ لوڀ جي ڪوريئڙي کي پنهنجي چوڌاري اهڙي ته ڄار اُڻڻَ ڏني آهي جو هرک ۽ موهه مون کي نڪرڻ نه ٿو ڏيئي... مان روئان ٿو....... رڙان ٿو.... دانهيان ٿو..... پتوڙيان ٿو..... پر ڪوريئڙو پنهنجي ڄار وڃي ٿو وڇائيندو.... ۽ آئون اونداهه ۾ هٿاڙيون هڻان ٿو.... لڇان ٿو..... لوچان ٿو.... من ڄار مان نڪران.... سو سهڻا! مون کي معاف ڪر! مان ڏاڍو ڏٻرو آهيان... نستو ٿيل آهيان...) مون وٽ ڪي ڪينهين!! ڪجهه به نه.... ڪجهه به نه به ته ڪي آهي.... فنا!! جا دوام آهي...مان ته ان احساس کان به عاري آهيان... منٽو واري خالي بوتل.... خالي ڏبو!! خالي ڏٻو.....!!!
(عوامي آواز، پهرين آگسٽ 1994ع)