ا....ب.....ٻ....پ......
شڪيل ائين ياد آيو جو هڪ وقت تي شڪيل ايڊيٽوريل صفحو لکڻ کان پوءِ پنهنجي نالي سان ”عفي الله عنه“ لکڻ شروع ڪيو. مون کي سندس انهي ڪيفيت سان عشق جي حد تائين هم آهنگي ٿي ويئي. وري جو سندس هڪ مائٽ ٻڌايو ته شڪيل ته پنهنجي زال کي به هميشه بيوهه ڪري سڏيندو آهي. ”اڙي او بيواهه“!! جيئرو ئي لاش! انسان ويچارو آهي به ته هر دم ويچارو جيئرو ئي لاشو!! هردم، هر پل، هر گهڙيءَ، پنهنجو لاشو ڪلهن تي کڻي پيو هلي. زندگي جي تاريڪ راهن ۾ اونداهين اڻ کٽندڙ گڦائن ۾، شڪست وريخت جي دل ڏاريندڙ عمل مان لگهندي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيو پوي.
امداد اوڍي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ظهير ميراڻي جي مهرباني جو هميشه جڏهن به ملندا هئا ته لکڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. سندن خيال ۾ منهنجا ڪچا ڦڪا لفظ ”ڪالم“ جي صورت ۾ هڪ نظريو، هڪ طريقو آهن، جن جو اظهار ڪندي مون کي هڪ اهڙي درجي تي اچڻو آهي، جتي آئون پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي ڪا مستقل شڪل ڏيئي سگهان ٿو. ڳالهه هي آهي سهڻا ته، جي مشاهدا پيمانو بڻجڻ ته جذبات جي شدت ۽ تپش ايڏي ٿي محسوس ٿئي جو ذهن نستو ٿيو پيو. شعور پنهنجو دفاعي عمل ڪتب آڻي چوڌاري لوهي ڪوٽ اڏيو ڇڏي ٿو. هي جيون ڪڏهين به پنهنجو نه سمجهيو اٿم. هن جان تي ڏاڍا قرض آهن. هاري جو قرض آهي جو پنهنجو تن اگهاڙو رکي منهنجي لاءِ مشقت ڪري اناج ميسر ڪري ٿو. مزدور جو قرض آهي، مون تي، واڍي جو قرض آهي، رازي جو قرض آهي، انهن معصوم ابهم ٻارن جو قرض آهي،جن کان هن نظام جي استحصال سندن معصوميت کسي ورتي آهي. ان ماءُ جو ۽ ڀيڻ جو قرض آهي، جا پيٽ ڀرڻ ۽ لنڱ ڍڪڻ ڪاڻ غيرت ۽ عزت جو سودو ڪرڻ تي مجبور آهي، منهنجو ته انگ انگ قرضي آهي، سڄو وجود ئي وڪوڙيل آهي احساس جرم سان ۽ تجربا وري ڪهڙا!! زمانو ئي توهان تي تجربا ڪري ٿو. اوهين ته هڪ وهڪري ۾ آهيو. الائي ڪڏهين ۽ ڪٿي وڃي ڪپر لڳو ۽ ڪنارو الائي سڻائو يا اڻائو؟! ڪنهن کي خبر!!
پر يار! ڀل اڻ ڄاتو ڪنهن نه ڄاتو هجي، هڪ ڳالهه اٽل حقيقت آهي. هي جو ماڻهو آهي جو ڀل جَرَ ڦوٽي مثل هجي. ڪائنات جي وسعتن ۾ ڀل هڪ خوردبيني جيوَ جي حيثيت نه هجي، پر ڪائناتن کي تسخير ڪرڻ سندس سعيءَ آهي. خواب آهي، مذهب آهي، ڌرم آهي، مايوسي هن لاءِ ڪفر آهي، سعيءَ لازم آهي. وڙهندو وڙهندو ڪرندو ته به وري اٿندو ۽ اٿي وڙهندو. وري ڪرندو، ور ور ڏيئي اٿندو، رڙهندو به ته به وڙهندو. اڏول پهاڙن جيان، اونهون ڄڻ پاتال ۾ پاڙون پيهل هجن، ور ور ڏيئي هن زخمي جي روح کي ڪا جنجهوڙ ايندي آهي. جا سندس جسم ۽ دماغ ۾ آنڌمانڌ پيدا ڪندي آهي.
برابر دوست چوندا رهندا، ڪوشش به ڪيم ته من شانت ٿئي. ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي هجي يا نه هجي پر لازم ۽ فرض ته آهي، پر تمام تر سعيءَ حاصل رهي. ذهن جي پردن تي جا ڪورڙيئي ڄار بڻي سا مضبوط تر وڪوڙ وٺندي ويئي. نيٺ.... نيٺ.... اڄ اخبار ۾ هڪ مضمون پڙهيم، هيڏانهن هوڏانهن نهاريم- پسگردائي تي نظر وڌم، پنهنجي ئي ٻارن کي ڏٺم، پنهنجي ڀاءُ جي ٻارن ڏانهن نهاريم ۽ ذهن جي پردي تي بي اختيار 1972ع جو نقشو چِٽجي آيو.
سنڌي ٻولي تي انتهائي بي رحم، راتاهو تڏهين ئي هنيو ويو هو. عدالت ۾، آفيسن ۾، روينيو رڪارڊ ۾ هر هنڌ سنڌي ٻولي رائج هئي. اسڪول هر هنڌ سنڌي ميڊيم موجود هئا. تان جو پنجاب جي ڪجهه حصي ۾ (ڏاکڻو رياست بهاولپور وارو) سنڌي اسڪول ۽ روينيو رڪارڊ سنڌي ۾ موجود هو ۽ رائج هو. سنڌي سياستدانن مهرباني ڪري ٻوليءَ جو بل پاس ڪرائي اردو کي مڪمل سرڪاري زبان تسليم ڪرڻ سان گڏ سنڌي اسڪولن تي به مڙهيو. سنڌ ۽ پنجاب جي اردو پريس سڄا پنا ڪارا ڪيا ۽ ”اردو ڪا جنازه هي“ جو نعرو بلند ڪري سنڌي ٻوليءَکي هميشه لاءِ هيٺائين حيثيت ۾ ڌڪي ڇڏيو. مزي جي ڳالهه هي آهي ته جي ان وقت جي ڪنهن کي يادگيري هجي ته کيس چڱي طرح سان ڄاڻ هوندي ته ڪراچي کان وڌيڪ لاهور ۽ فيصل آباد وارن کي سيڪ آيو. جي آءِ سي ايس، يا سي ايس پي يا ڊي ايم جي هوندي به آفيسن ۾ صرف ۽ صرف پنجابي ڳالهائيندا آهن. ان وقت ڪن سنڌي اديبن ۽ سنڌ دوستن موقعي جي نزاڪت ۽ آئيندي کي ڏسندي ڪافي ڪوشسون ورتيون.طارق اشرف هڪ ننڍڙو ڪارڊ ڇپرايو جو دوست هلندي هلندي ورهائيندا هئا، پڙهندا هئا ۽ هنجون هاريندا روئيندا هئا. ڪارڊ هيو؛
”اب ٻ پ ڀ ت........
سنڌي لکو – سنڌي ڳالهايو... سنڌي پڙهو... هر گهر ۾ ڄڻ صف ماتم متل هئي. جيجل ٻولي تي هي راتاهو ۽ سو به سنڌي حڪمرانن طرفان تحفو، سنڌ جو پڙهيل طبقو انهيءَ ڳالهه تي يڪ زبان هيو ته ”لساني بل“ اردو لاءِ ته بنهه هاڃيڪار ڪونهي، پر سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪاري وار هيو، پر ميڊيا ۽ وري سنڌي ماڻهوءَ جو ڪمزور حافظو، هر ڪنهن کي وسري ويئي.
اڄوڪيءَ اخبار ۾ مضمون هيو ”ٻوليون مرن پيون“. ماهرن جي تحقيق مطابق اڄ 6000 (ڇهه هزار) کن ٻوليون رائج آهن، جن مان 90 فيصد يعني 5400 ٻوليون ايندڙ سئو سالن کان اڳ ختم ٿي وينديون. ٻولين جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ هڪ ته دنيا جي چئني ڪنڊن جو سُڪڙي ويجهو اچڻ، وڏين ٻولين يا مک ٻولين جو اثر ۽ ٻيو وري ڪن ٻولين جو استحصال ۽ کين اوسر نه ملڻ آهي، پهريان ٻه سبب ته آهن سائنسي بنياد، پر ٽيون سبب آهي جنهن جي اسان کي تشويش ٿيڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سندس اوسر لاءِ نه ته سرڪاري سطح تي ڪا ڪوشش ٿي ٿئي، نه ئي ڪو اهڙو موثر غير سرڪاري ادارو آهي نه ئي سنڌي ماڻهو ذاتي حيثيت ۾ ڪو قدم ڀري ٿو. متان ترڪي ڪردن وارو حال نه ٿئي جي آهن ته سوا ڪروڙ پر هو ترڪي زبان پڙهڻ تي مجبور آهن.
سو منهنجا ڀاءُ! هيءَ صورتحال اسان سڀن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. اهل قلم ۽ اهل دانش پنهنجي سر ويهي ڏسن ته اڄ سنڌي ٻولي ڪهڙي حال ۾ آهي. ويهه سال کن اڳ جڏهن مون مقابلي جو امتحان ڏنو ته سنڌي جي پيپر ۾ هڪ دفعو جيئن سگريٽ پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته ڄڻ امتحان هال ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو، هر دوست ٻاهر نڪتو هڪ هڪ ٿي، ٻه ٽي سوال ته هر ڪو پڇندو ويو. ”چچ نامون ڪنهن لکيو آهي“؟ ”مرزا قليچ جا ڪي ٽي ڪتاب ٻڌايو؟“ ۽ ”مير علي شير قانع ڪير هيو؟“ ٻن ٽن ڄڻن کي ته ٻڌايم. باقي جا لوڌ آئي تنهن سان محترم حفيظ قريشي جي زبان ۾ سندن شايان شان سلوڪ ڪيم.
اڄ جي ڪا اخبار کڻو ٿا. پڙهڻ لاءِ جي ڪو رسالو کڻون ٿا ته ٻولي جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ سڪيو وڃون.
اب ٻ پ ڀ
سنڌي پڙهو، سنڌي ڳالهايو... سنڌي لکو....
(عوامي آواز، 20 مئي 1999ع)