امانت
تاريخ گواهه آهي ته انهيءَ ڳالهه تي ڪا به ٻي راءِ ڪونهي ته ٻئي خليفي حضرت عمر عليه السلام جو شمار ڄاتل دنيا جي بهترين منتظم ۽ حڪمران طور ٿئي ٿو.
اهو ئي عمر ابن ابي خطاب جڏهن تمام تر ملڪوئيت ۽ سلطنت سان مسجد نبوي جي منبر تي خطبو ڏيڻ لاءِ بيهي ٿو ته هڪ عام مسلمان برسر عام اٿي کيس ٽوڪي ٿو، ”اي عمر! غنيمت مان هر ڪنهن کي هڪ چادر ملي هئي. جنهن مان تنهنجو جبو ڪيئن ٺهيو؟“ پاڻ قداور جوان هئا ۽ هڪ چادر مان سندن جبو ٺهڻ کي زير بحث آڻڻ معنيٰ سندن ديانتداري تي شڪ ڪرڻ، پاڻ پنهنجي پٽ عبدالله بن عمر کي اشارو ڪيائون جنهن شهادت ڏني ته مون پنهنجي حصي جي چادر بابا کي ڏني هئي ته جيئن سندن جبو ٺهي سگهي. عمر بن عبدالعزيز جنهن کي عمر ثاني چوندا هئا هڪ رات ڏيئو ٻاري ڪاروبار مملڪت ڪري رهيا هئا. جيئن ڪم ختم ڪيائون ته چيائون روشني گل ڪريو گهر واري چيو ”انڌيرو آهي پاڻ فرمايائون ” ڪار مملڪت جي ڪاڻ مون ڏيئي ۾ سرڪاري تيل وجهائيو هيو، ڪار سرڪار ختم ٿيڻ کان پوءِ اها روشني استعمال ڪرڻ منهنجي لاءِ خيانت جو مرتڪب ٿيڻ آهي. الله اللهه....!!
چڱو پري نه وڃو!! اسين رائج الوقت نظام جي ڳالهه ٿا ڪريون. ماڻهن جي ڳالهه ٿا ڪريون نظام (سسٽم) جي ڳالهه ٿا ڪريون. ماڻهن جي ضابطا اخلاق ۽ ضابطا ڪار جي ڳالهه ٿا ڪريون ۽ پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهڻ جي ڳالهه ٿا ڪريون. گهڻي بحٿ ۾ پوڻ يا اٿل ڪرڻ جي به ضرورت نه آهي. هي موٽر وي اسڪينڊل، هي پيلي ٽيڪسي اسڪينڊل، هي مهراڻ بينڪ سڪينڊل، صدر مملڪت تي ڇنڊا، الائي ڪيترا ننڍا ۽ وڏا اسڪينڊل روز ٿا ٿين. آبپاشي وارا ڪروڙين رپيا ”مٽي“ ڪري کايو وڃن. آبڪلاڻي آئي نه آهي انجنيئر جي گهر ڄڻ عيد، ننڍن وڏن کي حڪم دعا ڪريو، نماز پڙهيو، ڪنيءَ خيرات ڪريو، سيزن آهي، جي خير ٿيو ته به واهه . جي ملڪ ٻڏو ته به پٿر ۽ مٽي. ته ڪيڏانهن ڪو نه ويئي آهي. هتي ته ڏٺوسين يارن کي ڪروڙ جي مٽي، سا به ڪوڙي، چئن چئن سالن کان پوءِ پئسا منظور ڪرائين ۽ بل ڪڍرائين. آخر سائين جو خرچ به ته آهي.
حڪومتن ۽ دلالن ڪامورڪي لڏي جي ارڏائين، شاهه خرچين، قاعدي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي رواج کي هٿي ڏيڻ ۽ ان ميدان ۾ سڀ ليڪا لتاڙي وڃن، ان موضوع تي دفتر لکي سگهجن ٿا. پر هن وقت هيءَ سڄي اپٽار ڪري منهنجو مقصد صرف چند ڳالهين ڏي ڌيان ڇڪائڻ هيو. من اهي واقعا اسان لاءِ اکيون کولڻ جو سبب بڻجن.
ريوڊي جنيرو، برازيل ۾ 1992ڌاري ماحولياتي تي عالمي ڪَٺ ٿيو. وزيراعظم پاڪستان لاهور جي هر ٽين مانجهي سانجهي کي کڻي خاص اڏام ذريعي ريوڊي جنيرو پهتو. خير سان ان ڏينهن ۽ قريب انهيءَ وقت تي ڪينيڊا جو وزيراعظم به هڪ عام ڪمرشل جهاز ۾ آيل هجي،کيس جڏهن اها خبر پئي ته هي جو هر ويل پنندڙ ملڪ، تنهنجا حڪمران ايڏا شاهه خرچ آهن. تنهن اتي ئي ايئرپورٽ تي هڪ نمائندي جي پڇڻ تي چيو ته ”جي جن حڪومتن کي اسين پٺتي پيل سمجهي امداد ڏيون ٿا ۽ هو خرچ ڪرڻ ويل پنهنجون ترجيحات صحيح نه ٿا رکي سگهن ته اسان امداد بند ڪنداسون.“
اسين پينو!!... چڙهيون خاص اڏام ۾.... ۽ جيڪي امداد ڏين.... سي عام مسافر جهاز ۾!!..... واهه سائين!! مغل شهزادا الائي اسان جو مقابلو ڪري سگهن ها يا نه.
۽ سائين وري عوام جي سجاڳي ڏسو آسٽريليا جي هڪ وزيراعظم فرينڪلن بابت. هڪ ذاتي دوري کي سرڪاري دورو ڏيکاري صرف سفري ووچر پاس ڪرائين. ته هنگامو ايڏو ٿيو جو نه صرف کيس استعيفا ڏيڻي پئي پر مٿس ڪيس هليو. جنهن ۾ کيس ٻه سال سزا آئي.
۽ اڃان ٻڌو سائين!! ڪردار ۽ خود احتسابي. لاديني ته نه پر بقول اسان جي ڇڙواڳ معاشرو، آمريڪا، گيري هارٽ،جارج بش واري اليڪشن ۾ پنهنجي پارٽي يعني ڊيموڪريٽس جو تمام مضبوط اميدوار هيو. تان جو سندس فوٽو هڪ اخبار ۾ اچي. لانچ تي هڪ حسينه، گيري هارٽ جي هنج ۾ ويٺل هجي، باقاعده ڪپڙا اوڍيل. پر عام ماڻهن ۾ ايڏو ته چوٻول ٿيو ۽ سڀ کان مٿي، مسٽر گيري هارٽ تي ايڏو اثر پيو جو هن پارٽيءَ جي پرائمري اميدواري لاءِ به ويڙهه نه ڪئي. حالانڪه ان وقت گيري هارٽ جارج بش کان وڌيڪ مقبول هيو. اها آهي خود احتسابي!!
۽ هتي.... اسان وارا همراهه وڏي واڪي اعلان ڪندا نه فلاڻي فلم هيروئين جي نٿ مون لاتي يا فلاڻي جو ڪراچي ۾ پهريون مجرو مون ڪرايو. ڪوشش جاري هوندي ته ڪنهن ڊانسر ڪنهن ڳائڻيءَ، ڪنهن هيروئين سان اسان جو نالو ”واهه سائين واهه وزير هجي ته.....!! ريمان مريس ٿي مٿانس... هاڻ ته کي لفٽ ئي ڪونهي....“
اهو آهي اسان جو ڪلچر!! چسڪو وٺڻ!!
(عوامي آواز، 28 آگسٽ 1994ع)