شهر بانو
اهو ته هڪ مثال آهي عورت سان ٿيندڙ بي رحمانه سلوڪ جو. جتي عورت هر گهڙي خواهشن جي سيج چڙهندي آهي. پهرين پيءُ جي هوس جي نظر ٿي جو کانئس ٽيڻي عمر جي پوڙهي سان شادي ڪرائي ۽ جي رسمن، رواجن ۽ نظام کان باغي ٿي ته انتقام ۽ ڪوڙي انا جي نظر ٿي. هُن گناهه ڪيو. گناهه ڪبيرا. خواهشن، امنگن ۽ آرزوئن جو قتل ته هميشه کان پاپائيت ۽ ملائيت جو نصب العين رهيو آهي. انسان جي انا، سندس تصرف ۽ ملڪيت جو حوالو سندس لاءِ تمام زندگي جو محور رهيوآهي. هر انسان لاءِ نه پر عام طرح.
فريڊرڪ اينجلز چيو آهي ته شادي جو تصور ذاتي ملڪيت ۽ تصرف جي حوالي سان شروع ٿيو. ٻيو ذاتي ملڪيت جو ورهاڱو ۽ وراثت، الاجي ڇو ياد آيو. پر ان ڪري شايد، ته گناهه جو تصور به ڏاڍو متضاد آهي. بر ٽرانڊ رسل چيو ته، ”گناه جو تصور جاگرافيائي آهي.“ ڇو ته جي مسلمانن ۾ چار شادين کي گناهه نه ٿو سمجهيو وڃي ته ڪئٿولڪ عيسائين ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي جي اجازت نه آهي. گناه آهي حرام آهي. اڄ به لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ اتر هندوستان ۾ ڪي قبيلا اهڙا آهن جتي هڪ عورت هڪ کان وڌيڪ بلڪه ٽي ٽي چار چار مڙس رکي ٿي ۽ اهو انهن معاشرن ۾ جائز آهي. جتي مسلمان ۾ سوئر حرام آهي. اتي عيسائين ۾ منع نه آهي. جتي هندو پنهنجي ويجهي مائيٽي ۾ شادي ڪو نه ڪن اتي مسلمانن جي معاشري ۾ ويجهي رشتيداري ۾ شادي ڪرڻ سواءِ ڪن ممنوع رشتن جي عين ثواب ۽ فرض آهي. گناهه جي تصور جي جاگرافيائي هئڻ مان رسل جي مراد هئي ته ماڻهن جا گروهه جي مختلف هنڌن تي مختلف خطن ۾ قيام پذير ٿيا ۽ مختلف سماجي، تمدني، تهذيبي ارتقا جي مرحلن مان گذريا ۽ سندن تجربا ۽ ڏيکاءَ هڪ ٻئي کان عليحده هئا ۽ ايئن ئي جيڪي اثر هنن قبول ڪيا سي عليحده هئا. تنهن ڪري هنن جا زندگي جي باري ۾ نظريا، چڱي ۽ خراب جو تصور، گناهه ۽ ثواب جو تصور هڪ ٻئي کان عليحده آهي. هڪ نهايت مزيدار ڳالهه ياد آئي اٿم، ڪنهن وقت ته آئون تمام گهڻو ورجائيندو هئم ته هي ڪهڙو دوزخ آهي جو انجيل جي پڙهندڙ لاءِ ته، ”دوزخ جيان ٿڌو.“ ته وري اسان لاءِ ”دوزخ وانگيان گرم باهه.“ هاڻ دوزخ گرم آهي. باهه آهي يا برف آهي ۽ ڏسڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟! هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي دوزخ ۾ يا ته يخ بسته آهي هر ويلي يا وري ٻري پيو هردم.
مطلب ته نظريا معاشري جي حالتن پٽاندر ٺهندا رهيا آهن. جيڪي وصفون ڪٿي گڻ آهن سي وري ڪنهن ٻي هنڌ اوگڻ آهن.
ڪنهن وقت هڪڙي هندستاني (T.K.DUT) جو ڪتاب پڙهيو هئم. جنهن ۾ مختلف ليک هئا. ڪتاب جو نالو هيو (Breaker of Convertions) هڪ مضمون هيس ته (Marriage is nothings But legal prostitution) ”شادي قانوني رنڊي بازي آهي.“ ايئن يقينن نه آهي. شادي هڪ مقدس رشتو آهي. عهد آهي. آسمانن تي لکجي ٿو يا نه! ان کانسواءِ ٻن باهوش و حواس جيئري رهندڙ انسانن جي درميان واعدو آهي. جيئڻ مرڻ جو. پردت رسمن رواجن جي ٺٺول ڪئي هئي. عورت کي حق مهر ڏيڻ، منهن ڏيکاري ڏيڻ، زيور ڏيڻ، رشتن کي پيسن سان وٺڻ، اهڙيون ته ڪيئي رسمون آهن جي ڏيکارين ٿيون ته ڄڻ عورت کي خريد ڪيو ٿو وڃي. اهي رسمون انهيءَ مقدس رشتي جي توهين آهن جي ٻن آزاد انسانن کي هڪ ٻئي لاءِ زندگي ڀر هڪ زنجير ۾ وڪوڙين ٿا.
(عوامي آواز، 11 مارچ 1990)