گوندَر ول
شل هجي حياتي.....
ماءُ! تون ته هميشه اها دعا ڪندي آهين ته ڀل ڏور هجن پر هجن شل حياتي، سو، امڙ آءٌ جيئرو آهيان. حيات آهيان. ها، جيئرو آهيان. پر پنهنجو لاش پنهنجي ڪلهي تي کڻي پيو هلان. نافرمان، اوباش، ارڏو، ازل کان باغي!! ماءُ!! تون چوندين هئين ته هڪ فقير توکي دعا ڪئي هئي ته ستن پٽن جي ماءُ ٿيندئين. تون ٿئين ته سهي!!! ست پٽ!! ست ڪونڌر! ست مورڙا ته ڪو نه ٿيا. ستن ۾ آءٌ ئي هڪ شايد مورڙو ٿيو هئس جو ڪُن ۾ ڦاسي پيس ۽ تو ورجائي ورجائي ورجايو.....
گهاتو گهر نه آيا.......
امڙ!! آءٌ گهر نه آيس. آئون ڪو نه ايندس. تون ڀلي ور ور ڏيئي سُر گهاتو چئين. مان ورڻو ناهيان. مان ته اهو آهيان جنهن لاءِ تون شايد ڪمزور هجين پر بهادر مائون هميشه چونديون آهين،
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهن، ڪڏهين منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.
راهي رڻ جا.... ماءُ!! آئون رڻ جو راهي آهيان منهنجا ڏينهن ٿورڙا آهن. امڙ!! آئون ڳاڙهو گهوٽ آهيان. مون يا رت سان لائون لڌيون آهن يا شفق جي لاليءَ سان لائون لهڻ جو خواب پيو ڏسان. شفق جي لاليءَ ته ماءُ، ڏاڍي خوبصورت آهي. زندگي آهي. رنگ آهي. امنگ آهي. خوبصورتي آهي. مڌرتا آهي، سندرتا آهي. پر منهنجي قسمت اهڙي ڪٿي جو مان شفق سان لائون لهان. مان ته امڙ!! سدا جو وڻجارو آهيان. سيلاني آهيان. در در جو ديوانو آهيان. منهنجو پنهنجو ته ڪوئي رنگ ڪو نه رهيو آهي.مون پنهنجا رنگ لمحي، هر پل، هر کن، ڪنهن چاهت، ڪنهن آرزو تي قربان ڪيا هوندا، منهنجو ته ڪو وجود به ڪونهي، ڪو جسم ڪونهي، مون هر دم، هر گهڙي الائي ڪيترن الائي ڪهڙن درن تي سجدو ڏنو آهي.
هي پيشاني الاهي ڪيترن محبوبن، حسينائن جي در تي سربسجود ٿي آهي، جنهن پيشانيءَ تي توکي ناز هو ته آلوده نه آهي. سا امڙ!! جيجل هزارن درن تي جهڪي چڪي آهي. سربسجود ٿي چڪي آهي بوسيده!! آلوده!!
مون رت سان لائون لڌيون آهن، مون ايئن چيو هو نه ماءُ!!
رت سان لائون ته دودي لڌيون هيون. بلاول لڌيون هيون. هوشو لڌيون هيون. نذير لڌيون هيون. ذوالفقار علي لڌيون هيون. حسن ناصر لڌيون هيون. سقراط لڌيون هيون. رت سان لائون لهڻ حسين ابن علي جو ايمان هو. عيسيٰ ابن مريم جو واعدو هو.
مان، عامي آهيان ماءُ!! حسين ابن علي کان پوءِ ڪنهن ٻئي حسين ابن علي جو پيدا ٿيڻ محال آهي. صليب تي چڙهڻ عيسيٰ ابن مريم جو ڪم هو... مون ۾ ايتري همٿ ڪٿي آهي جو مان ويٺو پنهنجي مادريت جي بجاءِ پدريت لڀان.
ها، البته مان انهيءَ ڪمشڪش ۾ گم ضرور آهيان ته ڪاش مان حسين ابن علي جيتري مردانگي پيدا ڪيان. ڪاش مان ابن آذر هجان. ڪاش مان ابن مريم هجان. پر ماءُ! مان بي همت ڀٽڪندڙ انسان آهيان، جنهن سهارا ڳوليا آهن، امڙ!! منهنجي هي زندگي، اهڙيون هزار زندگيون توتان قربان ٿين. پر ماءُ!! جيجل!! توکي هڪ ڳالهه چوان .... منهنجا درد، منهنجا ڏک، منهنجون آرزوئون منهنجون تمنائون ڏاڍيون انوکيون آهن. عجيب آهن.
سکن جي سيد چئي پکي ڪين پياس
جيڪر آئون هياس، گري گوندر ول جي....
(عوامي آواز، 17 مارچ 1990)