مُئا نه ڀانيو سڀ مور
۽ پنهنجي ٻچڙي جو اهو سوال ٻڌي هن جي امڙ چوي ٿي ته ”منهنجا مٺڙا! جتي سهڻيون من موهڻيون پريون هونديون آهن، ديو اتي ئي مارو ڪندا آهن.“ اهڙو جواب صرف هڪ ماءُ ئي ڏئي سگهي ٿي. پوءِ اها ماءُ آفتاب جي هجي يا گورڪيءَ جي پاويل گورچاڪن جي!
ماءُ ته ماءُ هوندي آهي. هن جي بهادري ۽ هن جي ذهانت هن جي بي لوث محبت ۾ هوندي آهي. هڪ ماءُ جو اهو جواب پوري دنيا جي آمريتن بابت اٿندڙ سوالن جو هڪ ئي جواب آهي. آمريتن جا ديو به اتي ئي مارو ڪندا آهن، جتي پاڪستان ۾ جمهوريت نوخيز موڙ تان گذري يا چليءَ جي حسين ڌرتي تي عوام جا رقص جنرل پنوشي کان برداشت نه ٿين!
اياز ان سموري ڪيفيت کي هڪ ئي سٽ ۾ سمايو آهي ته؛
”جنهن کي سسئي سونهن آ، تنهن سان ڪيس ٿين“
جڏهن حالتن جو جبر هڪ ليکڪ جي هٿ کي جهلڻ جي پوري ڪوشش ٿو ڪري ته هو علامت جو سهارو ٿو وٺي. هن جو علامتون نه پنهنجي ديس پر پوري عالم جي منظر ڪشي ڪن ٿيون. ان ڪري جڏهن آفتاب ميمڻ پناما جي جنرل نوريگا تي لفظن جا پٿر ٿو وسائي ته دراصل هو دنيا جي هر ان آمر کي سنگسار ڪري ٿو، جيڪو لانگ بوٽ سان ڪنهن به ڌرتيءَ جي ڪنواري ساوڪ کي ڪچلڻ آيو.
آفتاب ميمڻ پنهنجي لکڻين ۾ ڪابه سطحي نعري بازي نه ڪئي آهي. ڇو ته هن کي پنهنجي قلم جي طاقت ۽ قاريءَ جي ذهانت تي ڀروسو آهي. هو اعتبار ڪري ٿو ۽ پوءِ هڪ لفظ لکي ٿو. هن کي ڪابه علامت لکندي، پنهنجي پڙهندڙ تي اعتبار آهي ته هو سمجهي ويندو. هن کي معلوم ٿي ويندو ته ليکڪ نوريگا جي نالي ۾ ڪنهن تي پٿر وسايا آهن ۽ پاناما جي حوالي سان پنهنجي ديس کان ڇا ٿو چاهي؟
جيڪي به ڪمزور ليکڪ هوندا آهن، سي سدائي سطحي قومپرستيءَ جي آڙ وٺي پنهنجن لفظن جو وزن وڌائيندا آهن. پر آفتاب ائين ناهي ڪيو. هن کي پنهنجي ديس سان ايترو پيار آهي، جيترو لطيف ”ڳنڍيون منجهه ڳنڍير“ جي حوالي سان بيان ڪيو آهي پر هن جي نيشنلزم نظرياتي طور تي يتيم ناهي. هن جي نيشنلزم جو گهرو ۽ مضبوط ناتو آهي، ان انٽرنيشنلزم سان، جنهن کان سواءِ هر نيشنلزم فاشزم ۾ ڦرندي ويرم ئي نه ڪندي آهي.
فرانس جي ميري اينٽونيٽ کان وٺي ڏکڻ آفريڪا جي نيلسن منڊيلا تائين آفتاب ميمڻ لکيو ته ائين آهي، ڄڻ هو عالمي سياست جو شاگرد هجي پر هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙ سان اهو سلوڪ اختيار ڪيو آهي، جيڪو هڪ شفيق استاد جو هوندو آهي. هن هر طرح سان هن کي سنڀاليو آهي ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو آهي ته متان بورجوا ميڊيا جي وڪڙ ۾ اچي، اهو سادو انسان ٽرمناليجين جي ٽڪساٽن ۾ ڦاسي نه پوي. ان ڪري هي ڪتاب نه صرف همت جي حوالي سان اجهامندڙ سنڌ جي سگهه ۾ اضافي جو باعث بڻبو پر هي ڪتاب ”سياسي سونهون“ به ٿيندو ۽ عالمي سياست جي لاهن چاڙهن کان وٺي، پنهنجي ديس جي روڳن جو اصل سبب بيان ڪرڻ تائين ۽ پنهنجي ماڻهن کي غلاميءَ ۽ جهالت کان دور رهڻ ۽ انهن ۾ هڪ نئين سج اڀارڻ جو بايقين احساس پيدا ڪرڻ تائين، سمورن شرطن تي پورو لهي ٿو.
هي ڪتاب جيڪو بنيادي طور تي مختلف موقعن تي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي، تنهن جا ڪجهه ڪالم پڙهي ته مان حيران آهيان ته سرڪاري نوڪريءَ جي سوريءَ تي لڙڪندي به آفتاب ميمڻ پنهنجي ضمير کي ڪهڙي ريت آجو رکيو آهي ۽ پنهنجي ضمير جي آجپي لاءِ هو ڪيئن نه رسڪي رستن تان گذريو آهي.
هي ڪتاب هڪ ليکڪ جي شعور جي آٽوبايوگرافي به آهي. هڪ حساس لکاريءَ جي سوچ جو هي سفر پڙهندي، ائين محسوس ٿئي ٿرو ته ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمري تائين محدود رهندي به ذهني لانگ مارچ ڪري سگهي ٿو. هي ڪتاب هڪ پنڌ آهي.ان ۾ هر موضوع هڪ ڏونگر آهي. ان ڏونگر تان هڪ اديب جو قلم ائين گذريو آهي، جيئن سسئيءَ هاڙو لنگهيو هو! حب سان. حوصلي سان. ۽ ان وچن سان ته:
”هي ڦٽيل پير وري پنڌ ڪندا
تنهنجو سوڳنڌ ڪندا
وقت آيو ته ٻه ٽڪر
ظلم جو ڪنڌ ڪندا!“
محبت، عظمت، جرئت ۽ آئيندي ۾ اميد جي هن داستان تي ڪجهه لفظ لکندي، مون کي نه صرف خوشي ٿي رهي آهي پر مان پاڻ کي خوشنصيب به سمجهان ٿو ته مان به ان سفر ۾ ٻن لفظن جون وکون کڻڻ جو شرف حاصل ڪري رهيو آهيان، جيڪو پنهنجي منزل تائين جاري رهندو.
لفظن جو سفر انسانن جي سفر کان وڌيڪ بامعني ۽ مشڪل هوندو آهي. عام طور تي ماڻهو ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا آهن. هو ڳالهائيندا آهن. سٺو به ڳالهائيندا آهن. پر لکڻ کان لنوائي ويندا آهن. ڇو ته لکڻ جو مطلب سڌو سنئون اهو ئي آهي ته اوهان پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي ڪمٽمينٽ ۾ آڻيو ٿا، جنهن کان نڪرڻ آسان ناهي. ڇو ته لکيل لفظ تاريخ جو حصو ٿي وڃن ٿا. تاريخ جيڪا تارازي آهي. جنهن ۾ هر انسان پنهنجو حساب ڏيڻ لاءِ پابند آهي.
مان ائين هر گز نه چوندس ته آفتاب ميمڻ هي ڪتاب لکي سنڌي قوم تي ڪو احسان ڪيو آهي. هن جو هر ڪالم هڪ ٿورو آهي. نه! هن صرف ۽ صرف پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. جڏهن هو اخبارن ۾ خبرون پڙهي رهيو هو ته هن پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ صرف اخبار کي ويڙهي اڇلائڻ ڪافي نه سمجهيو. پر هن انهن خبرن جي حوالي سان لکيو. هن موٽ ڏني. هن وقت جي راڪاسن کي رڙ ڪري چيو ته، ”سڀ مور نه مئا آهن.“
هيءَ دنيا هڪ چڙيا گهر ئي آهي. جنهن ۾ هر انسان کي پنهنجي مقدار ۽ معيار جو هڪ پڃرو نصيب ٿئي ٿو. جنهن ۾ هن کي آسان کاڌ خوراڪ حاصل ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري هو تماشو بڻجڻ قبول ڪري ٿو. پر ڪازانت زاڪس جي لفظن ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ سان پيار ڪن ٿا، اهي ڄار کي ڪتريندا رهن ٿا. آفتاب ميمڻ پنهنجي قلم سان پنهنجي ڄار کي جهڙي طرح ڪتريو آهي، هن جي ان ڪلا تي ڪيترن کي ئي رشڪ ايندو. ڇو ته سرڪاري ڊرافٽنگ ڪرڻ وارو ڪم ڏکيو هوندي به آسان آهي پر جڏهن اوهان ڪنهن آفيشل فائيل بدران تاريخ جي هٿ تي ڪجهه لفظ ٿا لکو ته اوهان ان جي اهميت کان بخوبي واقف هجو ٿا ۽ نتيجا به اوهان کان ڳجها نه ٿا هجن! اهڙين حالتن ۾ ڪير ٿو فرضي نڀائي؟ پر جيڪي ديس جي دانهن کي غيرت جي حوالي سان کڄيل ٻانهن سمجهن ٿا ۽ پوءِ لکن ٿا ۽ لکندي وساري سگهن ٿا ته سڀاڻي انهن کي ڪهڙو نتيجو ڏسڻو پوندو، انهن کي تاريخ جو اکيون مسڪرائي ڏسن ٿيون.
مون کي معلوم آهي ته آفتاب ميمڻ ڪو شاعر ناهي. پر هن جي خيالن ۾ جيڪا شعرن جي خوشبو آهي، ان ۾ هڪ شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي. هي اکين ۽ هٿن جي گڏيل ڪاوش ائين آهي، جيئن هي سنڌي نظم ته:
”هڪڙي شاعر جو وطن
هن جون اکيون!
هو سڪيءَ تي
سمنڊ جهڙي سار ٿي هن کي اچي
هو لکي ٿو لفظ
ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي!“
هي ڪتاب شعور جي سار ۽ حالتن جي خار جو سنگم آهي. هن ڪتاب جا اڪثر ڪالم ڏهاڪو سال پراڻا آهن پر هر ڪالم پڙهندي، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هاڻي جي ڳالهه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مان پبلو نرودا کي پڙهي رهيو هوس. هن جون اهي سٽون مون کان وسري ويون هيون ته:
”In what language does rain fall over tormented cities?“
هي ڪتاب پڙهندي، مون کي نه صرف پبلو نرودا جون مٿيون سٽون ياد آيون پر انهن ۾ اٿاريل سوال جو جواب به ملي ويو آهي.
عمر قاضي
ڪراچي