خواب ڏٺاسين
سهڻا! اوهان لاءِ ته اهو حڪم ڪرڻ تمام آسان آهي ته ”لک!“ شڪر ته ”پڙهه!“ ڪو نه چيو. مون ۾ ته پڙهڻ جي ست ئي ڪونهي. نه ڏاتَ ڪو ڪڏهين واسو ڪيو هوندو، نه فهم ۽ عقل، نه ئي عرفان مليو هوندو.
نه ادل نه!! مون بانءَ ڪئي ”پڙهڻ“ کان. تنهن هوندي به تنهنجي حڪم ”لک“ جي تعميل ڪرڻ جي ڪشش ڪئي اٿم. ڪيترائي دفعا.... اکر نٿا اُڪرن. ڄڻ اندر سڄو ٿوهر جي ڪنڊن سان رهڙيل هجي. لڱ لڱ ڦٽيل هجي. سور سليان ته ڪنهن سان. ٻاهر ته ٻاڦ به ڪڍڻ جرم آهي. هيڏو سارو وقت جو تو مون کي وساريل سمجهيو.... مون ڪيئي دفعا مري مري وري جيئڻ ۾ گذاريو. جيڪا پل گذري تنهن ۾ ڪوريءَ جي تند تي تاڻيو ۽ واڻيو ويو آهيان.
تو ۽مون ته خواب ڏٺا هيا. هن ڌرتي جا. هن ڌرتي لاءِ، ته هي ڌرتي امن ۽ آشتي جي ڌرتي آهي..... هتي پيار ۽ محبت جا گل ٽڙن ٿا... هي سانگيئڙا، هي ماروئڙا ، هي سُپت سنڌو جا سپوت معصوم، اٻوجهه ۽ پيار ڪرڻ وارا آهن. ائين آهي نه! اها هئي نه پنهنجي دنيا! هي ڌرتي..... هي سنڌو.... منهنجي امڙ.... منهنجي ڪايا...... منهنجو ڪرم.... منهنجو آدرش اهو هو.
ادل! مون ته ان ڌرتي جا خواب ڏٺا هيا جتي ونيون جهونگارينديون هيون ته:
آءٌ پرين ڪڻڪ ڪيا سنگ سنهرا
گــيت ٿيــا کــاڻ، سچو سون ٻري ٿو
ڪانگ لنوين وو
ادا! مون ته سپنن ۾ به ڪو نه سوچيو هوندو ته جڏهين ڪڻڪ سنگ سنهرا ڪندي ته ڌاڙيل غريب هاري کي فصل ڪو نه کڻڻ ڏيندو. تپيدار ۽ آبدار پنهنجو ڏن وٺندو. وڏيرو پنهنجي قرض جو چٺو ڪڍندو ۽ ڌرتيءَ جي سيني کي شق ڪرڻ وارو ڳڀرو وري وري انهيءَ گهاڻي ۾ پيسبو رهندو.
ها، ڳالهه آئي ڌاڙيلن جي! الاهي ڪيترا سيمينار ٿيا آهن. هر سطح تي بحث مباحثا ٿيا آهن. پر هڪ ڳالهه طئي ٿيل آهي موجوده ”ڌاڙيل فيڪٽر“ جو بڻ بنياد سنڌ جي وڏيري خاص طور ڪچي جي وڏيري ۽ سنڌ پوليس جو وڌل آهي. عام سنڌي وڏيري کي ڏاڍ مڙسيءَ جي شوق ۽ ڪچي جي وڏيري کي سنڌو جي ٻنهي ڪپن تي لکين ايڪڙ بنا سروي ٿيل زمين تي قبضي جي شوق، لوفرن ۽ ڌاڙيلن پالڻ جي علت ۾ وڌو آهي. جرم ۽ گناهه ۾ رازدار ٻنهي ڌرين جي مفادات جو تحفظ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪامورن خاص ڪري پوليس ڪيو آهي. وڏيري کان، ميمبر کان، وزير کان پڇندئو ته هر هڪ چوندو ته اهو سنڌ جو موروثي مسئلو آهي. چچ نامي جو ذڪر آهي ته جڏهن حضرت عمر ابن ابي خطاب جي زماني ۾ ايران ۽ مڪران جي رستي سنڌ جي فتح لاءِ اسلامي لشڪر آيو هو ته ڌاريلن شب خون هنيا ۽ لشڪر ڦريائون. ذڪر آهي ته بحري قزاقي ايڏي عام هئي جو حجاج بن يوسف انهي بحري قزاقي جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ ۾ لٽيل قافلي جي ”اغثنيٰ يا حجاج“ ٻڌي پنهنجي ناٺي کي سنڌ جي فتح لاءِ لشڪر ڏيرائي موڪليو هيو. هاڻ، هر ٽيون ماڻهو جي تاريخ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي تسلسل سان فعل قبيح ڪرڻ تي سندرو ٻڌي ويهي ته پوءِ کيس مرحوم ڪامريڊ نذير حسين جتوئي (جي جيئرو هجي ها) ۽ حفيظ قريشي صاحب جي حوالي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي.
يار! پر مون کي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ! سنڌي پريس ڇو ڀلا ڌاڙيلن کي ايڏيو (Glorify) ٿي ڪري. فلاڻو مظلوم.... فلاڻو پوليس جو ستايل.... فلاڻو وڏيري جو ستايل.... فلاڻي ڌاڙيل پريس ڪلب کي خط لکيو آهي ۽ هيٺيان ”جيئي لطيف“ ۽ ”جيئي سنڌ“ لکيو اٿس. شايد گهڻن کي خبر آهي ته جڏهين مير ٿيٻو ۽ سجاد ظهير (ڄام ساقيءَ جو پٽ) اغوا ٿيا هيا ۽ جڏهين اغوا ڪرڻ وارن کي خبر پيئي ته مير ٿيٻو پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو آهي ۽ ”ليڊر“ آهي ته چين، ”پوءِ ته چڱا پئسا ملندا.“ ۽ هيڏانهن اوهان (سنڌي پريس) محب شيدي جي سخاوت، پرو چانڊئي جي بهادري، فلاڻي کوسي جي مظلوميت.... جي داستانن جي ذڪر مان نٿا ٿڪجو.
وري خير سان سنڌي قوم پرست!! انهي ڪردار جي ڪهاڻي ئي الڳ آهي!؟ ويچاري اياز شيخ ڇا چيو....
ستر لک سپوتو
هوشو، هيمو بڻجو
هرڪو جهڙو دودو
دولهه دريا خان
سنڌو ديس مهان.
ادا! مون کي پنهنجي ڪرت جي ڪري ۽ ذاتي دلچسپي جي ڪري به انهن انقلابين جي سڌ پيئي هوندي. الا جي انارڪي ۽ لاقانونيت مان انقلاب آڻڻ جي سُڌ ڪنهن هنن جي مغز ۾ وڌي آهي. ياد اٿئه! پهريون اهم اغوا حڪومت سنڌ جي وزير بديع الحسن زيدي جو هنن يارن ڪيو هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون سنڌي به قتل انهن بندوقن سان ٿيو جيڪي چندا ڪري سنڌي نوجوانن کي سنڌين جو رکوالو ڪرڻ لاءِ وٺي ڏنيون ويون هيون.
اڄ ستر لک نه پر پنج ڪروڙ سپت سنڌو جا سپوت نه هيمون آهن، نه هوشو آهن، نه دودا آهن، نه دولهه دريا خان آهن پر
جي وڏيرا آهن ته پاٿاريدار آهن
جي سيد، مير، ڄام، سردار آهن ته
ڌاڙيلن ۽ ظالمن جا ساٿاري آهن
جي امير، وزير آهن
ته سنڌ جا سوداگر آهن
جي ڪامورا آهن ته راشي ۽ ڪانئر آهن
جي هاري، ٻڪرار ۽ ريڍار آهن
ته ڌاڙيلن جا رهندا ساٿي آهن
۽ سندن پيرو ڊاهيندڙ آهن.
يار! سنڌي قوم جي ذاتي ۽ اجتماعي غيرت کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هن ڌرتيءَ تي اسان جا پٽ، پوٽا، ۽ پڙ پوٽا به رهڻا آهن. اچڻا آهن ۽ رهندا. ڪيسين هي اجتماعي بي حسي ۽ بي غيرتي رهندي. جن ڳالهين کي هڪ آزاد، مهذب معاشري جو ماڻهو باعث شرم سمجهندو آهي تن تي اسان جي قسمتن جا والي، اسان جي مستقبل جا معمار ۽ حال جا راهگذر ٺاهڻ وارا فخر محسوس ڪن ٿا.
ڪٿي چچ نامي ۾ صحيح ته ڪونهي لکيل ته حضرت عثمان غنيءَ کي سندس جاسوس سنڌ جي باري ۾ لکيو؛
”هتي جو پاڻو گدلو ۽ ميرو، ميوا تُرش ۽ نڙي کي وٺندڙ، آبهوا بي ڀروسي ۽ ائين ئي هتان جا ماڻهو....“
سو، منهنجا يار! تون ئي ٻڌاءِ ڇا لکان.... ڪنهن لاءِ لکان...... ۽ جو هيڏي آرام سان هي رام ڪهاڻي ٻڌائي مانءِ..... تنهنجي خيال ۾ انهن حقيقتن جو اهڃاڻ به مون لاءِ ايترو آسان ٿيو هوندو. اڙي چريا! ڪيترا دفعا رڙيو آهيان. حضرت عمر ابن ابي خطاب وانگي دعا گهري اٿم.
I wish I was a dead dry leaf blown over the rocks by winds
ڪاش! مان هڪ بي جان پتو (وڻ جو) هجان ها جنهن کي هوا اڏاري پهاڙن تان ڦٽو ڪندي وتي).
سو ڀاءُ!! ائين اٿئي! مون ته سوچيو هو ته لکندس.... ڇا لکندس..... ڪنهن لاءِ لکندس.... خبر اٿئي.... انهن لاءِ جن لاءِ اياز چيو آهي..........
هي گيت اٽل انسانن جا
هي گيت روپهري ٻانهن جا
پر شور هوائن جئن جوانن جا
هي گيت رسيلن رنگن جا
يا جهولا مست امنگن جا
ڪٿا آڻيان! ٻڌاءِ! ڪٿان آڻيان.... ڪٿان آڻيان رسيلا رنگ ۽ مست امنگون.....!! مون وٽ ته اندر جي ڦٽن ۽ زخمن کانسواءِ ڪجهه ڪونهي. ڄاڻ به وڏو عذاب آهي.
(عوامي آواز، 10 مارچ 1992ع)