گانڌي: ويهين صدي جو عظيم ايشيائي
ايشيا ويڪ جي هن صدي جي ايشيائي مرد (بلڪه ايشيائي ڇو ته مرد عورت جي تشخيص نه آهي) جي تلاش جاري رهي ته ڪير آهي، جنهن جي هٿ ونڊ ايشيا جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ سندس تخليق، ايجاد، ڪرت، ڪردار ۽ سڀا هڪ ستل ۽ مردهه قوم لاءِ ديرپا اثر ڇڏيو. وڏا وڏا نالا آيا. مائوزي تنگ، مدر ٽريسا، مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور، امريتا سين، سوامي ناٿن، بروس لي، چانگ من چو، گوڪينگ سوئي، ڪوري اڪينو، محمد يونس، هوچي منه، دلائي لامه ۽ ٻيا انيڪ نالا آيا. پر ”ايشيا ويڪ“ پنهنجي فيصلي جو آڌار هڪ ته پنجن شعبن ۾ بهترين ايشيائي تي رکيو. ٻيو ته انهن جي چونڊ لاءِ نه صرف لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي راءِ ورتي پر تحقيقي ادارن ڏانهن به رجوع ڪيو ۽ ان کانپوءِ ڇنڊڇاڻ ۽ تجزئي جي عمل کي وٺندي پنج ايشيائي چونڊيا. انهن پنج ايشيائي ماڻهن مان هڪ کي سڀ کان افضل ۽ بهتر قرار ڏنو جو هن ايشيا جو نه صرف مان مٿڀرو ڪيو پر ذلت ۽ پيڙا ۾ پيل ماڻهن سان هڪ ٿي کين مان وارو ڪرائي هڪ لازوال مثال پيدا ڪيو. جنهن جي نه صرف سڄي دنيا ساراهه ڪئي پر سندس ڪرت ۽ سڀا قابل تقليد سمجهي تسليم ڪئي ويئي.
اُهي پنج ايشيائي ڪير آهن؟ چين جو موجوده دور جو اڳواڻ ڊينگ زياوپنگ جو 19 فيبروري تي بيجنگ ۾ گذاري ويو پر چين کي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪري ويو. ڊينگ، ماؤ زي تنگ جي دور ۾ جاگيردارن جي ضبط ٿيل زمينن، جن کي سرڪاري سرپرستي ۾ ”ڪميون“ کيڙيندي هئي، تنهن کي هارين ۾ ورهائي ويهه ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي پيسجندڙ چڪيءَ مان آزاد ڪرايو. سندس نالو ”حڪومت ۽ سياست“ ۾ سڀ کان مٿڀرو ليکيو ويو. ڊينگ کانپوءِ حڪومت ۽ سياست جي زمري ۾ موهن داس ڪرم چند گانڌيءَ جو نالو سرفهرست ٿي آيو پر ڪجهه ووٽن جي فرق جي ڪري گانڌي ٻي نمبر تي آيو.
واپار ۽ معاشيات ۾ جاپان جي ”سوني“ ڪارپوريشن جي باني ”موريتا اڪيو“ جو نالو سرفهرست آيو، جنهن جي ”سوني ڪمپني ترقي يافته ملڪن ۾ به ميڊ ان جاپان“ کي هڪ عزت ۽ وقار وارو مقام ڏيارايو.
فن ۽ ادب ۾ جاپان جو مشهور ۽ ناميارو آسڪر ايوارڊ کڻندڙ فلم ڊائريڪٽر ڪوروسوا آڪيرو سوڀيارو ٿيو. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ چيني بڻ بنياد رکندڙ هانگ ڪانگ جو چارلس ڪي- ڪائو اول آيو، جنهن آپٽيڪل فائيبر جو بنياد وجهي مواصلاتي نظام ۾ انقلابي تبديلي ۽ اڳڀرائي حاصل ڪئي.
هاڻ اچو پنجين تي. اُهو جنهن اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي اجاگر ڪيو. جنهن مرده قوم کي قوت گويائي ڏني. جو ولايت مان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري آيو، سوٽ بوٽ لاهي کڏيءَ تي اُڻيل گوڏ ٻڌي شودرن سان وڃي رهيو. جيتوڻيڪ هو هندستان جي 600 رياستن مان هڪ ننڍڙي ڪاٺياواڙي رياست جي ديوان جو پٽ هيو، پر هن ماڻهن جي پائخانن جي صفائي به ڪئي ته ماڻهوءَ انهي کي ڪا ڪريل ڪرت نه سمجهن. جو برهمچاري هيو. جنهن ”ستياگرهه“ جي نالي تي سول نافرماني جو متو ڏنو ته ڪيئن ڪمزور ۽ مظلوم، ڏاڍي ۽ ظالم سان بنا هٿيارن جي به ”صرف ظلم سهڻ“ ۽ وري به سندن اکين ۾ اکيون ملائي کيس انڪار ڪرڻ جي قوت رکن ٿا. جيڪو پنهنجي مختصر وجود ۾ هماليه جي پهاڙن جهڙي ارڏائي ۽ قوت رکندو هيو. هڪ چپل ۾ هلندو هيو پر تاج برطانيا کي صرف ۽ صرف پنهنجي اندر جي طاقت ۽ شڪتيءَ سان ڊاهي وڌائين. اهو هئو موهن داس ڪرم چند گانڌي جنهن ”اخلاقي ۽ روحاني قدرن“ واري صف ۾ اولين حيثيت ماڻي.
پر نه صرف ايترو ڪونهي. ايشيا ويڪ جي لفظن ۾ گانڌي ڏيکاريو ته آزادي ۽ ماڻهپي جو شان ماڻهو جي وجود جو حصو آهي ۽ کين ڪابه طاقت مستقل طور ميساري نٿي سگهي. چاهي اُها قوت ڪو پرماريت تي بيٺل بيٺڪي نظام هجي يا چاهي موجوده دور جو فوجي ۽ آمرانه نظام هجي ۽ ”ائين گانڌي نه صرف عام ماڻهن کي پنهنجي قسمت ۽ تقدير ٺاهڻ وارو بڻايو پر تمام ايشيائين لاءِ عزت ۽ مان جو بي مثال نشان بڻجي ويو“. انهيءَ ڪري ايشيا ويڪ، موهن داس ڪرم چند گانڌيءَ کي هن صديءَ جو سڀ کان وڏو ۽ عظيم ايشيائي قرار ڏنو.
هيءَ ته آهي عالمي راءِ ۽ محققانه نتيجو. ٿيو ڇا؟ هتي اسين گانڌيءَ جو نالو ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. کوهه جي ڏيڏر جيان آهيون. هُتي هندستان ۾ سندس ئي ڌرم ڀاين کيس گوليون هڻي ماري ڇڏيو. هاڻ بس ڪجي. ڪٿي پڙهندڙن کي عالمي معلومات ڏيڻ جي چڪر ۾ فتويٰ جي زد ۾ نه اچي وڃون. هونئن به قسمت ڪجهه نور عباسيءَ واري ٻانڀڻ جيان آهي. ري گناهه … واٽ ويندي ……
(عوامي آواز، 30 ڊسمبر 1999ع)