درست حڪمراني
هي هيو عمر بن عبدالعزيز خليفته المسلمين. جنهن جي دور خلافت ۾ هڪ پاسي ته مسلمانن جي حڪومت جي سرحد هند وچين تائين وڃي پهتي هئي ته ٻي پاسي مشرقي يورپ، اسپين ۽ آفريڪا تي هلالي جهنڊو ڦڙڪندو هيو. ڪنهن سلطنت، ڪنهن حڪومت، انسان جي تاريخ ۾ ايڏي وسيع تر علائقي تي اثر نه رکيو هيو. ها البته تاج برطانيا ڪيئي صديون پوءِ يونين جيڪ جي برطانوي جهنڊي کي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڦڙڪايو.
عمر بن عبدالعزيز رکوالو هيو اعلى روايتن جو. پاسبان هيو چار يارن جي نقشِ پا جو. امين هيو ان راهه جو، جتي جنهن عمر ابن خطاب جي نالي جي دهشت کان قيصر و ڪسريٰ جي محلاتن جا گنبذ ڏڪندا هئا. انهيءَ عمر ابن ابي خطاب کي ڀري محفل ۾ ٽوڪيو ويو ته ”اي عمر مال غنيمت ۾ ته هر ڪنهن کي هڪ چادر حصي ۾ آئي هئي. هي تنهن جو جبو هڪ چادر کان وڌيڪ ڪپڙي مان ٺهيل آهي. بخدا! جيسين تون اهو حساب نه ڏينديون تيسين تون هن منبر خلافت تي بيهي مسلمانن کي خطبو ڏيئي نٿو سگهين.“ ۽ عمر ابن ابي خطاب، جو جڏهن ايمان آڻڻ کان پوءِ اگهاڙي تلوار کڻي ڪعبته الله ۾ داخل ٿيو ۽ بيانگ دهل ڪلمو پڙهي اعلان ڪيائين، ”اي سرداران قريش! مون محمد جي دين تي ايمان آندو آهي. آئون شاهدي ٿو ڏيان ته الله هيڪڙو ئي آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو الله نه آهي ۽ محمد ان جو (سچو) رسول آهي. اي سرداران قريش! اڄ ڏينهن تائين توهان محمد ۽ ان جي ساٿين کي ڪعبه ۾ عبادت ڪرڻ نه ڏني. آئون اعلان ٿو ڪريان ته آئون انهي واحد رب جي عبادت ڪرڻ لڳو آهيان. آهي ڪنهن ماءُ ڪو ٻار ڄڻيو. آهي ڪنهن جي ٻانهن ۾ ايتري همت جو مون کي روڪي سگهي.“ ۽ ائين چئي عمر ابن ابي خطاب الله اڪبر چئي نماز جوٽي. قريش جا ٻلوان، جوڌا مرد سڀ ڄڻ بت بڻجي ويا. ڪنهن کي همت ڪو نه ٿي ته عمر ابن ابي خطاب کي ويجهو وڃي. اهو ئي عمر رضه جڏهن منبر تي بيٺو آهي. سندس احتساب ٿئي ٿو ته ڪنڌ هيٺ ڪري منبر تان لهي ٿو ۽ پٽ عبدالله ابن عمر ڏي اشارو ڪري چوي ٿو ته هن کان جواب وٺو. عبدالله ابن عمر مسجد نبوي ۾ بيهي وڏي واڪي چوي ٿو، ”منهنجي حصي ۾ آيل چادر مون پنهنجي پيءُ کي ڏني ته هو جبو ٺهرائي سگهي جو سندس پراڻو جبو تُنَ تُنَ ٿيل هيو ۽ ستر پوشي لاءِ به ناڪافي ٿيڻ لڳو هو. ”اعتراض ڪندڙ ائين چئي ويهي رهي ٿو. ”اي عمر! توکي بيشڪ حق آهي ته تون مسلمانن کي خطاب ڪرين.“ ۽ صرف پوءِ ئي عمر ابن ابي خطاب منبر تي چڙهي ٿو. الله جي ساراهه بيان ڪرڻ، حمد بيان ڪرڻ ۽ مسلمانن کي خطاب ڪرڻ. خود احتسابي، عاجزي ۽ نهٺائي انهن عظيم ترين شخصيتن جو امتياز رهيو آهي. پنهنجي ذات کي مثالي بڻائڻ ئي حڪمراني جو اولين اصول آهي. ڪار سرڪار ۾ منتظم لاءِ سڀ کان اول اعليٰ ڪردار جو هئڻ ضروري آهي. ماڻهن جي ڌڻ جي رکوالي ڪرڻ واري کي پنهنجا هٿ صاف رکڻا پوندا آهن. درست ۽ چڱي حڪمراني لاءِ ضروري آهي ته خوف خدا هجي. نيت صاف هجي. جن تي حڪمراني ڪئي وڃي ٿي انهن سان عدل ۽ انصاف ڪجي. ريا ۽ رغبت کان پاسو ڪجي. سرڪاري اهلڪار مقرر ڪرڻ وقت معيار صرف ۽ صرف ميرٽ هجي. ميرٽ اها نه جيڪا ذاتي تارازي تي توري وڃي پر اها جا مسلمه اصولن مطابق هجي.
درست ۽ چڱي حڪمراني لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪار سرڪار ۾ مصروف اهلڪارن جي عزت نفس کي مجروح نه ڪيو وڃي. سندن حقن کي پائمال نه ڪيو وڃي. بقول معراج خالد ته قانون نافذ ڪرائڻ وارن کي ڀريل مجمع ۾ ذليل نه ڪيو وڃي. عرضدار کي ڪرسي ڀلي ڏيو پر جي ٿاڻيدار کي پٽ تي ويهاريو ويندو ته عمارت زمين بوس ٿي ويندي.
اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ايس ايس جعفري هڪ واقعو بيان ڪيو ته جڏهن هو سيڪريٽري انڊسٽريز (صنعت) هيو ته هڪ ٽينڊر ٿيو. جنهن ۾ ڪا ڌر سڀ کان گهٽ ريٽ ڏيئي ڪامياب پئي ٿي. احمد دائود ٻئي نمبر تي هيو. ايوب خان جو خيال هيو ته ڪيڏو نه بهتر ٿئي جي احمد دائود کي ٺيڪو ملي ۽ ايوب خان کيس گهرائي اهي لفظ به چيا. پر جعفري صاحب ايوب خان کي چيو ته اهو قاعدن جي خلاف ٿيندو. ايوب خان کيس هڪ پل لاءِ ڏسندي، چيو ته هو ڀل قانون مطابق ڪم ڪري ۽ ائين ٺيڪو احمد دائود کي نه مليو. صدر پاڪستان محمد ايوب خان پنهنجي تمام تر خواهش جي باوجود قاعدن ۽ قانون کي لتاڙڻ پسند ڪو نه ڪيو.
پر ايوب خان کان پوءِ شايد قاعدا ۽ قانون به موڪلائي ويا. حڪمران ته ٺهيو پر سندن چمچا ڪڙڇا به ناڪار ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي. ناڪار جي صورت ۾ ڪنهن ڪنهن سان ڪهڙي ويڌن ٿي ٿئي. ٻيو ته ٺهيو پر اعلى عدالتن جا جج به محفوظ ڪو نه رهيا. سول سروسز کي هونئن به 1973ع جي آئيني تبديلين کان پوءِ آئيني تحفظ ڪو نه رهيو آهي.
هاڻ حڪمران لڏو سوئيز بينڪن ۾ به ڪروڙين ڊالر رکيو انڪار ڪيو وڃن ۽ پيٽ ڦاڙڻ جون ڌمڪيون ڏين. هر ڪار سرڪار انجام ڏيندڙ کي، صحافي کي، مخالفت ڪندڙ کي. داستانون ڀريل آهن جي عالم آشڪار آهن. درست ۽ چڱي حڪمراني لاءِ سڀ کان اول اقتدار ماڻيندڙ برهمڻ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن ته پوءِ سڌاري جو امڪان آهي.
(عوامي آواز، 8 جولاءِ 1999ع)