آگاهي
جسم انساني جي خلين کان وٺي نظام شمسي، ڪهڪشان، هوا ۽ پاڻيٺي امتزاج جي طوفانن تائين هيءَ ڪائنات ڄاڻ ۽ اڻڄاڻائي جي ڀوائتي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. ها البته هڪ مظهر آشڪار آهي ته سڀ ڪي هر شيءِ هر ذرو. ڪٿي ڪنهن هنڌ ڪنهن عمل. چاهي ڄاتل چاهي اڻ ڄاتل جي تابع آهي. سو ادل!! انهيءَ اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ڪائنات جي هڪ انتهائي حقير ۽ هيچ ذري جي ڇا مجال ته ويهي مبلغ ۽ ناصح ٿئي. مڪان وزمان جي سلسلئه دوران تي راءِ زني ڪري. ٻڌ! جڏهن آئون پنهنجي پتڪڙي جيون جي باري ۾ سوڇيندو آهيان ۽ انهيءَ جي تسلسل ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهيان ته ڪجهه دير لاءِ ڦونڊجي ضرور ويندو آهيان. پر هڪدم وري خيال ايندو اٿم ته هيڏي ساري Cosmos ۾، جڳ ۾، آئون ۽ مون جهڙا ساهوارا ڪيڏا نه حقير جيوت آهن. ڪيترا نه بي حيثيت آهن. حساب ۾ Iota جي به شايد ڪا حيثيت هجي. هي انسان شايد اهو به نه هجي تڏهن اهو ڄاڻندي منهنجو وجود ڪاري اماؤس جي رات ٿي ويندو آهي. منهنجي تن من تي انڌاري ڇانئجي ويندي آهي. تمام فلسفهءِ حيات ڪوري ڪاغذ جيان بي حيثيت ٿي ويندا آهن.
ڪاري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي يا ڀوري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي، تارن ۾ چنڊ، مانڊاڻ، ۾ سج ۾ ۽ پوءِ بت شڪني ۾ ابن آذر خدا جي تلاش ۾ نڪتو. غار حرا ۾ رسول عربي، انسانيت جو ڇوٽڪارو ڳولڻ نڪتو. شاهزادو ابن شاهه زادو سڌارٿ بڙ جي وڻ هيٺان نرواڻ جي ڳولا ۾ اچي وارد ٿيو ۽ تت ڪيائين ته:
دکم سروم دکم
(جو آهي سو ڏک آهي. ڏک آهي سدا ڏک آهي......)
ڀل پوءِ نرواڻ جو سنهري رستو اٺن ۾ سمجهائي يا ڏهن ۾. تت وري به ”ڏک آهي. سدا ڏک آهي.....“
آئون ته مورڙو ڪو نه آهيان جو ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ مانگر مڇ مارڻ لاءِ لٿو آهيان. نه ڪنهن روزميه داستان جو ڪردار آهيان جو.......
وجهن ڌڙ ڌڙن تي هاڪارين هنن، ڪرن ڪنڌ، نچن، رڻ، گجيو، راڙو ٿيو.... منهنجي ته ڪا به ميراث ڪونهي.
مان ته پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان، نڪتم عمل ۽ علم جي تلاش ۾، خبر پيئي ته اڄ به ڪورو جاهل آهيان. آگاهي سان هانءِ ٺرڻ کپيو ٿي. پر نه، ڄاڻ وڏو عذاب آهي. چاهي اها ڄاڻ ڇو نه هجي ته آئون اڻڄاڻ آهيان. لڇان ۽ لوچان واري ڪيفيت هوندي آهي. چوءِ ڦير انڌاري آهي.
ٻڌاءِ! ڇا ڪيان!!
(عوامي آواز، 31 مارچ 1992)