تاريخ جو هڪ ورق
”ملڪه معظمه“ جو اقبال بلند- وزيراعظم سلطنت تمام اهم ڪم جي لاءِ گذارش ڪرڻ چاهي ٿو ۽ باريابي جي اجازت طلب ٿو ڪري. ”ملڪ“ فرانس وزيراعظم کي خواب گاهه جي ٻاهريان ويهڻ جي ڪمري ۾ آڻڻ ۽ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو. ملڪئه عاليه تيار ٿي ٻاهر نڪتي. وزيراعظم فورن گوڏن ڀر ويهي سجدو ڪندڙ انداز ۾ چيو.
”ملڪئه عاليه جو اقبال بلند هجي.“
”ڪهڙي تڪڙي ۽ اهم ڳالهه آهي.“ وزيراعظم ملڪئه بي نيازي سان پڇيو.
”ملڪئه معظمه… محل جي ٻاهر لکين ماڻهن جو هجوم جمع ٿيل آهي. ”وزيراعظم هٻڪندي چيو، ”مونکي خبر آهي، هو منهنجي ديدار لاءِ آتا آهن.“ ملڪئه وراڻيو.
”نه، ملڪئه عاليه …“ وزيراعظم وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو.
”ڳالهه پوري ڪريو.“ ميڊي اينٽيونيٽ ڪاوڙ مان چيو: ”زبان اجازت نه ٿي ڏي، ملڪئه عاليه-“ وزيراعظم ڏڪندي ڏڪندي وري سجده ريز ٿيندي چيو.
”وزيراعظم …!!“ ملڪئه ميري ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿيندي زوردار آواز ۾ ذري گهٽ رڙندي چيو. ”جا زبان ملڪئه جي حڪم تي به ڳالهائي: نٿي سگهي ان کي پاڙئون ڪڍيو ويندو.“
”رحم … رحم… ملڪئه معظمه … مان ڪيئن ٻڌايان ته هي بکيا، اگهاڙا ۽ جاهل مزدور، هاري ڪن لامذهب ماڻهن جي چرچ تي اوهان جي خلاف نعرا پيا هڻن.“ وزيراعظم هاڻي ڏڪڻ جي بجاءِ باقاعده ڦٿڪي رهيو هو.
”ڇو؟“ ملڪئه عاليه پڇيو.
”ملڪ ۾ اناج جي کوٽ ڪري کين ماني نٿي ملي.“
وزيراعظم وراڻيو.
”جي ماني نٿي ملي ته ڪيڪ ڇو نٿا کائين؟ ”ملڪئه“ عجب مان پڇيو.
ملڪئه ميري اينٽيونيٽ جو اِهو تاريخي جملو ته “If there is no bread, why don’t they eat cakes” تاريخ ۾ هميشه لاءِ لکجي ويو. دنيا ڏٺو ته اهي لڱن اگهاڙا، پيٽ بکيا جيءَ جان تان آسرو پلي ميدان ۾ لهي آيا، شاهي محل توڙي امراءَ ۽ وزيرن جون محلاتون ساڙي ڇڏيائون. اڄ دنيا انهن بکين ۽ اڌ اگهاڙن انسانن جي جدوجهد کي ”انقلاب فرانس“ جي نالي سان ياد ٿي ڪري، ۽ ورهيه ڪونه لڳا، سنگينن ۽ تلوارن جي جٿن هٿن خالي انسانن جي انبوهه اڳيان شڪست کائڻ ۾ ڏينهن مس لڳايا.
ٺيڪ ٽي سئو ٻاوويهه سال پوءِ تاريخ وري هڪ ٻيو مذاق ڪيو. هاڻ جاءِ مٽاڻي. اٽو مهانگو ٿيو، داليون مهانگيون ٿيون. بجلي مهانگي. وري کنڊ مهانگي. وزيراعظم پاڪستان تازو ئي فرمايو ته:
”مهانگائي ڪونهي. ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي.“ الائي ڪهڙن ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي. ڪامورن جي، فوجين جي، سياستدانن جي يا 500 ارب روپين جي افغان آفيم واپار تي پلجندڙ پاڪستاني اشرافيه جي. خبر نه آهي ته ڪهڙا ناعاقبت انديش صلاحڪار آهن، جي هر حڪومت کي اها صلاح ڏيندا آهن ته شير ۽ ٻڪري هڪڙي گهاٽ تي پاڻي پيا پين، سڀ ٺيڪ ڪونهي. ڪجهه به ٺيڪ ڪونهي.
ڪن ادارن جي چوڻ مطابق هن ملڪ جو چاليهه سيڪڙو عوام غربت جي حد کان هيٺ زندگي گذاري پيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ رپورٽ مطابق سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ غربت جي حد کان هيٺ زندگي گذارڻ واري جي شرح 50 کان 55 سيڪڙو آهي. غربت جي حد کان هيٺ رهڻ جو پيمانو هڪ ڊالر يعني سٺ روپيا روز کان گهٽ آهي. يعنيٰ ته ارڙهن سو رپيا مهينو، روزنامه جنگ جي هڪ تجزئي مطابق هڪ غريب کان غريب ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ قريبن اٺ هزار رپيا گهرجن ته هو ٽي ويلا نه ته ٻه ويلا ماني کائي سگهي ۽ تن تي هڪ جوڙو ڪپڙن جو پائي سگهي.
في ڪس آمدنيءَ ۾ واڌارو يا جي ڊي پي جو اٺ سيڪڙو وڌڻ يا برآمد جو ڏهه ارب روپين کان وڌڻ يا خزاني ۾ مٽا سٽا لاءِ هڪ ارب ڊالر جو سرمايو هئڻ سان غريب ماڻهو جو ڳڀو نٿو پيدا ٿئي. هي تمام فسانه گيري تڏهين ڪارآمد آهي جڏهن غربت ۽ اميري جو فرق گهٽجي. اسڪول به پرائيويٽ، اسپتالون به پرائيويٽ. هاڻ روڊ رستا، پليون به پرائيويٽ ته بجلي، گيس ۽ مٿان ريلوي به پرائيويٽ حڪومت ڪو واڻئي جو هٽ ته نه آهي جو صرف منعافي لاءِ هلي. حڪومت جو پهريون ۽ اولين فرض آهي ته پنهنجي عوام کي تعليم، صحت، صاف پاڻي، روڊ رستا، پارڪ، غرض ته هڪ نظام ۽ سرشتو جوڙي ڏيڻ جو. عوام جي زندگي کي بهتر بڻائي، جي اهو نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڦٽن تي لوڻ ته نه ٻرڪين. علم معاشيات ڪا مريخ جي کوجنا ڪونهي جو صرف هڪ ماڻهو جي هڪ هٽي هجي. اسان پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ هي گونگا، ٻوڙا، ڇسا، جاهل، بکايل ۽ لڱن لوساٽيل انسان سمجهن ٿا. ايترو نه ڪيو جو هو صبر جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏين ۽ خبر نه آهي ڇو، جڏهن خوشامدين جو ٽولو حاڪمن کي وڪوڙي ويندو آهي ته حاڪم هر ڳالهه وساري ڇڏيندا آهن. خاص طور تاريخ جو سبق… ائين نه ڪيو سائين. هنن ٿلن پيٽن وارن کي قابو ڪيو جي هر سال اربين رپيا ڪمائين ٿا ۽ استحصال جي نظام کي مضبوط کان مضبوط ڪن ٿا.
(سوڀ، 18 مئي 2006ع)