استحصالي سامراج ڪير؟
خير، اسان ته ڳالهه پئي ڪئي سين ”صاحب“ جي. ”گوري صاحب“ جي. سندس وارث ڀوري صاحب جي، ”ڪاري صاحب“ جي آداب حڪمراني جي جنهن تحت هزارين ميل پري رهندڙن فرض شناس ماڻهن جي هڪ ننڍي جٿي جي سهڪار ۽ مدد سان ڪروڙن تي حڪومت ڪئي وئي ۽ کين بهترين حڪمراني جي نظام سان آشنا ڪرايو ويو.
سائين امداد محمد شاهه هڪ دفعو ڳالهه ڪئي ته نوابشاهه جي هڪ ميمبر اسيمبلي انگريز ڪليڪٽر کي ڪنهن تپيدار جي بدليءَ لاءِ چيو. ڪليڪٽر جي خيال ۾ تپيدار جي تبديليءَ لاءِ ڪو جواز نه هيو. تنهن ڪري جواب ڏنائين. ميمبر صاحب وڏي وزير ۽ سنڌ جي ليفٽيننٽ گورنر ٻنهي کي چيو. ڪليڪٽر هر ٻنهي بالادستن کي ٻڌايو ته ميمبر صاحب جي گهر بي واجبي آهي ۽ ذاتي عناد جي ڪري آهي، تنهنڪري هو بدلي ڪونه ڪندو. تپيدار ته بدلي ڪونه ٿيو پر ميمبر صاحب ٻه ٽي ٻيا ميمبر ملائي وزارت اعليٰ ڊهرائي وڌي. نئين وزيراعليٰ کي ليفٽيننٽ گورنر کي منٿ ڪري ڪليڪٽر کي بدلي ڪرائڻو پيو پر تپيدار بدلي نه ٿيو. تپيدار جي بدلي ڪو اهم مسئلو ڪونه هيو پر ڇو ته هڪ سرڪاري اهلڪار کي بلاوجهه رڳو ان ڪري تڪليف ۾ وجهجي ته ڪنهن وڏي پٽڪي کي هن جي شڪل ڪونه ٿي وڻي.
انگريزن ۽ افغانن جي وچ ۾ 19 صديءَ جي آخر کان ويهين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن تائين ڪافي ويڙهه هلندي رهي. خبر پيئي ته برطانوي ريزيڊنٽ مقامي حڪومت ۽ جنگجو قبيلائي ماڻهن جي طرفان پنهنجي ۽ پنهنجي عملي کي جان جو خطرو ڄاڻايو. دهلي مان انگريز سرڪار هڪ ننڍو جٿو مدد ڪاڻ اماڻيو ۽ امير افغانستان لاءِ امن جو پيغام به اماڻيو. نه هن جٿي کي خبر پيئي نه ئي انگريز سرڪار کي ته جيسين اهو جٿو ڪابل پهچي. تيسين ريزيڊنسيءَ کي افغانن گهيرو ڪري ڇڏيو. ريزيڊنسيءَ ۾ رهندڙن ٻن ڏينهن تائين مقابلو ڪيو. سندن ماڻهو ڪرندا ويا. تان جو امدادي جٿو پهتو. ٻنهي پاسن کان باقاعده جنگ هلي. انگريز ڪرندا ويا. تان جو هڪ نوجوان ليفٽيننٽ وڃي بچيو. هٿيارن ۽ گولين جو ذخيرو ختم ٿي ويو. اڪيلي ليفٽيننٽ هڪ بهادر سپاهيءَ جيان ڇا ڪيو جو هڪ هٿ ۾ يونين جيڪ جو برطانوي جهنڊو کڻي بلند ڪيائون ۽ ٻي هٿ ۾ سفيد ڪپڙو.سينو ساهي ٻاهر نڪتو ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيائين. ”تاج برطانيا جي نالي تي آئون تمام باغين کي حڪم ٿو ڏيان ته پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن، جيڪو هٿيار ڦٽا ڪندو، تنهن کي معافي ڏني ويندي.“ افغان کلڻ لڳا. هو ويجهو ايندو ويو ۽ پنهنجو اعلان ورجائيندو ويو. تان جو مڇريل افغانين مٿس حملو ڪري کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. اها همٿ فقط يقين ڏياري ٿي، فقط ڪردار ۽ فرض شناسي ئي اهڙو ڪم ڪرائي سگهي ٿي.
گورو صاحب هليو ويو. آءِ سي ايس يا انڊين سول سروسز هاڻ مٽجي سول سروسز آف پاڪستان يا سي ايس پي ٿي. شروع ۾ يا ته آءِ سي ايس ۽ صوبائي انتظامي سروسز جو ڍانچو هيو يا وري عدليه جو نظام هيو يا پوليس جو انتظامي نظام هيو. پوءِ صحت جو کاتو آيو يا ريلوي جو کاتو وجود ۾ آيو. انجنيئري جي هڪ خاص شعبي هئڻ ڪري پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي وجود ۾ آڻڻو پيو. پر عمومي انتظامي نظام ٽيڪسن جي وصولي ۽ امن امان جي ذميواري آءِ سي ايس توڙي صوبائي انتظامي سروسز کي ڏنل هئي. آهسته آهسته جيئن جيئن مختلف ڪار سرڪار جا شعبا ضروري محسوس ٿيڻ لڳا. تيئن کاتا وڌيڪ کلڻ لڳا. انتظامي سربراهي سنڀاليندڙ تان ويو بار گهٽجندو. تان جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن اندر ئي سي ايس پي هڪ عمومي انتظامي ڍانچو سنڀاليندڙ نوڪري ٿي ويئي، جنهن جو خاص شعبو امن امان، قانون جي بالادستي قائم رکڻ ۽ زمين جي معاملن جي سنڀال وڃي رهي. انهيءَ کانسواءِ انتظامي اڪائي جي حد تائين توڙي صوبائي ۽ مرڪزي سطح تي پاليسي ٺاهڻ ۾ سندن عمل دخل رهيو.
وقت جو ڦيٿو هلندو رهيو. ايوب خان ڪجهه بهترين آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪيو. يحييٰ خان آيو، تنهن وري ايوب خان کان چؤڻ تي آفيسر ڪڍيا. ذوالفقار علي ڀٽو آيو، ڀٽي صاحب نه رڳو آفيسرن کي بنا ڪارروائي ۽ قاعدن ۽ قانون کي لتاڙي نوڪريءَ کان واندو ڪيو پر آئين تحت کين مليل تحفظ به ختم ڪيائين. ڀٽي صاحب جي دور ۾ ڪڍيل آفيسرن جي لسٽ ۾ ته اڌ درجن فوتي به هيا ته هاشم ميمڻ مرحوم جهڙا ايماندار ۽ فرض شناس ڪامورا به هيا.
هاڻ سي ايس پي ڦري ڊي ايم جي جو چولو پاتو. ايوب خان، يحييٰ خان ۽ ڀٽي صاحب پارن انهن آفيسرن کي قاعدي قانون جي خلاف ڪڍڻ تي به شايد اڃا ڪنهن جو پيٽ ڪونه ڀريو هو. مرحوم ضياءُ الحق ته اهڙو رواج ڪڍيو جو آفيسر اڃا موڪل مهل گهر وڃڻ جي تياري پيو ڪري ته مٿان اچي حڪم نامو پهتو ته هن حڪم نامي ملندي سان ئي تنهنجي نوڪري ختم. شايد گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ڪيترائي ناپسنديده ڪامورا ضياءُ الحق اهڙي آپيشاهي طريقي سان ڪڍيا.
(عوامي آواز، 30 سيپٽمبر 1999ع،)