ڄامڙن جي دور ۾ بنارس جو جوڳي
مٿان اچي فون ڪڙڪو ڪيو. امداد هيو. چيائين ته ادا ڪالم ڪونه پهتو. چيو مانس ته مون وٽ ته ڪي به ڪونهي لکڻ لاءِ. جسم ۽ ذهن نستا ٿي پيا آهن. ٿڪجي پيو آهيان. ڪوشش ڪيان ٿو. سوچن ۾ گم- الا جي ذهن جي ڪهڙي وهڪري ياد ڏياريو. جڏهن آئون گيمنز پاڪستان ۾ انجنيئر هوندو هئم ۽ نوابشاهه- سڪرنڊ روڊ تي وقتي ڪچن ڪواٽرن ۾ رهندو هئم ته هفتي جي پڄاڻي حيدرآباد وڃڻ جي ڪندو هئم. آچر تي وڃي ڄامشورو جو ديدار ڪبو ۽ هڪ مُن موهڻي ۽ دل گهريءَ دلدار جي حاضري ڀربي. عشق جو هيو. هوءَ به مون کي روز ٻي ڏينهن خط لکندي هئي ۽ آئون به هن کي هفتي ۾ ٻه خط ضرور لکندو هئس. ڪافي وقت کانپوءِ هن منهنجا لکيل خط مونکي پڙهايا ته ڏس هي تو مونکي لکيا هئا. تنهنجو عشق ڪيڏانهن ويو؟مون چيو مانس ته هي خط مون پاڻ ڏي لکيا هيا شايد تون به ته اها ڪونه رهي آهين جنهن کي آئون ڏسندو هيس، جا منهن جي نس نس ۾ سمايل هئي. پر تنهنجو قصور نه آهي. قصور ته ڪنهن جو به نه آهي. نه تنهنجو نه منهنجو. جي منهنجي من ۾ اها آنڌ مانڌ نه لڪيل هجي ته ڇو آئون ڪنهن سهڻيءَ من موهڻيءَ جي نگاهه جي تير جو شڪار ٿيان ها ۽ هوءَ منهنجي وياڪل روح کي شانت ڪرڻ لاءِ هر هيلو ڪري، هر بهانو ڪري ها. پر شانتي ته ڪا سدا جي رٺل محبوبه آهي ۽ آئون به ته سدا جو اُڃايل آهيان. شانتي ئي جي منهنجي درد جو دارون هجي. درمل هجي، ته گوتم جي اٺ سنهرن متن جي پنڌ جو پانڌي ٿيان ها. مست الست موالين سان سُلفيءَ جي سوٽن ۾ هست کي نيست جو چولو پارائي سُڌ جي جهنجهٽ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيان ها. آهه! شانتي ته منهنجي منزل ئي ڪونهي. تون به ته منهنجي منزل ڪانه هئين. جي تون منهنجي منزل هجين ها ته ڪيئن آئون هر ڪاڪ محل تي مٿو ٽيڪيان ها. هر جائي آهيان. ائين نه!! تون ڀلي مون کي هر جائي چئو. ڀونري جيان شايد مون به رنگ رنگ جي گلن جو واس ورتو هوندو. هر هر پنهنجي لبن کي آلودهه ڪيو هوندو. حسن جي بارگاهه ۾ سوين سجدا ڪيا هوندا. شايد اندر جي لوڇ پوڇ کي سانت ڪرڻ لاءِ، يا حيواني جبلتن جي زور آور گهوڙي جي ڇڙواڳي هئي.
هي ماضيءَ جي ڳالهه ٿو پيو ڪيان. اڄ زندگيءَ جي جنهن واٽي تي بيٺو آهيان اُتي ته هر شيءَ بي معنيٰ ٿي لڳيم. رنگ بُو جي دنيا به هڪ خواب کان مٿي نظر ڪونه ٿي اچيم. هست ۽ نيست جو فلسفو اڄ پنهنجي ڪُل بي معنائي ۽ ڇساڻ سان مذمتي ٺٺول پيو ڪري.
جو گذريو سو الا جي ڪيئن گذريو. جي چڱو هيو ته به ٺيڪ ۽ جي چڱو نه هيو ته به آئون نه ته ماضي کي مٽائڻ تي قادر آهيان نه ئي وري حال تي منهنجو وس آهي. آئيندو ته الا جي ڪنهن ڏٺو آهي ۽ ڪنهن کي ڏسڻو آهي؟ مونکي ته ايندڙ صبح سان به ڪا دلچسپي ڪانهي. لاشو آهي جو پنهنجي ڪلهن تي کنيو پيو جيون جوهي ڪارو چڪر پورو ڪريان.
متان سمجهين ته آئون ڪو مايوس ٿيو آهيان. اڙي! مايوس ته اهو ٿيندو آهي جنهن کي آس هجي. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪتي ته مونکي صديون ٿي ويون. ڇا ٿي سمجهين! تنهنجو ڇا خيال آهي. بنارس جو جوڳي اڪيلو ته ڪونه هيو. مان به ته ساڻ هيم- ڀل هن جي ئي واتان دکم سروم دکم (جو آهي سو ڏک آهي) جو ڪلمو نڪتو هيو پر هن جو ۽ منهنجو سفر ته گڏ هيو. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪرندي ئي مون سندس ڪنن ۾ سرراٽ ڪيو هيو. ”گوتم! شانتي ڪونه ملندي. شانتي ته خواب آهي. ڪنهن جي ڳولا ٿو ڪرين؟ اُٿ! عظيم استاد! هي شانتي جي ڳولا به ته لڇڻ آهي، ڏک آهي، جا شيءَ تو وٽ نه آهي سا توکي ڏک ڏيئي ٿي. ڇڏ! هن جيون جنجال کي. جو آهي سو ڏک آهي.“
ڏاهي گوتم ڪجهه ٻڌو، ڪجهه اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هليو هيو ويچارو سنهري متا ڏيڻ. تان جو پارو ٿو کاڌو کائي مري ويو. چڱو ٿيو جو آس ۽ نراس جي چڪر ۾ ته ڪونه پيو. صدين جي تاريخ جو تسلسل اکين آڏو پيو ڦيراٽيون ڏي. ڪهڙا ڪهڙا ڪونڌر جوان، هي ٻلوان، قدآور هستيون ڪيئن ڪوتاهه قد بدشڪلن، بداعمالن ڄامڙن جي سازشن جو شڪار ٿي صفحه هستيءَ تان ميٽجي ويا. چند، تمام چند تاريخ جي ڪنهن ڀولي جي مهربانين جي ڪري پنهنجو نالو ڇڏي سگهيا. لکين، ڪروڙين ته شايد ماسڪو جي گمنام سپاهي جي حيثيت به نه ماڻي سگهيا. جيون ته هنن لاءِ هونئن به عذاب ڀوڳڻ رهيو پر موت جي مهربان آغوش به سندن مٿان ٿيل ناانصافين ۽ نامهربانين جو ازالو نه ڪري سگهي. اهو ته سمجهان ٿو ته قدآور ديون جو زمانو برابر گذري ويو آهي ۽ هاڻ ڄامڙا ئي طاقت جي نشي ۾ ٺينگ ٽپا پيا ڏين. ڄامڙن جو دور جو آهي. اسين سڀ ڀل ته بوهه ڀريل ماڻهو هجون. کوکلا ۽ بوهه ڀريل. پر الميو اهو نه آهي. الميو اهو آهي ته ڄامڙن جو دور آهي. هي ڪارا ڪوجها بدشڪل ۽ بداعمالا ڄامڙا سٻاجهن سلڇڻن کي ئي پنهنجي ڌڪار ۽ نفرت جو نشانو بڻائين ٿا. سندن لاشن تي پنهنجي ڪاميابي جا محل تعمير ڪن ٿا.
اڄ سقراط ته آهي ڪونه جو زهر جو پيالو پي به چوي ته مان حق تي آهيان اڄ اسين در دريون بند ڪري ٺُپ انڌيري ڪمري ۾ ويهي انتظار ٿا ڪريون ته متان منهنجو نه وارو اچي.
(عوامي آواز، 18 نومبر 1999ع)