سنڌو...سپت سنڌو
”جيستائين هيڊ پنجنند وٽان پاڻي گهربل مقدار ۾ گڊو وٽ نٿو پهچي تيستائين سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران جاري رهندو. آبپاشي عملدارن جو موقف، عوامي آواز 27 جولاءِ 1999ع).
چشمه لنڪ ڪينال ۾ پاڻي ڇڏي سنڌ جي حقن تي راتاهو هنيو ويو آهي. فصل سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. سنڌ کي پوري پاڻي ملڻ کانسواءِ چشمه جهلم لنڪ ڪينال کولي نٿي سگهجي. معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪيئي ويئي آهي.“ سيد خورسيد شاه ميمبر قومي اسيمبلي جو اسيمبلي ۾ خطاب 24 مئي 1999ع. ”پاڻي جي معاملي تي ايندر ڏهه سالن دوران ننڍن صوبن ۽ پنجاب ۾ ويڙهاند جو خطرو“ (عوامي آواز 27 جولاءِ 1999ع) اڳيان هلندي”عوامي آواز“ لکيو آهي ته ”سنڌو ۾ پاڻي جي وڌيڪ لاٿ زرعي معيشت تباهه ٿيڻ جو خدشو، تربيلا ۽ منگلا وٽان اضافي پاڻي کڻڻ سبب صورتحال سنگين ٿيندي پئي وڃي. خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايل آهي ته ايندڙ ڏهه سالن ۾ پاڻي جو جيڪو وڏو بحران پيدا ٿيندو. تنهن جي سلسلي ۾ پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري مسئلي تي وڏو تڪرار جنم وٺندو. وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي گوهر ايوب خان وڌيڪ فتصيل ڏيندي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ ملڪ جي آبادي ٻيڻي ٿي ويندي. پاڻي جي موجوده ذخيرن ۾ اضافي کانسواءِ صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي. پاڻي جا ذخيرا 32 سيڪڙو جي حساب سان گهٽجي رهيا آهن. تربيلا منگلا ۾ پاڻي جي ذخيره اندوزي جي سگهه تيزي سان گهٽجي رهي آهي. تربيلا ۽ منگلا جي پاڻي جي ذخيره اندوزي جي سگهه کي وڌائڻ ممڪن ڪونهي. جي ڪو نئون ڊيم ۽ پاڻي جي ذخيره اندوزي جو سرشتو ڪالاباغ طرز تي هينئر به ٺهڻ شروع ٿيو ته ان کي مڪمل ٿيندي گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سال لڳندا. سو به جي تمام مرحلا وقت سندس خوش اسلوبيءَ سان ئي ٿيا ته. وفاق جي ترجمان ۽ وفاقي وزير پاڻيءَ ۽ بجلي اهو تسليم ڪيو آهي ته ايندڙ ڏهه سالن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي مسئلي تي وڏو تڪرار جنم وٺندو. اهو تسليم ڪرڻ ته تڪرار آهي ۽ وڌندو سا به شابس هجي گوهر ايوب خان کي جنهن مڃيو آهي ته هيستائين ته وڏو ڀاءُ بي موسمي ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي چشمه جهلم لنڪ ڪينال کوليندو آهي ته به چوندو آهي ته پاڻي سمونڊ ۾ ٿو وڃي. اوهين ڀلي لک ڀيرا چئو ته سائين سمونڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ جي صورت ۾ ٺٽو ۽ بدين ڌٻڻ ٿي ويندو. لکين ايڪڙ سرسبز ۽ شاداب زرعي زمين سامونڊي ويرن جي نظر ٿي ويندي. هي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پنج هزار نه پر ان کان گهڻو مٿي پاڻي جڏهن ويندو تڏهن ئي ڪراچي کي پاڻي ملندو، ماحولياتي توازن برقرار رهندو. سامونڊي ويرن جي اثر زائل ٿيندو، پر نه. وري چوندا ته سنڌ ٿو پاڻي بند ڪري، هيٺائين وارو مٿاهين واري جو ڪيئن ٿو پاڻي بند ڪري اها ته شينهن ۽ ٻڪري واري آکاڻي آهي. ۽ هي جو ويڙهاند جو خطرو آهي سو ويڙهه به شينهن ۽ ٻڪري جي ويڙهه مثل آهي. جيڪي ڪرڻو آهي سو ته شينهن ڪندو ۽ ٻڪري... سمجهو پاڻ!! پر هن سڄي معاملي ۾ جس هجي ادريس راجپوت کي. ادريس راجپوت جتي هڪ فرض شناس ڪاموري جيان حقيقتن جو کلم کلا اظهار ڪيو آهي ته اتي سنڌ واسي هئڻ جي حيثيت سان ائين پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي جو ڪو به سنڌي ۽ ڌرتيءَ جو سپوت سڏائيندڙ به نه ڪري سگهيو آهي. ادريس راجپوت سنڌ اسيمبلي جي فلور تي جتي هڪ پاسي پنجاب جي زيادتين ڏي نشاندهي ڪئي آهي ته ٻي پاسي بااثر سنڌي وڏيرن جي ڏاڍاين، سڌا واٽر ڪڍائڻ، پاڻي چوري ڪرڻ ۽ ٻين زيادتين کي به وائکو ڪيو آهي. ڪاش! جڏهن چشمه لنڪ ڪينال ٺهيو ٿي جڏهن پاڻي جي ونڊ ورڇ واري فيصلي جي ارهه زورائي ٿي پئي ته ان وقت به اسان وٽ ڪو ادريس راجپوت هجي ها. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جي نظام تي هم آهنگي هجي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن وڏو صوبو اڳتي قدم وڌائيندو ۽ سنڌي وڏيرو ذاتي مفاد کان مٿڀرو ٿي وک وڌائيندو.
(عوامي آواز، 5 آگسٽ 1999ع)