اڌ گابريون ڳالهيونII-
اهي آهن هن سسٽم جون خاميون، هڪ ته چوپاسي، هر هنڌ، هر ملڪ ۾، بيروزگاري، بک بيماري، ڪمزور معاشي نظام جي ناهمواري ۽ ٻيا انيڪ مسئلا آهن. ايشيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن جو بحران آهي. مليشيا ۽ ٿائلينيڊ جي سڪي کي مضبوط ناڻو رکندڙ صرف هڪ فرد ڊانواڊول ڪري سگهي ٿو. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ڪيترائي اهڙا امير ادارا ۽ فرد واحد به آهن جن جي ڪمائي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ جي سڄي سال جي آمدني کان مٿي آهي ۽ مٿان وري ”ملڪ سڄو ابي جي جاگير آهي.“ وارو رويو. ڪير ته حساب ڪري، عالمي بئنڪ به تازو ئي هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي حوالي سان جيڪي تدابير ٻڌايل آهن ته ڪيئن ملڪي معيشت کي بهتر ڪجي. تنهن ۾ ”درست حڪمراني ۽ هڪ شفاف، پائيدار ۽ غير لچڪدار مستقل بنيادن تي قائم نظام احتساب جي قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. عالمي بئنڪ جي طرفان مٿين ٻن قدمن کي انتهائي ضروري قرار ڏيڻ مان اهو به اشارو ملي ٿو ته پاڪستان ۾ ”درست ۽ چڱي حڪمراني“ جي ته اڻاٺ آهي پر نظام احتساب به مستقل بنيادن تي هجڻ ضروري آهي. اسپتال، ڪو يتيم خانو پنهنجي حق حلال جي اباڻي ملڪيت مان ٺهرائي ڏيڻ جو رواج ته گنگارام، ديوان ڄيٺچند ۽ نورز جي ڊنشا کان پوءِ شايد لڏي ويو. اسان رابن هڊ کي ديومالائي ڪريڪٽر بڻايون پوءِ به ٺيڪ. هو صرف شاهوڪار لٽيندو هو ۽ غريبن ۾ ورهائيندو هيو. هي ته جو نظام آهي سو ته ملڪ جون پاڙون پٽڻ وارو آهي. انهيءَ جو ته حساب ٿيڻ کپي.
۽ صورتحال ڪيڏي نه ڳنڀير آهي. انهيءَ جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن معاشي ماهر جي به ضرورت ڪونهي. مرحوم ڊاڪٽر محبوب الحق جي ٺاهيل اداري ”انساني ترقي لاءِ ادارو“ ويجهڙائي ۾ هڪ تحقيق بعنوان ”پاڪستان ۾ غربت“ شايع ڪئي. انهيءَ تحقيق جي اشاعت ۾ ”اقوام متحده جي اداري براءِ ترقياتي پروگرام) (يو اين ڊي پي) سهڪار ڪئي. رپورٽ مطابق 1990ع واري ڏهاڪي ۾ بيروزگاري، افراط زر، سست ترقي ۽ بدتر سماجي سروسز غربت جي ٽائيم بم جي ڦاٽڻ جي عمل ۾ تيزي آندي آهي.
رپورٽ مطابق سوا چار ڪروڙ ماڻهو يا آبادي جو 30 سيڪڙو کان مٿي آبادي ”انتهائي غربت“ ۾ رهي ٿي. پوڻا پنج ڪروڙ بالغ ماڻهو يا 62 سيڪڙو بالغن جي آبادي نه پڙهي سگهي ٿي، نه لکي سگهي. ائين عورتن ۾ بالغ اڻ پڙهيلن جو تناسب 76 في صد آهي. ڇهه ڪروڙ ماڻهن يا آبادي جي54 في صد ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪونهي. ساڍا چار ڪروڙ ماڻهن يا آبادي جي 40 سيڪڙو ماڻهن کي بنيادي صحت جي ضروريات ميسر ڪونهي. قريب هڪ ڪروڙ ٻار جي 5 سالن کان ننڍا آهن ۽ 5 سالن کان ننڍن ٻارن جي آبادي ۾ 38 سيڪڙو آهن تن کي صحيح خوراڪ نٿي ملي ۽ هنن جي ذهني توڙي جسماني نشو نما متاثر ٿيندي. رپورٽ مطابق ڳوٺن ۾ غربت شهرن جي نسبت وڌي آهي ۽ ڳوٺن ۾ غربت جو وڌڻ جنم ڏيندو شهرن ڏي نقل مڪاني کي. شهرن ۾ نقل مڪاني وري وڌائيندي ٻوجهه شهرن جي بينادي سهوليتن تي جي اڳ ئي نه هئڻ برابر آهن ۽ ائين ئي ڦيٿو پيو هلندو.
ضرورت ته هن ڳالهه جي آهي ته بجاءِ وڏا وڏا راڪاسن جيڏا پروجيڪٽ کڻجن، بنيادي صحت، تعليم، زرعي ترقي ۽ صنعتي ترقي تي زور ڏجي، خود انحصاري تي ڀاڙجي. اڳي ئي معاشي حالتون ڪمزور آهن. 99-1998ع جي بجيٽ جا قريب 600 ارب هئي. تنهن ۾ رکيل آمدني جو تخمينو ته هيو، ڪوئي پوڻا چار سئو ارب وري گهٽيو. پر خيال آهي ته وڌ ۾ وڌ 300 ارب تمام محاصل مان آمدني ٿيندي. هاڻ جي ڪل 300 ارب جي آمدني مان 200-250 ارب قرضن ۾ واپسي ڪجي. وري قرض کڻي يا نوٽ ڇاپي بجيٽ جو حساب پورو ڪجي ته نتيجن قرض وڌندو. رپيو ملهه گهٽائيندو، مهانگائي وڌندي، غربت وڌندي ۽ غريب ۽ امير جو فرق يا ويڇو وڌندو، تمام معاشي ادارا انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته انساني ترقي لاءِ هڪ اهم ترين ڪم غريب ۽ امير جو ويڇو گهٽائڻ آهي ۽ ”انتهائي غربت“ ۾ رهندڙن کي انهيءَ درجي مان ڪڍڻو آهي.
اڃا ته وري ڳالهيون ئي ٻيون پيون هلن. عقلمندن جو هڪ بااثر طبقو آهي جنهن جو خيال آهي ته زرعي ٽيڪس وڌائڻ تمام ضروري آهي. آبيانو، عشر، ضلعي ٽيڪس، يونين ڪونسل جا آڪٽراءِ ٽيڪس شايد کين ٽيڪس ڪو نه ٿا لڳن.
زرعي پيداوار ڪيتري گهٽي آهي. زراعت کي نظر انداز ڪرڻ سان اسان کي ڪيتري ڪڻڪ ۽ ٻيون جنسون ٻاهران گهرائڻيون پون ٿيون. اهو ليکو ته ويچارن وٽ آهي ئي ڪو نه. 1981ع ۾ اسان 5 ارب رپين جي خوراڪ درآمد ڪندا هئاسين ۽ خير سان 98-1997ع ۾ صرف خوراڪ جي مد ۾ ڪيل درآمد 20 ارب رپيا آهن. اسان پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن جو قريب اڌ ٻاهران گهرايون ٿا. زرعي سيڪٽر کي نظر انداز ڪرڻ جو هڪ مثال ته اهو آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن زراعت ۾ خود ڪفالت جون اسڪيمون مليون هيون تڏهن زرعي شعبي ۾ شرح پيداوار ۾ 7.4 في صد اضافو ٿيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ گهٽجي 4.4 سيڪڙو رهيو. جو وري 80 واري ڏهاڪي ۾ گهٽجي 3.34 في صد رهيو ۽ خير سان 90 واري ڏهاڪي ۾ زرعي شعبي ۾ شرح پيداوار (1991ع کان 1997ع تائين) ۾ اضافو صرف 2.34 في آيو آهي ۽ 1980ع کان وٺي ست سال اهڙا آيا آهن جن ۾ منفي رجحان رهيو آهي. يعني گهٽتائي آئي آهي. اربن رپين جو ته صرف پام آئيل ۽ سويابين آئيل گهرايون ٿا ته سڻڀو کاڄ ملي. هي هيترو سارو ساحلي علائقو پيو آهي. متان ڪا اهڙي اسڪيم شروع ڪيو جو اسان وٽ ئي سويا بين ۽ پام آئيل ٿئي. پوءِ درآمدي اسڪيمن مان متان ڪو متارو ٿيڻ کان رهجي نه وڃي.
(عوامي آواز، پهرين جون، 1999ع)