تاريخ جو سبق
وقت گذرندو رهيو، آخر تائين ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي ته محمود غزنويءَ کي ڪهڙي نانگ چڪ پاتو هيو جو سترنهن دفعا هندستان تي ڪاهه ڪيائين. هي شاهجهان بادشاهه يا ته پيو هلندو هيو ۽ عمارتون ٺهرائيندو يا وري جنگيون ڪندو. نيٺ سندس نيڪ، پرهيزگار ۽ خدا ترس پٽ منجهائس اسان جي جان ڇڏائي. جڏهين ڪجهه سمجهه ڀريا ٿياسين ته پوءِ ئي تاريخ پنهنجي تمام تسلسل ۽ تضاد ۾ سامهون اچي ورق اٿلائڻ شروع ڪيا. آئون تاريخ جي انهن شاگردن مان آهيان جي استادن جي هڪ قابل ذڪر گروهه سان انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪندا آهن ته مغليه سلطنت جو زوال محمد شاهه رنگيلي جي عيش و عشرت نه پر انگريز جي تڪنيڪي مهارت آندو. تاريخ جي ورقن ۾ عظيم حڪمران طور ذڪر ڪيل شاهجهان ۽ اورنگزيب عالمگير جي پاليسين مغل سلطنت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن پاليسين ۾ وڏي ۾ وڏي غلطي سندن دارالخلافه کان مستقل دوري هئي. شاجهان ٽيهه سال کن حڪومت ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ يادگار منصوبن جي تعمير ۽ دکني سلطنتن سان هٿ چراند، سرحد صوبي جي باغين جي سرڪوبي ۾ گذاريو ته اورنگزيب وري شاهجهان کان به ٻه هٿ اڳيان رهيو. پنجاهه سالن جي دور حڪومت ۾ اورنگزيب ٽيهارو سال ته ڪڏهين مرهٽن جي سرڪوبي لاءِ پيو وڃي ته ڪڏهين سکن سان پيو وڙهي ته ڪڏهي ڪابل تائين پيو ڪاهون ڪري ته ڪڏهين جي ڀائر گورنر هيا انهن جي پويان هٿ ڌوئي ڪاهي پوي ته وري يڪا ڏهاڪو سال بيجاپور ۽ گولڪنڊا جي مسلمان رياستن کي فتح ڪري. ۽ مسلمان رياستن سان وڙهڻ جو وڏو ڪارڻ به اهو ته هو شيعا آهن. دارالحڪومت کان پري رهڻ، خزاني تي ڳاٽي ڀڄندڙ وزن وجهڻ ۽ ائين خزانو خالي ڪرڻ، عظيم الشان يادگار منصوبا ۽ عمارتون ٺهرائڻ مغل سلطنت جي زوال جي سببن مان چند سبب هيا.
هي تاريخ دانيءَ جو پيٽ ۾ سور انهيءَ ڪري پيو اٿم جو تازوئي اخبار ۾ پڙهيم ته وزيراعظم پاڪستان ميان نواز شريف ٽيهه مهينن جي دور حڪومت ۾ ٻاويهه ملڪن جو دورو ڪيو. ڊان اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته نه، وزيراعظم ٽيهه مهينن ۾ ٻاويهه دورا نه ڪيا آهن پر سندن ريڪارڊ موجب ايڪونجاهه دورا ڪيا آهن، جن ۾ ڪن ملڪن جا هڪ کان وڌيڪ دفعو جا دورا به شامل آهن. انهن دورن جي ڪري وزيراعظم صاحب ملڪ کان 150 ڏينهن ٻاهر رهيو آهي. اڃا اندروني دورن جو ڪاٿو ته ڪنهن لڳايو ئي ڪونهي. هاڻي جيڪو خرچ ٿيو هوندو تنهن جا نه تفصيل آهن نه ئي اسان جو مقصد انهيءَ تي بحث ڪرڻ آهي. دورن جي ڪري ملڪ جي خوشحالي تي ڪيترو اثر پيو يا گڏيل لاڳاپا ڪيترا وڌايا ويا، ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع ڪيترو مضبوط ٿيو؟ اهو بحث به اسان جي دائري ۾ ڪونهي. اسان کي ته فقط شاهجهان جي مماثلت نظر آئي تنهنڪري عرض رکيوسين. الاهي! جان جي امان ملي يا نه پر رهي نٿا سگهون. هن مٽيءَ سان ايڏي ته محبت آهي جو ڪڏهن ڪنهن ويلي هن بيڪار جند تان آسرو لاهي به ڳالهه ڪرڻ کان ڪونه ٿا مڙئون.
ٻي ڳالهه خيال ۾ آئي ته انهن دورن جي دوري جو اثر محترمه تي به گهٽ ڪونه هيو. پنهنجي دور حڪومت ۾ هو مهيني ۾ ذري گهٽ سراسري طور هڪ کان مٿي يا ڏيڍ دورو ڪيائين. ڪنهن کي ياد آهي ته آمر ايوب خان يارنهن ٻارنهن سالن ۾ ڪيترا غير ملڪي دورا ڪيا هئا. شايد ٻارنهن يا چوڏهن. پر پوءِ به آمريڪا اسان جي امدادي ساٿارين مان هيو. چين عظيم تر دوست هيو. ايوب خان جي ڏهن سالا دور حڪومت ۾ ئي اصل صنعتي ترقي جو بنياد پيو. زرعي معيشت کي جا هٿي ايوب خان جي زماني ۾ ملي، زرعي پيداوار ۾ جو اضافو ٿيو، سو ڪنهن دور ۾ ڪونه ٿيو. حڪمراني بلڪل درست ۽ بهتر هئي. قانون جي بالادستي هئي. ڪهڙا عوامل انهيءَ جو ڪارڻ هيا. تاريخ جا پنا اڃا پراڻا ڪونه ٿيا آهن. اڃا ته پنن تان مس به سڪي ڪونهي. کولي ڏسو. ورق اٿلايو.
(عوامي آواز، 16 سيپٽمبر 1999ع)