پوءِ به پريان جو پنڌ ڀلو
واٽ اواٽي ڪير ڪري،
پريان جو هي پنڌ پري ...............(اياز)
سو، فضل سان ڳالهائڻ کان پوءِ يقين ۽ ويساهه جي گهاٽيءَ ۾ مسلسل عمل ۽ جدوجهد سان لهڻ جو عزم ور ور ڏيئي ورجائڻ تي دل ٿيندي اٿم جو فضل منهنجو ايمان تازو ڪندو آهي. ته.......
پوءِ به پريان جو پنڌ ڀلو.....
اڄ وري فضل فون ڪئي. ”هيلو“ مون چيو. ”نيٺ ته ڊهندي.... اڙي ابا! ڊهندي يا ڪو نه ڊهندي“. فضل جو زندگيءَ سان ڀرپور آواز آيو. ”ادا! ڊهي ته ڊهي نه ته وڃي ڌوڙ پائي. ”مون وراڻيو. چوڻ لاءِ ته چئي ويم. ڪجهه لڄي به ٿيس پر پوءِ هڪدم خيال آيو ته فضل قادر قلباڻيءَ کي چڱي ريت خبر آهي ته هي وارياسي ڀٽن ۽ سون جيان چمڪندڙ چلڪندڙ وارِيءَ جي ديش جو واسي ماڻهن جي ان قبيلي مان آهي جن جي مذهب ۾ لِڪ حرام آهي. جي وڏي واڪي چوندا آهن ته ” تون ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان.“ جي رڙهندا رهندا ته به وڙهندا. ڪجهه آٿت آيم ته ذهني رشتا لفظن جا محتاج نه هوندا آهن. فضل کلي ڏنو. چيائين ”ڀاءُ! مون کي تنهنجي ڪالم جو اهڙو ته چسڪو لڳو آهي جو اسلام آباد ۾ هوندو هئس ته به ”عوامي آواز وٺندو هئس ته تنهنجو ڪالم ضرور پڙهان. هڪ ڏينهن امر صاحب کي به پڙهايم. امر جليل کي به وڻيو.“ ڇا چوانس – دماغ ۾ ته گهڻي آنڌماند هئي پر قلباڻيءَ کي ڇا چوان. هن نڀاڳي سان ته منهنجو رشتو اهڙو آهي جو لفظن جي محتاجي کان مٿڀرو آهي. ڇا ٻڌايانس ته آئون ڀل سمونڊ ڪناري رنگ برنگا پٿر ۽ خوشنما ڪوڏيون ۽ سپيون ميڙي ٺينگ ٽپا ڏيئي خوش ٿيندڙ معصوم ٻار جيان ڇو نه هجان. آئون ڀل اهو نستو ۽ ڏٻرو بک وگهي پويان پساهه کڻندڙ ابهم ٻار ڇو نه هجان جو بک ۾ پاهه ٿيندو به ماءُ جي سراٽيل، لٽڪيل ۽ ٿڃ کان خالي ٿڻن ۾ منهن وجهڻ جي سگهه به ساري ڪو نه ٿو سگهان. پر..... پر..... آئون ماڻهن جي ان قبيلي مان آهيان جنين جو درد ڀنل باهين کي ڀڙڪائي ٿو. ويراڳين کي ماندو ٿو ڪري. منهنجو درد آفاقي آهي. هي ته حسيني قافلي جو درد آهي جو روز اول کان ڳڀرو ۽ لک لُٽ جوان جوڌن جا جسم لٽائي ٿو. آهه! مون کي ته ڪا محرومي ڪونهي. ڪو ناڪامين جو احساس ڪونهي. ڀرپور جواني گذاريم. اڄ به جيون جي ڪاري اماس رات جي پوين پهرن ۾ زندگي جو ڏيئو ٽم ٽم ڪندي. روشن ۽ چٽو لڳندو اٿم. پوءِ هي دل ۾ ڪهڙي درد جي پيڙاهه آهي. هي اکيون هر ويلي اشڪبار ڇو ٿيون ٿين. ڇا انهن لکها ڳڀرو جوانن لاءِ جن کي اونداهين جو واڳون ڳڙڪائي ويو يا انهن معصوم ابهم ٻارن لاءِ جن کان هن ظلم ۽ پاپ سان ڀريل معاشري سندن مرڪ ڇني ورتي يا مريم جي هم نام ۽ حوا جي ڌيءَلاءِ جا بک ۽ حالي ڪاڻ جسم وڪڻڻ تي مجبور آهي. يا مسافر شام لاءِ جا بي سروساماني جي عالم ۾ سردارن جي سردار حسين ابن علي جي لٽيل قافلي جي مهندار ٿي يزيد جي درٻار ۾ آئي. آهه! قيامت ڇو نه آئي. پر نه، هي قافلا لٽجڻ، هي شهادتون ته روز اول ئي لوح محفوظ تي لکيل هيون. سو، ادل اسان ته انهيءَ درد جي منزل جا راهي آهيون.
فضل! تو ٻڌايو هو نه ته امر جليل وڏو ماڻهو آهي. انهن معنائن ۾ جن ۾ آئون چوندو آهيان؟ هو جو هڪ ڀيري تاڙين جي ڦهڪي ۽ گونج ۾ اسٽيج تي آيو ۽ جڏهين ڪافي دير تائين اها گونج ۽ پڙاڏو ماٺ نه ٿي ته روئي پيو. هٿ ٻڌندي، سڏڪا ڀريندي چيائين ”بس ڪيو“ الله جي واسطي بس ڪريو. مون کي ايڏي محبت نه ڏيو جو آئون موٽ نه ڏيئي سگهان.“ ها، برابر! امر جليل وڏو ماڻهو آهي. دل م درد رکندڙ ۽ اکين ۾آلاڻ سانڍڻ وارو.
۽ ٻڌ! تون وري چريا، منهنجن ڪچن ڦڪن لفظن کي ”ڪالم“ چوندي امر جليل جي ڪالمن جي ڳالهه ڪرين ۽ چوين ته توکي امر سان ملائيندس. ڇا ملائي ڪندين. مون کي خبر آهي ته امر سان ملي مون کي پنهنجو قد ڏاڍو ننڍو لڳندو پر مون کي انهي ڳالهه جو ڪو فڪر ڪونهي. قد ته ننڍو تڏهين لڳي جڏهين منهنجو ڪو وجود هجي. آئون ته پاڇو آهيان. رڻ ۾ گجڪندڙ راڙو آهيان. آهيان ڪٿي؟
ها البته علامه عابدي مرحوم جي ياد تازي ٿي سگهي ٿي. مرحوم سان منهنجي ٿورڙي ئي ملاقات هئي. الائي ڇا هيو پر هر واري جڏهين اسان جي ملاقات ٿيندي هئي ته هڪ جملي کان مٿي ڳالهائي ڪو نه سگهندا هئاسين. علامه صاحب پڇندو هيو ”ڪيسي هو آفتاب ميان! ”آئون وراڻيندو مانس، ”ڪرم هي ميري مولا ڪا“ ائين چوندي هميشه منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ويندو هيو. نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا اٽڪي پوندا هئا ۽ علامه صاحب جو اکين مان ڳوڙهن جا ڄڻ آبشار وهندا هيا. ائين ئي هڪ دفعو منهنجي آفيس ۾ جو آيو ته انهن ٻن جملن کان پوءِ شايد ڪلاڪ کن ٻئي اوڇينگارون ڏيئي روئندا رهياسين. علامه عابدي شعله بيان مقرر، لفظن جو بادشاهه ۽ نه ئي هي تنهنجو ناشناس ڀاءُ لفظن جا محتاج هيا. درد جو رشتو مشترڪه هيو. صدين کان سانڍيل جو آهي. بند ٽوڙيو وجهي.
ڇو ٿو مون کي هلڪو ڪرين. مون کان برداشت ڪو نه ٿيندو امر جليل سان ملڻ، آئون ته توسان به ڪو نه ملندو آهيان. هاڻ خبر پئي ته ڇو؟
(عوامي آواز، 12 آگسٽ1999ع)