1960ع واري ڏهاڪي جون هوش اڏائيندڙ ڳالهيون
پر هاڻ … هاڻ ته خير سان سڀني آکاڻين جو محور مٽجي چڪو آهي.
ڪيئن؟ ڇو ٿا سور جاڳايو. سائين منهنجا!! 1960ع جو ڏهاڪو عجيب ڏهاڪو هيو. هڪ پاسي ته چي گويرا ۽ ڪاسترو لاطيني آمريڪا ۾ ٽراٽسڪي طرز جي ڪميونسٽ انقلاب لاءِ راهه روشن ڪري رهيا هئا ته ٻي پاسي عظيم فلسفي، ليکڪ ۽ وجوديت جو پرچارڪ زان پال سارتر فرانسيسي شاگردن جي انبوهه جي قيادت ڪندي صدارتي محل ”شانز ايلزي“ جي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي ٿو ته ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ٿو وڃي. هڪ تجويز تي ته پوليس ۽ طاقت جي ذريعي ڌرڻو ختم ڪرائجي. فرانس جو مرد آهن. چارلس ڊيگال چوي ٿو ته ”نه، سات (اسان سارتر ڪري ڪوٺيندا آهيون) هنن سان آهي. سات فرانس آهي. سات فرانس جي عظمت آهي“. ها، ته ڳالهه پئي هلي ته هڪ پاسي زان پال سارتر هيو ته وري اهو ئي ”سات“ نواب ابن نواب لارڊر برٽرانڊ رسل سان ساڻ ٿي ”آمريڪا جي ويٽ نام ۾ جنگي جرم“ جي خلاف عالمگير تحريڪ هلائي ٿو. نيٺ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت رياست هاءِ متحده آمريڪا کي ويٽ نام مان ٽپڙ ويڙهڻا پون ٿا. انهيءَ سٺ جي ڏهاڪيءَ ۾ ئي ماڻهو چنڊ تي لٿو. انهيءَ ڏهاڪي ۾ ئي تسخيرِ ڪائنات جا خواب ڏٺا ويا. ٿي سگهي ٿو ته 1960ع جو ڏهاڪو منهنجي ڪمسنيءَ مان بلوغت ۽ وري شهزور جواني ۾ ايندڙ وقت هجي ۽ اهڙي وقت ۾ مشاهدو تيز هوندو آهي. هئا ته تاريخي جن. اسٽالن، خروشچيف، مائوزي تنگ، ياسر عرفات، جان ايف ڪينيڊي، چارلس ڊيگال، اوٿان، هي ته هيا سياسي پسمنظر تي. فلسفي ، ادب ۽ فن جي دنيا ۾ رسل سارتر، آلندي، سولزي نستن، رسول حمزه توف، پڪاسو، ڪهڙا ڪهڙا گوهر ناياب هيا.
انهي ئي زماني ۾ جتي اسان وٽ مهدي حسن غزل ۽ گائيڪيءَ تي ڇائنجي ويو تيئن ولايت ۾ پهرين ڀولڙن ”مانڪيز“ پوءِ ”بيٽلز“ ۽ پوءِ ”بي جيز“ ريڪارڊ ٽوڙ ڪاميابي حاصل ڪئي. تنهن ۾ بيٽلز ايڏي ته ڪاميابي ۽ شهرت حاصل ڪئي جو ڪنهن به ڳائڻي کي ڪونه ملي هوندي. ”بيٽلز“ پنجن ڳائڻن تي مشتمل گروپ هيو. جو پنهنجا گانا پاڻ لکندو هيو ۽ ميوزڪ به پاڻ ٺاهيندو ۽وڄائيندو هيو. بيٽلز جي ”جان لينن“ ۽ ان کانپوءِ پال ”مڪارٽني“ هڪ ديو مالائي حيثيت ماڻي جنهن جي مقابلي ۾ اڄ جو مائيڪل جيڪسن ڪي به ڪونهي. انهيءَ ڏهاڪي صديءَ جي عظيم ترين باڪسر محمد علي ڪلي جو عروج ڏٺو.
ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏٺو. ذهني اوسر ۽ ارتقا جا بهترين اهڃاڻ ڏٺا. پر اتي سٺ ۾ جوان ٿيندڙ نسل نوان نوان نشا ۽ تجربا به ڏٺا. ڀنگ، چرس، ڪوڪين، آفيم، ايل- ايس- ڊي، مارفين، پيٿيڊين، باربيچوئڊز، دم مارو دم…… مٽ جاءِ غم… آزاد سيڪس … پر نه، هي ته هميشه رهيا آهن …… ها، ڇڙو ائين ٿيو جو سماجي سيڀاويڪ ۾ اها مڃتا عام ٿي ته نشو ۽ جنسي آزادي انساني فطري عمل آهن. بجاءِ انجي ته انهن سان ويڙهه ڪجي انهن کي سمجهيو وڃي ۽ جيون جي گهڻ رخي عمل سان هم آهنگ ڪيو وڃي.
هاڻ اچو انهيءَ عمل تي جنهن جي ڪري مون هن ڏهاڪي کي ”عجيب“ چيو آهي. لاطيني آمريڪا ۾ طالع آزما جنرل پيدا ٿيا. طاقت، صرف طاقت …… قوت ۽ ”تون منهنجي پٺي ٺپ آئون تنهنجي“ جو اصول اپڻايو. پئسي جي قوت سان، سازشن سان، هر حيلي سان (توڙي جو اها منشيات فروشي هجي) اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين قبضا ٿيا. ايران ۾ پهلوي شاهه جو سون ۾ تري. برما ۾ جرنيل، آفريڪا جي هيرن جي کاڻين تي قبضي ڪاڻ مذهبي ۽ قبيلائي ڌوڪا ۽ جنون. حرص ۽ طمع جو هڪ چرخو هيو جو هلي پيو. اڳي ته بادشاهيون نه هيون ۽ بيٺڪون به هيون ته به لٽ مار ڪندڙن کي اهو حيا ايندو هيو ته سونا بيضا ڏيندڙ مرغيءَ کي روز هڪ بيضو لاهڻ ڏيو. هاڻ عالمي منظر تي طالع آزمائن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو ويو جنهن جمهوريت، ماڻهن جي حق، جاگرافيائي حدن ۽ قبيلائي خودمختيار جي آڙ ۾ حڪمرانيءَ جا خواب ڏٺا ۽ حڪمران ٿي ماڻهن جي پئسي تي عيش ڪيا. سندن ئي پيسو کين پيڙهڻ ۽ ايذائڻ لاءِ استعمال ڪيو. ائين چرخي وري هلي.
اهڙي ئي ڪلچر جي پسمنظر ۾ هڪ ڪتاب آيو. بظاهر ته عام ناول هو. هيرالڊ رابنز جو ”ڪارپيٽ بيگرز“. ڪارپيٽ بيگرز ڪهڙي ويڌن ڪئي؟ ٻي ملاقات ۾ ڳالهائينداسون.
(عوامي آواز، 20 جنوري 2000ع)