ملڪ تي قابض 322 خاندان
سائين منهنجا! وڏا باقيدار ڇو ڀيرو ڀڃن. هن ملڪ جي دولت ۽ اقتدار جي اعليٰ ايوانن تي چار سو ماڻهن جو قبضو آهي. ڦري ڦري هر واري ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ماڻين ٿا. اهي چار سو ماڻهو ملڪي دولت جي اٽڪل اسي سيڪڙي تي قابض آهن. 322 ماڻهو قومي خزاني جا ٻه سو ويهه ارب رپيا ڦٻائي ويا آهن. اهي پئسا ته فقط بينڪن ۽ مالياتي ادارن جي قرضن جي صورت ۾ هضم ڪيل آهن. اربن بلڪه کربن جي حساب سان رشوتن، ڪميشنن ۽ سودن ۾ حاصل ڪيل دولت جو شمار ڪونه ٿو ڪجي. انهيءَ 322 ماڻهن جي 220 ارب کايو اوگرائي به ڪونه ٿا ڏين، تن کي جي في ماڻهو جي حساب لڳائجي ته 70 ڪروڙ رپيا وڃي ٿيا. اهڙن اهڙن پرده پوشن قومي خزانو ابي جي جاگير سمجهي لٽيو آهي، جو وڃي ٿيا ست خير. آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ مقدم ۽ مقدس ترين ايوان يعنيٰ قومي اسيمبلي جي هڪ اڳوڻو اسپيڪر به پنهنجي خاندان جي مختلف فردن جي نالي ستن نام نهاد صنعتي يونٽن جي لاءِ ڪروڙن ۾ قرض کنيو پر هڪ صنعت به ڪونه ٿي هلي. ڪنهن ڪنهن هنڌ ته ڪارخاني جو نالو ئي ڪونهي. رڳو قرض کنيو پئسا هڙپ ڪريو ويا آهن.
ناصر شوان وارن کي شوان ريفائنري لاءِ ارب کن جو قرضو مليو. ريفائنري جو وجود ڪونهي. اڃا ته مهرباني ڪئي آهي نواز شريف صاحب جنهن پهريائين ته قرض موٽائڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ملڪ ۽ قوم تي احسان ڪندي ڏيڍ ارب جو قرض تسليم ڪيو ۽ ٽي بند پيل ڪارخانا انهيءَ قرض جي عيوض سرڪار کي ۽ بينڪن کي ڏيڻا ڪيا. ڏيڻا ڪري وري به سال اينگهه ڪيائين ته من ڪاٿو لڳائڻ وارا اتر ۾ مون کي ٻه ٽي ارب ڏيڻا ڪن. پر ڪارخانن جي ماليت ته قرضن جو ٽيون حصو به ڪونه ٿي پئي سو هر ڪنهن اهڙي تخمينه جات ڪميٽيءَ تان به هٿ کڻڻ جي ڪئي.
سڀ کان سرس ته رهيو سيف الرحمان جنهن احتساب بيورو جي نالي ۾ جا بليڪ ميلنگ ۽ لٽ مار ڪئي تنهن جو ته حساب ئي ڪونهي. پر قريب هڪ ارب رپين جي قرض جي ادائگي ڪرڻ بدران هڪ پاسي ته يو بي ايل جي عملدارن کي ايف آءِ اي ذريعي هيسايو ته ٻي پاسي بينڪ تي دعويٰ ڪئي ته منهنجي قرض جي ادائيگي انهي ڪري ڪونه ٿي سگهي جو مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو. تنهن ڪري هڪ ته بينڪ مون کي هرجانو ڀري ڏي (۽ هرجاني جي رقم قرض کان وڌيڪ ڪٿيل هئي) ۽ ٻيو بينڪ منهنجو نالو قرضدارن مان ڪڍي مون کي وڌيڪ قرض ڏي. پاڻ انهيءَ ڪوشش ۾ ذري گهٽ ڪامياب ٿي ويو هيو. جي جنرل صاحب اچي ڪڙڪو نه ڪري هاته سينيٽر صاحب ٻه ٽي ارب ٻيا هضم ڪري ها. هڪ ننڍڙي ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ مان ارب پتي ٿيڻ ۽ بي پناهه رياستي طاقت جو بي جا استعمال ڪندڙ سيف الرحمان اڄ به هر هنڌ پنهنجا مهرا رکيون ويٺو آهي. هڪ خبر مطابق ته سندس خاص ڇاڙتو جنهن جي پگهار ته ڏهه، پندرهن هزار آهي پر 15- 20 هزارن جو بوٽ پائيندو آهي، ڏهه هزار کان گهٽ جي ٽائي ڪونه پائي، اڌ لک کان گهٽ جو سوٽ ڪونه پائي، سو خير سان وري به برسر اقتدار آهي.
1970ع تائين هڪ ڪارخاني جو مالڪ خاندان، اڄ هڪ سو ايڪڙ جي محل ۾ رهي ٿو. هن جا 38 ڪارخانا آهن، فقط پاڪستان ۾. ٻاهرين ملڪن ۾ به بي حساب دولت آهي. هينئر به 37 ريفرنس احتساب ۾ اٿن. بينظير به ته پنهنجي دور ۾ بقول نواز شريف جي مٿائنس ڏيڍ سو ڪيس داخل ڪرايا هيا. هڪ به ڪونه هليو. ائين ئي بينظير ۽ سندس ساٿارين خلاف هڪ سو کن ڪيس ۽ ريفرنس پيا تفتيش ۾ هلن. سزا کاڌي ته رڳو رميش اوديشي. تون منهنجي پٺي ٺپ آئون تنهنجي پٺي ٺپيان. نانيءَ جو ويڙهو آهي، پيو گهاڻو هلي ۽ ماڻهو پيهجن.
هينئر به جنرل صاحب ته پنهنجي ارادن ۾ مضبوط ٿو لڳي. سندس عزم آهي ته قومي خزاني کي لٽيندڙن جو احتساب ٿيندو ۽ هيستائين سندس عمل به واضح آهن ۽ نيڪ نيتي تي مبنيٰ آهن. پر ڀلو ٿئي انهن قريب 322 خاندانن جو. جي سول توڙي ملٽري ڪامورا شاهي ۾ به پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيون ويٺا آهن. ڇا اهي ماڻهو ڪنهن چڱي عمل کي جيڪو ملڪ جي خوشحالي لاءِ هجي، ڪنهن ريت ڪامياب ٿيڻ ڏيندا.
تت وڃي اهو ٿيو ته عوام کي هر سطح تي پاڻ ئي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهو چٽي طور ڄاڻائڻو پوندو ته هو لولي پاپ ۽ کٽمٺڙن جو شوق ڪونه ٿا رکن. کين واضح ۽ يقيني نتيجو کپي.
(عوامي آواز، 9 ڊسمبر 1999ع)