اُترَ جا حِرفتي …
نيٺ ويهين صدي پنهنجي سلور جوبلي ملهائيندي ڪيئي غلام ۽ محڪوم قومن کي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفو ڏنو. پنجاهه جي ڏهاڪي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٻي مهاڀاري جنگ توڙي صنعتي ترقي مکيه ڪارڻ هيا ته ڏيساور مان ايندڙ اقليت صرف جاگرافيائي تسلط جي آڌار تي هڪ هٽي قائم ڪو نه رکي سگهندي. صنعتي ترقي نو آبادياتي بيٺڪي نظام کي فرسوده قرار ڏيئي ڇڏيو. سرمايه دارانه نظام جي اوسر ٿي رهي هئي ۽ مارڪيٽي معيشت هڪ هٽي جا نوان اصول وضع پئي ڪيا جن ۾ نوآبادياتي بيٺڪن جو ڪوئي ڪردار نه هيو. اسين خوش ته … ”شانو وي اجادي ملي اي“ هندوستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ جي ڪا مزاحمتي تحريڪ هئي ته 1857ع جي ”باغي سپاهين“ جي هئي… يا وري مولانا سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ هئي يا سڀاش چندر بوش جي هندستاني قومي فوج هئي يا وري ويچارو هيڪلو ڀڳت سنگهه هيو جو ڦاهيءَ چڙهيو. هي جي راڪاسن جيان رڙيون ڪندا، ڦرلٽ ڪندا اچي اسان جي نصيب جي سياهه رات ٿي ڪريا آهن ته اسان پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون سو ذڪر ڪنهن به مستند تاريخي حوالي نه ٿو ملي. اهي قربانيون ائين هيون جو جي هينئر اسين چئون ته نادر شاهه يا احمد شاهه جي حملي وقت ٺٽي ننگر جي سنڌي سپوتن رت جون نديون وهائي ڇڏيون ۽ قوم تي قربان ٿي ويا. سنڌي جوڌن ته ويچارن آڱر به ڪونه ڪپائي بلڪ پاڻ انهيءَ دور ۾ ئي دريا خان جنهن کي اسين فخر سان دولهه دريا خان چئون تنهن کي ڪهائي آيا. اها ريت ته هلندي آئي. تان جو ويچارو هوشو به اڪيلو وڃي وڙهيو. مير صاحب ته وڏن پيٽن ۽ لٽڪندڙ اڳٺن سان اڃان گهوڙن تي سوار مس ٿيا ته ورڻ جي ڪين. ۽ هنن … هنن آزادي وٺرائي ڏيندڙ متوالن ته بهادر شاهه ظفر جي خاندان جي ناموس جو سودو ڪيو. هنن ٽيپو شهيد سان غداري ڪئي هنن سراج الدوله کي سامراجين هٿان مارايو.
الاجي ڪٿان جي ڳالهه وڃي ڪٿان نڪتي. ڳالهه ڪئي سون پي ته جنگ عظيم يا ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ، صنعتي اوسر کانپوءِ يعني چاليهه جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ پنجاهه جي ڏهاڪي قومن ۽ ملڪن جي آزادي جو هڪ سلسلو ڏٺو، جتي پهرين مهاڀاري جنگ وقت يا ان کانپوءِ دنيا جي نقشي تي صرف ٻه ٽي درجن ملڪ هيا، اُتي ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ اقوام متحده پنجاهي کن ملڪن تي مشتمل ٺهي ۽ پوءِ ستت ئي اقوام عالم هڪ سو کان چڙهي ويا ۽ هاڻ ته وڃي پوڻا ٻه- ٻه سئو بيٺا آهن.
ادب، فڪر ۽ فن توڙي سائنس، ٽيڪنالوجي جيڪو انقلاب آندو تنهن جو ثمر لڻڻ ۾ سٺ جو ڏهاڪو اڳڀرو رهيو. انهي سٺ جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هڪ آمريڪي مصنف هيرالڊ رابن ”ڪارپيٽ بيگرز“ جي نالي سان هڪ ناول لکيو. ”ڪارپيٽ بيگرز“ وڪري جو چڱو ڀلو ريڪارڊ ٺاهيو. ”ڪار پيٽ بيگرز“ فلم به ٺهي، ”ڪارپيٽ بيگرز“ جي لفظي معنيٰ آمريڪي خانه جنگي يا جنهن کي آمريڪي سول وار ڪري ڪوٺجي ٿو، ان وقت ۽ زماني سان منسوب آهي لفظي معنيٰ آهي قالين ياڪارپيٽ مان ٺهيل مخمل جهڙو ٿيلهو. ٿيو هيئين جو آمريڪي گهرو ويڙهه کانپوءِ اُتر آمريڪا کان جتي، نسبتا ماڻهو وڌيڪ حرفتي هيا، ماڻهن ڏکڻ آمريڪا ڏي لڙڻ شروع ڪيو، ٽوپلو پاتو، چروٽ منهن ۾ رکيو، انهن اٽڪلي ۽ حرفتي ماڻهن جو ڪل اثاثو اهو ”مخملي ٿيلهو.“ هوندو هيو. اها ئي سندن شناختي ٿي ويئي. نسبتا گهٽ ترقي يافته پر قدرتي ذخيرن ۽ معدنيات سان ڀرپور ڏکڻ ۾ ايندي ئي هنن حرفتن، اٽڪلن ۽ ڏاڍاين سان ڏکڻ جي زمينن، اُپت جي ذريعن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. نه ته اُن زمين سان سندن ڪو رت جو رشتو هيو، نه ڪو سٻنڌ. هو ته پيداواري ذريعن تي قبضو ڪرڻ، مقامي سياست ۾ دخل انداز ٿيڻ ۽ مال ميڙڻ لاءِ آيا هئا. هي ”مخملي ٿيلها“ نه صرف سندن سڃاڻپ هئا، پر سندن ڪُل ”زنبيل“ هئي، جنهن ۾ لٽ مار جون حرفتون ۽ اٽڪلون ڀريل هيون.
63-1962ع ڌاري شايع ٿيل هن ناول جا مکيه ڪردار هڪ خيالي لاطيني آمريڪي رياست جا مخمل ٿيلهن وارا ليڊر آهن، ڪئين ماڻهن جي انبوهه کي پويان لايو اقتدار اعليٰ جي مسند ماڻين ٿا. رشوت، چور بازاري، رياستي وسيلن ۽ اُپت جي ذريعن تي قبضو ڪندي ذاتي ملڪيتون ٺاهين ٿا. عياشيون ڪن ٿا. ماڊرن رابن هُڊ ٿيو ڏاکڻي فرانس جي جزيري نما بهشت ۾ محل ٺاهي. ٻاهرين مُلڪن ۾ ملڪيتون ٺاهين ٿا. ملڪ ۾ انقلاب اچي ٿو. ٻاهر ڀڄيو وڃن. پئسو- سازشي ذهن خريد و فروخت ذريعي وفاداريون ڳنهيل- وري موٽيو اچن. وري اچيو جاوا ڪن.
1965ع ڌاري جڏهن ناول پڙهيم تڏهن اڃا اهڙو مشاهدو ڪونه ڪيو هئم پر پوءِ … ايران جو شهنشاهه ڏٺوسين. مارڪوس ۽ سندس ٽي هزار جوتن جا جوڙا رکندڙ مهاراڻي ڏٺي سين. آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ”ڪارپيٽ بگيرز“ ڏٺاسين. پنهنجي ملڪ جي حالتن جو مشاهدو ڪيوسين، جنهن کي هنن ”ڪارپيٽ بيگرز“ ٻنهي هٿن سان لٽيو. پوءِ ذهن تي ڳالهه ويٺي. مار! هي ئي ته ڪارپيٽ بيگرز آهن. نه ڌرتي سان رشتو نه ڪا قابليت نه اهليت. هڪ نظام ٺاهيو اٿن. چوري، ٺڳي ۽ ڪوڙ جيو. سيڪڙن کي خريد ڪيو ڪروڙن جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ آتا !!! ڪٿي ائين ته ڪونهي ته هن غريب ملڪ جي تقديرن جي والي ٽي سئو خاندانن جا چشم و چراغ جي ڪانوينٽن ۽ پبلڪ اسڪولن ۾ ان وقت پڙهيا پئي جڏهن ”ڪارپيٽ بيگرز“ آئي هئي ۽ هنن ”ڪارپيٽ بيگرز“ کي پنهنجو مسلڪ ٺاهي ڇڏيو. پنهنجي بائيبل ٺاهي ڇڏي آهي. جي ائين آهي ته ”ڪارپيٽ بيگرز“ سٺ جي ڏهاڪي جي سڀ کان وڏي منحوسيت هئي. يا متان … متان ائين نه هجي. بُک ۽ هوس ته اندر جي هوندي آهي. تاريخ جي هر موڙ تي ”مخملي ٿيلهن“ وارا ايندا رهيا آهن ۽ پيا ايندا ۽ ائين ئي اهڙا به ڪيئي هوندا جي فليمنگ هوندا. سات هوندا، رسل هوندا… مها ڪوي هوندا. ڪويتائون ڪي مرنديون.
(عوامي آواز، 29 جنوري 2000ع)