کنڊ کُٽي يا اٽو کُٽَي…
”راولپنڊي ۾ کنڊ جي بحران بابت اجلاس. کوٽ ختم ڪري اگهن تي ضابطو آڻڻ جي هدايت. صدر مشرف اجلاس. ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار سلمان شاهه ۽ ٻين کان بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ جي وضاحت طلب ڪئي“ … (خبر)
”کنڊ جي اگهه ۾ اضافي سبب ماڻهو ڳڙ تي گذارو ڪرڻ لڳا“ (خبر)
”هڪ سال جي عرصي دوران کنڊ جي قيمت 22 روپيا مان 40 کان 42 رپيا ٿي ويئي آهي“ … (خبر)
آهي ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو. هي ته هڪ ننڍڙو نمونو آهي ان تماشي جو جنهن ۾ ترقي پذير ملڪ جي هڪ هٽي سرمايه دار پنهنجي ساٿاري حڪومتي اشرافيه سان گڏجي عام ماڻهو کي پيڙهڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي آهي. ايوب خان جي دور حڪومت ۾ کنڊ جي قيمت چار آنا وڌي ته سڄي ملڪ ۾ ڄڻ باهه ٻري ويئي. ايوب خان خلاف ”چيني چور“ جا نعرا گهٽي گهٽي ۾ ٻڌڻ آيا. ان وقت کنڊ جا ڪارخانا ٿورا هئا ۽ جي هيا سي به گهڻي ڀاڱي سرڪاري هيا سواءِ هيڪڙ ٻيڪڙ جي. هاڻ ته کنڊ جي ڪارخانن تي ملڪي اشرافيه جو قبضو آهي. جي چهرن تان نقاب هٽايو وڃي ته خبر پوندي ته ڦري اڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ڌريون آهن جي مختلف نالن سان کنڊ جي ذخيرن تي قابض آهن. مل مالڪ به هو ته واپاري به هو ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن تي به اثر به آنهن جو. درآمدي ۽ برآمدي ڪاروبار جي پاليسي ٺاهڻ ۾ به سندن عمل دخل.
عجب ڳالهه آهي ته 86-1985ع تائين جڏهن ملڪ ۾ 41 ايڪيتاليهه کنڊ جا ڪارخانا هئا تڏهن کنڊ ٻاهران ڪونه گهرائي ويندي هئي نه ئي کنڊ جون قيمتون اهڙي ريت وڌنديون هيون پر پوءِ ترت ئي افغان جنگ جي غازين، ڪاري ڌن جي مالڪن ۽ حڪومت جي ڪرتن ڌرتن ڪارخانا لڳائي اها تعداد 41 ڪارخانن مان وڌائي 77 ستهتر ڪارخانن ۾ ڪئي ۽ کنڊ ٻاهران اچڻ شروع ٿي. اڄ به کنڊ جي ڪارخانن جي ڪل پيداوار صلاحيت ته 55 لک ٽن آهي پر ڪنهن به سال ۾ 35 کان 38 لک ٽن کنڊ کان مٿي کنڊ ٺاهڻ کان هي استحصالي ٽولو نابري ڪيو ويٺو آهي. اڃان انڌير ته ڪيو ميان نواز شريف جي لڏي. پاڻ خير سان الاهي کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ کنڊ جي پيداوار کپت کان وڌيڪ ٿي ته سائين صنعتن کي ٽيڪو ڏيڻ جي آڙ ۾ کنڊ ٻاهر موڪلڻ شروع ڪئي ويئي ۽ حڪومت تمام سهوليت مهيا ڪئي. وري جو ٻاهران سستي کنڊ ملڻ جو آسرو ٿيو ته ساڳئي ئي وقت تي کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ملي. انڌير وري به جاري رهيو. ايندڙ حڪومت ۾ به ته ملن جا مالڪ هيا. 94-1993ع کان وٺي 2003-2002 جتي کنڊ جي ملن جي مالڪ صرف کنڊ جي پورهئي جي ڪمايل پئس مان قريب 29 کان 30 ارب رپيا کنڊ درآمد تي خرچ ڪيا. هتي اهو ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪونهي ته پوري پاڪستان ۾ لڳل 77 کنڊ جي ملن جي لڳڻ تي به 34 ارب خرچ ڪونه آيو. يعنيٰ سيٺين جيتري جو ڪارخانو لڳايو ان کان وڌيڪ پئسا ته صرف انهن 8-10 سالن ۾ ڪري ويا صرف کنڊ جي برآمد مان، مقامي ڪمائي ته صرف سندن چانهه پاڻي ٿيو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به فضول آهي ته ملن جي لڳائڻ تي اوور انوائسنگ بينڪن جا قرض جي وري معاف به ٿي ٿا وڃن جي سنڀالجن ته ٽڪو آنو پنهنجي هڙان خرچ ٿيل آهن.
ائين ڇو ٿيو سبب؟ نالو وٺو؟ حڪومتي اشرافيه صرف نالن جي ڦيرڦار آهي . کوسڪيءَ کان وٺي مردان تائين کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ اهي آهن جي ڪنهن نه ڪنهن وقت واڳ ڌڻي رهيا آهن يا واڳ ڌڻين جي حواري- نالو، پارٽي ۽ نعرو پيو مٽبو آهي. مقصد ساڳيا آهن. مالي مفادات جي اڻ ٽُٽ زنجير ۾ ٻڌل آهن.
افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان وٽ سوا لک ٽن کنڊ پيل آهي ۽ قريب 88 هزار ٽن ٻاهران آيل کنڊ موجود آهي. يعني ٻه لک ٽن اهو ذخيرو آهي جو جيسين مارچ جي پهرين هفتي ۾ ٻاهران کنڊ اچي تيسين قيمتن ۾ ڪجهه استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿو پر انهيءَ مان به يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريسن کي صرف ٻاويهه هزار ٽن مهيني جي حساب سان ڏني پيئي وڃي. اڃان ٽيهارو لک کن ٽن ته هن سال پيداوار سيٺين گوڏي هيٺان لڪائي ڇڏي آهي.
عجيب حساب آهي پر ڪير منهن ڏي. کنڊ جا ڪارخانا ڪنهن ڪنهن جا آهن جي اهو ظاهر ڪيو وڃي ته نه صرف خبر پوندي ته هي ڇو پيو ٿئي پر اسان گونگن ۽ ٻوڙن جو ويساهه هنن سفيد پوش خوش اخلاق. خوش گفتار، خوش پوشاڪ ٺڳن تان کڄي ويندو- آهي ڪو جو اها لسٽ ظاهر ڪري ته ڪهڙي مل ڪنهنجي آهي ۽ ڪير ڪيترو حصيدار آهي؟ سرڪار کان ساڍا اٺ رپيا ڪڻڪ وٺي جڏهن 18 ۽ 20 روپين ۾ اٽو وڪڻڻ شروع ڪيائون ته نيٺ چوٻول ٿيو ته ڪڻڪ جي سمگلنگ، ذخيره اندوزي، اٽي جون ملون سڀن تي ڪهڙن وڏيرن ۽ چوڌرين جي هڪ هٽي آهي ته وري ڪجهه وقت لاءِ اشرافيه جا ڪرتا ڌرتا پٺتي هٽي ويا. چوٻول ڪجهه وڌي ويو هيو شايد …… وري ٻيون مذيدار خبرون ٻڌو.
”حڪومت کنڊ تي 40 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري وڌو“ (خبر)
هي بيان خزاني جي مير سلمان شاهه صاحب جي حوالي سان ڇپيون آهي. فرمائين ٿا ته ملڪ ۾ کنڊ جي کپت 4 ارب ڪلو گرام آهي يعني 40 لک ٽن ۽ ڏهه رپيا في ڪلو گرام جي حساب سان 40 ارب رپين جي سبسڊي ٿيندي. سائين وڏا، صحيح ٿا فرمايو. پر اهو ته تڏهين جڏهين اوهان ڪارخاني کان کنڊ ئي 40 رپين ۾ وٺو، ۽ هنن کان ڇو وٺو. هندستان کان گهرايو، برازيل کان گهرايو. هتي پهچ ئي 26 رپيا ٿيندي. پوءِ ڏسو ته سيٺيون ڪيئن ٿا اگهه ٺيڪ ڪن. پر اوهان ائين ڪونه ڪندو“، اوهان کنڊ جي ملن جي مالڪن کي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيئي کين ته 40 ارب رپيا ڪمائڻ جو موقعو ڏيئي سگهو ٿا پر عام ماڻهن لاءِ سبسڊي ڇو ڏيو. ٻاهران جي کنڊ سستي گهرائيندو ته ڇا توهان کي هي ٽولو اجازت ڏيندو.
صدر پرويز مشرف جي زير صدارت ٿيل گڏجاڻي ۾ جتي کنڊ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو هيو ان ۾ تجارت جي وزير همايون اختر علي خان ناڻي جي وزارت تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ انهيءَ بحران جو وڏو سبب ڄاڻايائين ته جي کنڊ برآمد ڪرڻ ۾ دير نه ٿئي ها ته هي بحران نه ٿئي ها.“ (هڪ ٻي خبر)
هاڻ سائين، اسين جي ٻڪريون ۽ رڍون آهيون ڪهڙو تبصرو ڪري سگهون. پاڻ ئي ظاهر ڪيو پيا.
هڪ تازي خبر … هڪ نه پر ٻه …
”سينيٽ جي هڪ معزز ميمبر ايوان ۾ ٻڌايو آهي ته کنڊ جو بحران انهي ڪري ٿيو آهي جو کنڊ جي ڪارخانن جي ملڪيت مان اڪثريت موجوده وزيرن جي آهي.“ ميمبر صاحب اهو به ٻڌايو ته ”ڪڻڪ جو بحران به انهي ڪري پيدا ٿيو جو حڪومت ۾ شراڪت دارن جون نه صرف فلور ملون آهن پر ڪڻڪ مافيا سان به هو ڀاڱي ڀائيوار آهن.“ هڪ ٻي سينيٽر اهو چيو ته ”ڪجهه ڏينهن اڳ بين الاقوامي منڊي ۾ کنڊ جو اگهه 200 ڊالر في ٽن هيو (يعني 12 رپيا ڪلو) تڏهين حڪومت خبر هوندي به کنڊ نه گهرائي. (ڇو ته وزيرن اميرن جي ملن کي ڏوڪڙ نه ملن ها) هاڻ جڏهين 500 ڊالر في ٽن آهي (يعني ته 30 رپيا) تڏهين کنڊ گهرائي ٿي وڃي. اها سازش آهي.“ جيتوڻيڪ عالمي منڊيءَ ۾ کنڊ هن وقت به بحران هوندي به 400 کان 425 ڊالر في ٽن آهي ۽ قيمتن گهٽجي پئي، اپريل ۾ ته وري اچي 200-250 ڊالر بيهندي.
وري تازيون خبرون …
”شوگرمل مالڪن جي انجمن جي صدر چوڌري ذڪا اشرف چيو آهي ته کنڊ جو قيمتون عالمي منڊي ۾ کنڊ جي قيمت چڙهڻ جي ڪري وڌيون آهن.“ اهو وري تيل وارو حساب، پر تيل ته ٻاهران ٿو اچي. کنڊ ته هن ملڪ ۾ ٺهي ٿي. هي وري ڪهڙو نئون حساب آهي. پوءِ ماني جو لولو به 35 رپيا ڪيو جو برطانيه ۾ هڪ پائونڊ يعني 106 رپين جون ٽي مانيون ملن ٿيون.
پر شيخ رشيد صاحب ته سڄو ڪچو چٺو کولي ڇڏيو آهي چيو اٿس ته،
”کنڊ جون ملون صرف اسان جي وزيرن جون ڪونهن، آصف زرداري ۽ نواز شريف کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ آهن.“ يعنيٰ ته برابر اسان جا وزير کنڊ جي ملن جا مالڪ آهن.
هاڻ کلي اصل ڳالهه ……
1977ع کانپوءِ آيل حڪومتن جي ڪرتن ڌرتن ۽ اثر رسوخ رکندڙن هڪ مستقل ۽ مسلسل سعي ڪري ”هڪ هٽي“ نظام کي هٿي ڏني آهي. جتي کائين به پاڻ، وڌين به پاڻ …… ۽ عوام … ڪهڙي عوام … ڪهڙي عوام … گونگا، ٻوڙا، ڇسا ۽ هيڻا …!!
(سوڀ 14 فيبروري 2006ع)