هرپل صليب تي...
”جيڪر آئون هياس گري گوندر ول جي“.... آئون ڪڏهن به نه ته ياس پسند رهيو آهيان. نه ئي ڪڏهن هِيڊونِسٽ رهيو آهيان. خود آزاري ۾ لذت به هوندي آهي پر اهي ڳالهيون هاڻ الاهي پراڻيون ٿي ويون. انهن فڪرن کان انسان الاهي مٿانهون ٿي ويو آهي. وٽس وقت نه آهي جو ويهي پنهنجي ذاتي ڪاميابين، ناڪاميابين تي سوچي. اڄ عشق وحسن ڪيترو به آفاقي هجي پر.... هر ڪو ڄاڻي ٿو ته آئون هن لامحدود ڪائنات ۾ هڪ نهايت ئي ننڍڙو ڪڻو آهيان. ذاتيات نهايت ئي محدود آهي ۽ ڪائنات وسيع ..... پر منهنجي وجود کي ڄڻ ڄارو لڳي ويو آهي، ڇو، مون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي.
هي الميو هر انسان جو آهي. ڇو ڀلا. اڻ ڄاتل ڄارو هر وجود کي وڪوڙيو وڃي. ڪوريئڙو به نظر ڪو نه اچي. مون کي معاف ڪر منهنجا دوست، منهنجا ڀاءُ! آئون اڻ ڄاتي جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهيان، منهنجي تمنائن ۾ ڪا آنڌي آئي آهي. آئون پاڻ کي نستو ۽ ڏٻرو پيو محسوس ڪيان، بيوس ۽ لاچار ڪاش! مون کي گوتم جو.
سروم دکم دکم....
سمجهه ۾ اچي- هر شيءِ دک آهي، دک آهي، سدا دک آهي ۽ دک ڇو آهي. ڇو ته جنهن شيءِ کي مان پيار ڪيان ٿو. سا ڪانهي، جنهن سان نفرت ڪيان ٿو سا آهي، جا چاهيان ٿو سا ڪانهي، جا نٿو چاهيان سا آهي، نيٺ مان ڪاڏي وڃان.
نرواڻ ته مون کي نه حاصل ڪرڻو آهي نه ئي کپي. نرواڻ حاصل ته گوتم کي ڪرڻو هيو. مان سدا ڀٽڪندڙ روح.... مان ڇا ڪيان شانتي حاصل ڪري.... مان ته چوان ٿو ته شانتي معنيٰ ماٺ! ۽ ماٺ موت برابر آهي. مون کي موت نه کپي. مان هر دم روان دوان رهڻ چاهيان ٿو. ۽ روان دوان رهڻ جي قيمت چڪائڻي هوندي آهي. نديم ملڪ وانگيان .... هر آيل منهنجي جسم ۾ شاور جوڙي روز رت مان غسل ڪري ٿو.....
هر واقعو، هر آيل، هر ملاقاتي هر عرضيدار منهنجي جسم ۾ انيڪ گهاوَ ڏيئي منهنجي رت سان غسل ڪري ٿو. جو هو مون کي منهنجي ڪوتاهين، هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن انيڪ گهاون جي داستان ٻڌائي خود ته آرامي ٿئي ٿو پر منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ٿو ۽ منهنجو الميو اهو ئي آهي ته آئون احساس گناهه سو به، ناڪرده، ۾ سڙندو رهان ۽ پچندو رهان ڇو ته مون هڪ واري واعدو ڪيو آهي ته هن ڌرتي تي جو به ظلم ٿيو سو مون تي ٿيو ۽ سو هن اونڌاهيءَ ڌرتي تي مون جو قسم کنيو آهي سو نڀايان پر وجود کي وڪوڙيل غم جو ڪهڙو علاج ڪيان.
(عوامي آواز، 10 سيپٽمبر1994ع)