سلام صاب … آخري سلام …
انهي ظالم سامراج ۽ استحصالي قوت بيراجون ٺاهيون. روڊ ٺاهيا، اسڪول تعمير ڪيا، اسپتالون ٺاهيون، لکين ايڪڙ غير آباد، ويران زمين آباد ٿي. دنيا جو بهترين آبپاشيءَ جو نظام وجود ۾ آيو.دنيا جي عجوبن مان هڪ ”ريءَ ٿنڀي ري ٿوڻيءَ“ روهڙي، سکر جي لئسڊائون پل وجود ۾ آئي. هي جو پنجند هيڊ ورڪس، گڊو بئراج، نارا ڪئنال، جمڙائو ڪينال، رائيس ڪينال وهندي نظر اچن ٿا. لکين ايڪڙ زمين سرسبز ۽ شاداب ٿئي ٿي. سڀ انهيءَ استحصالي سامراج جون غلطيون آهن. ٽيهه سال اڳ به هر موٽر رکڻ وارو چاهي موٽر ڪار هجي يا جيپ هجي، ڪينال جي پٽڙيءَ تي سفر ڪرڻ پسند ڪندو هيو. پٽڙيءَ جي ٻنهي پاسي شاهي ڊگها وڻ، سوسو سالن عمر جون ڊگهيون ٽالهيون، هٻڪار ۽ سڳنڌ ڏيندڙ وڻڪار هوندي هئي. پٽڙيءَ تي هر وقت بيلدار ڪم ڪندڙ ڇنڊڪار ڪندڙ. دريشي ڪندڙ پيا هلندا هئا. ڪينال جي پٽڙي پڪي روڊ جيان هموار ۽ سخت هوندي هئي. مجال آهي ته ڪٿي ڳنڍو لڳي يا ڪو کنڊ پئي. سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. اڄ … اڄ باقي ته خبر ڪونهي پر سنڌ جو آبپاشيءَ جو نظام وڃي ٿو بد کان بدتر ٿيندو. بيلدار وتن ٿا وڏيرن جي اوطاقن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندا ۽ پٽڙيون وڃن پيون وڻن کان وانجهيون ٿينديون. بيلدار ويچارو ڇا ڪري؟ سندس صاحب به هر ويلي نوڪريءَ بچائڻ لاءِ وتن وزيرن ۽ ميمبرن جي خوشامد ڪندا ۽ سندن ڊرائيوري ڪندا.
ڪنهن ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃو. ويندي تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾. اسپتال، اسڪول، مسافرخانو، ڍڪ، جانورن جي اسپتال، پوسٽ، آفيس، تار گهر، ريلوي اسٽيشن سڀ هن استحصالي سامراج جي ٻه سو ساله دور. پر نه ٻه سو ساله به نه، فقط سندس آخري 50 کان 80 سالا دور جون ٺهيل آهن. گوري صاحب کي سندس ٻه سوساله دور ۾ پهرين صدي ته پير ڄمائڻ ۾ لڳي ويئي. تانجو جنگ آزادي لڳي ۽ آخري مغل تاجدار به موڪلايو. هاڻ انگريز پاڻ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو ۽ روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، پلون، واهه ۽ بيراجون ٺهرائڻ شروع ڪيائين. جو ڪم چندر گپت موريه هزارين سال اڳ شروع ڪيو ۽ اڪبر اعظم ٻه ٽي سو سال اڳ هٿ ۾ کنيو هو. سو انگريز ئي مڪمل ڪيو. انتظامي امور لاءِ بهترين نظام وجود ۾ آندو. عدالتي نظام جي هڪ لکيل ۽ واضح قانون تحت تشڪيل ٿي. غيرآباد ۽ ويران زمينون آباد ٿيون. آبادڪاري جو سرشتو رائج ٿيو.
۽ اڄ… اڄ… جي به مسافر خانا هيا سي يا پيارن يا جيالن قابو ڪيا. باقي جي بچيا ٿي، تن تي بچي ويلن جي اک پئي. سنڌ ۾ ڪٿي به هاڻ ڍڪ نه بچيو آهي نه ڍورن جون اسپتالون هلن ٿيون. ڍورن جون اسپتالون ته ٺهيو ماڻهن لاءِ ٺهيل اسپتالون، جنهن حال ۾ آهن سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. 1970ع ۾ ڪراچي- حيدرآباد سپر هاءِ وي ٺهي راس ٿيو. 1978ع تائين سپر هاءِ وي ائين هيو. ڄڻ اڄ ٺهيو هجي. 1978ع ۾ وڃي لوڻي ڪوٽ جي ويجهو 10_15 ڪلوميٽر جي ٽڪري کي معمولي مرمت جي ضرورت پئي. ان وقت چوويهه فٽ ويڪري روڊ جي مرمت جو خرچ اٽڪل ويهه کان پنجويهه لک رپيا هوندو هيو. سپر هاءِ وي تي شايد ڪجهه ٻيڻ جي قريب يعني چاليهارو کن لک خرچ آيو. هڪ ميل جو. تعمير جو معيار ۽ جزيئات به تمام بهتر هيا. نه رڳو چوويهه فٽ بهترين ڪارپيٽ ٿيل روڊ هيو پر اٺ اٺ فٽن جي پٿر جي روڙي وڇايل عليحده هئي. هاڻ خير سان ڏهه ڏهه ۽ چوڏهن چوڏهن ڪروڙ روپين جي خرچ سان ٺهيل هڪ ڪلوميٽر جو روڊ به سال اندر ويجهيو وڃي. آهي ڪو داد فرياد ڪرڻ وارو.
ڪو وقت هيو جو هڪ پوليس وارو خالي هٿن وڃي به سڄي ڳوٺ کي نوڙي سان ٻڌي ايندو هيو. اڄ… اڄ ويهه ٿاڻن جي پوليس گڏجي هلي تڏهين به جوابدار فقط تڏهين جهلبو، جڏهن نڌڻڪو هوندو. ڪليڪٽر صاحب ۽ پوليس ڪماني جڏهن دوري تي نڪرندا هيا ته سندن هيبت ۽ دهشت کان ماتحتن جون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون ته ٻي پاسي عوام جي چهري تي سرهائي ۽ شادماني ايندي هئي ته هاڻ سندن درد دور ٿيندا، ڪو عام بهتري جو ڪم ٿيندو. اڄ ڪليڪٽر صاحب يا تپيدار وٽ به مجبور آهي يا ته وري اهڙا به جوان ٻڌاسون جي تپيدار صاحب جي ديري تي وڃي سرڪاري زمين جي لٽ ڦر ۽ ورهاست جي نظام جي نظرداري ڪن. ڪماني صاحب صوبيدار جي ڪرايل عيش و عشرت محفلن ۾ مور ٿيو وڃيو ويهن.
ڇا ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ ڪٿان شروع ٿيو؟ ڪيئن هن مضبوط عمارت کي اڏوهي جو کاڄ بنايو ويو؟ جت هنس راڄ هيا، اتي ڪانگن ڇو آکيرا ڪيا آهن؟ انهيءَ دل ڏکوئيندڙ داستان کي کولڻ کپي. انهن رازن کي کولڻ کپي، نه ته نسل درنسل هلندڙ ماٺ ۽ سانت جون واڳون اسان جي اميدن ۽ آسرن کي ڳڙڪائي وينديون.
(عوامي آواز، 23 سيپٽمبر 1999ع)