ڪيئن ڊهندي....؟!!
”حيدرآباد ۾ همراهه ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجو مرداڻو عضوو ڪٽي ڇڏيو.“ خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايل هيو ته، ”حيدرآباد جي کوکر پاري ۾ خواب ۾ مليل بشارت جي بنياد تي ٽي سال اڳ ۾ ڪيل گناهه جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ 27 سالن جي پرڻيل نوجوان غلام نبي لاشاري پنهنجو عضوو وڍي پاڻ کي نامرد ڪري ڇڏيو. کيس علاج سانگي حيدرآباد سول اسپتال جي سرجيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. لاشاري ٻروچ جيڪي وڌيڪ تفصيل اخبار وارن کي ڏني تنهن مطابق هن ٽي سال اڳ 9 محرم تي هڪ غير عورت سان قرب ونڊيو، جنهن کان پوءِ سندس لاڳاپا سندس گهر واريءَ سان خراب ٿيندا ويا. لاشاري پنهنجي جوان زال تي به الزام هنيو آهي ته هن جا هڪ ٻي ماڻهوءَ سان ناجائز لاڳاپا هيا، سندس اعتراض تي سندس ساهرن بجاءِ هن جي زال کي روڪڻ جي کيس ئي گهران ڪڍي ڇڏيو. جنهن تي هو حيدرآباد ۾ پنهنجي هڪ دوست وٽ رهڻ لڳو. واقعي کان اڳ واري رات جو کيس هڪ پاڪ بزرگ خواب ۾ آيو جنهن کان هن سندس گهرو زندگي تباهه ٿيڻ جو ڪارڻ پڇيو. بزرگ کيس 9 محرم تي ڪيل گناهه ياد ڏياريو ۽ ڪفاري طور ان ڪنيءَ شئي کي وڍڻ جو ڏس ڏنائين. صبح جو جڏهن جوان سنوارت ڪرائڻ لاءِ ويو ته سنوارت ڪرائيندي پاڪيءَ تي نظر پيس ۽ هڪدم بزرگ جو ڏس ۽ ڪفارو ادا ڪرڻ جو خيال ٿيس. وٺي کڻي هٿ ورائي پاڪيءَ سان پنهنجو مرداڻو عضوو وڍي ڦٽو ڪيائين. ۽ هاڻ پاڻ فرمائين ٿا ته مون گناهه جو ڪفارو ادا ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي ڪو پڇتاءُ ڪونهي.
سبحان الله!! واهه ڙي لاشاري صاحب واهه! اسان جا ٻروچ دوست چوندا آهن ته ”بابا، اسان ٻروچ...... بُزَ چريا آهيون.“ منهنجو ته هميشه کين چوڻ هوندو آهي ته اها ئي اوهان ٻروچن جي سياڻپ آهي. پاڻ کي چريو چئي سڄي سنڌ کي ڦيرين ۾ وجهي ڇڏيو اٿو. پر نه يار، لاشاري ٻروچ ته سڀني کي مات ڏئي ڇڏي. هاڻ پڪ ٿي ته غلام مصطفيٰ جمالي واقعي سچي ڳالهه ڪئي هوندي. موري جو غلام مصطفيٰ جمالي ننڍپڻ جو يار آهي. هر قسم جو چرچو ڀوڳ ڀل ڪيڏو به ڪڙو ڇو نه هجي. برداشت ڪري وٺندو آهي. هڪ ڳالهه ته ڪيترا دفعا ورجائي هوندائين منهنجي چهري تي بي يقيني جو تاثر ڏسي قرآن جا قسم به کنيا هوندائين. ڳالهه هن ريت آهي. چيائين ته، ”اسان جمالين ۾ حيجباڻي پاڙو سڏائيندا آهيون. ٺپ مٿي ڦريل ۽ گهٽ سمجهه وارا سمجهيا ويندا آهيون ۽ ائين آهيون به. توهان شهري ماڻهو هلندي ڦرندي يا محفل ۾ به واکرو ڪندي (هوا ڪڍڻ) ڀل وڏي آواز سان هجي يا ڪيڏي به ڌپ وارو هجي بلڪل پرواهه نه ڪندا آهيون. اسان جي همراهن جو ذڪر ٻڌ. هڪ ٻروچ کان محفل ۾ هوا نڪري ويئي، اوڏي مهل ئي محفل مان اٿي هليو ويو. گهر وڃي ڪهاڙي کنيائين ۽ جهنگ منهن ڪيائين. ڪجهه پرڀرو نڪري وٺي ٿو اچي ڪهاڙي سان پنهنجي مقد (ويهڻ واري جاءِ جتان هوا خارج ٿي هئي) کي ڌڪ هڻي چئي اڙي لخ جي لعنت هجيئي!! راڄن ۾ بڇڙو ڪئيءَ، اچي رتو ڇاڻ ٿيو. تان جو صدمي ۽ رت گهڻي وهڻ جي ڪري ساڻو ٿي نيم بيهوشي ۾ ڪري پيو. ماڻهن کڻي اسپتال حوالي ڪيس.
غلام مصطفيٰ جي قسمن جي باوجود ڪجهه اعتبار ايندو هيو ته ڪجهه فڪشن لڳندو هيو. پر لاشاري جيڪا ڪار ڪئي آهي تنهن کان پوءِ جماليءَ جي بيان ڪيل آکاڻي بلڪل درست ٿي لڳي. خير هي ته هئي اجائي ڳالهه مان ڳالهه. پر اجائي ڳالهه مان ڳالهه ئي ته ڪا ڳالهه آهي. وري ٻڌو. اڃان 16 جون جي اخبار رديءَ ۾ ويئي ئي ڪو نه هئي ته 22 جون جي اخبارن ۾ شه سرخين سان خبر آئي؛
”دڙو ۾ مڇريل زال ٻي شادي جي خواهشمند مڙس جو خاص عضوو ڪپي ڇڏيو.“ تفصيل مطابق زرعي بئنڪ بٺورو جي مئنيجر بشير احمد ڪورائي جو هڪ غير عورت سان واسطو هيو. هن انهيءَ عورت سان ٻي شادي ڪرڻ پئي چاهي يا گهٽ ۾ گهٽ سندس زال حاجران کي اهو شڪ هيو. حاجران پنهنجي مڙس کي ٻي عورت سان واسطا نه رکڻ ۽ ٻي شادي نه ڪرڻ لاءِ بار بار منٿون ڪندي رهي. مڙس کيس يقين به ڏياريو ته هو ٻي شادي نه ڪندو پر حاجران اعتبار نه ڪيو ۽ نيٺ هڪ رات جڏهن بشير احمد ڪورائي اگهور ننڊ ۾ ستل هيو ته مسمات حاجران سندس مرداڻو عضوو ڪٽي ڦٽي ڪري ڇڏيو. مڙس بي هوش ٿي ويو. حاجران سمجهيو ته مڙس مري ويو. آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سندس ڀائيٽي کيس بچائي وڌو. هاڻ مسمات حاجران گرفتار آهي ۽ جيل ۾ روئيندي فرمائي ٿي ته مڙس سان موهه اٿم ۽ بيوفائي برداشت نه ڪري سگهيس.
هيڪر ته اهي خبرون ذهن جي ڪنهن الجهيل ڪنڊ پاسي ۾ وڃي اٽڪي پيون. رکي رکي کل اچي. پوري سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڀتين تي لڳل اشتهار ياد اچن. ”مرداڻي ڪمزوري جوشرطيه علاج.“ ”ڪاري پاڻي، بواسير ۽ نامرديءَ جو خاتمو حڪيم الله ورايو.“
احمد خان جمالي چوندو هيو ته ”يار، هڪ ڳالهه ته سمجهاءِ. ڪارو پاڻي ٿئي اک ۾، بواسير ٿئي..... ۾ ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. هي جو اک ۽ ....جي وچ ۾ هيڏا سارا عضوا آهن تن جو علاج ڪندي حڪيم الله ورائي کي ٻرو ٿو چڙهي.“ ۽ وري..... نامردي جي علاج جا ايڏا ته اشتهار آهن هر هنڌ جو لڳي ٿو ته نامردي اسان جي قومي بيماري آهي. آهي ته برابر سچي ڳالهه. هڪ دودي سومري کان پوءِ سومرن جي ننڍڙي جٿي جي غيرت ۽ شان تان قربان ٿيڻ کان پوءِ ابڙن جي سردار جو پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ ساٿين سوڌو ”سام“ مٿان گهورجڻ کان پوءِ قومي سطح تي نامردي ئي واسو ڪيل آهي. جي غريب هوشو وڙهيو ته هيڪلو، ويچارو مير صاحب ته ميدان ۾ ئي ڪو نه لٿو.
وري خيال پي آيو ته ڀلا عضوو وڍي ڇو ڦٽو ڪيائين. ادي لاشاري کي جي سچو پچو ڪفارو ادا ڪرڻو هيو ته اهو آني جيترو ڇيڇڙو کڻي ٻليءَ کي کارائي ڇڏي ها. ويچاري دعا ڪري ها ۽ ادڙي حاجران کي موهه ته هيو مڙس سان، پوءِ کيس (مڙس کي) ٽڪر نه ڪري ها. هن غريب بي زبان عضوي ڪهڙو ڏوهه ڪيو. باقي موهه الائي ڇا سان وڃي ٿيس.
کل مشڪري پنهنجي جاءِ تي. اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙيون ڄٽڪاڻيون ۽ بي سمجهي جون ڳالهيون ٻڌي دل روئندي آهي. ڪڏهن ڪنهن کي وري اشارو ٿيندو آهي ته سنت ابراهيمي تي عمل ڪر. اهو ٻڌندي ئي ماڻهو ننڊ مان اٿي معصوم نياڻي يا ٻچڙو کنيو نڪري پون. ڪيڏانهن؟ چئي، ”خواب ۾ اشارو ٿيو آهي. وڃان ٿو سنت ابراهيمي پوري ڪرڻ“. حضرت ابراهيم به ته پنهنجو پٽ ڪٺو ٿي نه ۽ ائين ڪئي معصوم ابهم ٻارڙا هنن مذهبي جنونين ۽ بيمار ذهنن هٿان زندگي وڃائي ويٺا آهن.
افسوس ٿو ٿئي هن اٻوجهه قوم تي. يا ته متاع زندگي اشارن تي ڪفاري ڪاڻ يا حسد ۽ ساڙ مان ڪٽيو ڦٽو ڪري ڇڏين. سچ پڇو ته هڪ کان وڌيڪ واقعا منهنجي ڄاڻ ۾ آيا هوندا جتي ڪنهن سنگتياڻي رکي ته زال حجام ٿي ويئي. سنگتياڻي مٽائين ته وري پراڻي سنگتياڻيءَ حجم وارو ڪم ڪيو. جي ٻنهي ٽنهي مان اڪريو ته وري اشارو ٿيو ته ڪفارو ادا ڪر. ڪٿي ڦاٿا آهيون. ماڻهو ته چنڊ کان به وڃي پري نڪتو. علم ۽ ڄاڻ جو سمونڊ آهي جو پيو کولبو وڃي روز روز ۽ هر پل حضرت انسان جي عظمتن کي سلام ڪندو وڃي. گهوڙا ڙي! اسين اٽڪيا پيا آهيون ڪفارن ۾. ٻيءَ سان ڇو لڳين. عضوا ڪٽڻ، نڪ ڪپڻ، چوٽي ڪپڻ.... ڪڏهن سڌرنداسين... شايد ڪڏهين! شايد ڪڏهين به نه.
(عوامي آواز، 1 جولاءِ 1999ع)