ڪالم / مضمون

هر پل صليب تي

آفتاب ڌرتي لاءِ به لکيو آهي ته ڌرتي ڌڻين جي ڪچاين ۽ ڪمزورين کي به بي نقاب ڪيو آهي. حڪومتي ۽ سماجي نظام جي سنگدليءَ جا ڇوڏا به لاٿا آهن ته ”سياسي لاٽڙين“ جي عمومي ڪردار کي به اگهاڙو ڪيو آهي. ڪرپشن، بدانتظامي، غلط پاليسين ۽ غلط حڪمت عملين کي انگن- اکرن ۽ شهادتن سان وائکو به ڪيو آهي ته ”فطرت“ سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي کان به خبردار ڪيو آهي. ”هر پل صليب تي“ ۾، آفتاب، ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي ”پاڻ“ پنهنجي ”وجود“ سان گڏ نظر ايندو رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1947
  • 544
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هر پل صليب تي

ٻه اکر

چوڻ لاءِ ته ”ٻه اکر“ چوندا آهن پر اهي ٻه اکر ئي سوريءَ تي ٽنگجڻ کان به اوکا لڳندا آهن. ڇا لکان... ڇا نه لکان.
هڪ ننڍڙو واقعو اسان جي معاشري لاءِ اکيون پٽڻ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. جي اکيون نه ٿيون پٽجن ته به هڪ تازيانو آهي. ياد گيري آهي. چهنڊڙي آهي. پاڻ جهڙن کي آئينو ڏيکاريان. متان کين پنهنجي بدشڪلي نظر اچي ۽ پنهنجي پس منظر جي سونهن ۽ سوڀيا سندن عمل ۽ ڪرت تي اثر انداز ٿئي. آئون ڪو ناصح ۽ مصلح ته ڪو نه آهيان. انسان جي ڪرت خارجي عوامل جي تحت ٺهي ٿي. ماڻهو جو بظاهر آهي ۽ ڪري ٿو ان تي سندس ذاتي اثر شايد ايترو ئي هوندو آهي جيترو گهاڻي پيڙهيندڙ اٺ جو سندس پيڙهڻ جي عمل ۾. آئون ”به امر الاهي“ جي وڪالت ڪو نه ٿو ڪيان. صرف مادي جي حرڪت تي اثر انداز ٿيندڙ قوتن جي بي پناهه طاقت جو قائل آهيان. زندگي هر مظهر ۾ خارجي عوامل جي تابع رهي ٿي. ڪي ڄاتل ۽ ڪي اڻ ڄاتل.
جسم انساني جي خلين کان وٺي نظام شمسي، ڪهڪشان، هوا ۽ پاڻيٺي امتزاج جي طوفانن تائين هيءَ ڪائنات ڄاڻ ۽ اڻڄاڻائي جي ڀوائتي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. ها البته هڪ مظهر آشڪار آهي ته سڀ ڪي هر شيءِ هر ذرو. ڪٿي ڪنهن هنڌ ڪنهن عمل چاهي ڄاتل چاهي اڻ ڄاتل جي تابع آهي. انهيءَ اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ڪائنات جي هڪ انتهائي حقير ۽ هيچ ذري جي ڇا مجال ته ويهي مبلغ ۽ ناصح ٿئي. مڪان وزمان جي سلسلئه دوران تي راءِ زني ڪري. جڏهن آئون پنهنجي پتڪڙي جيون جي باري ۾ سوڇيندو آهيان ۽ انهيءَ جي تسلسل ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهيان ته ڪجهه دير لاءِ ڦونڊجي ضرور ويندو آهيان. پر هڪدم وري خيال ايندو اٿم ته هيڏي ساري Cosmos ۾، جڳ ۾، آئون ۽ مون جهڙا ساهوارا ڪيڏا نه حقير جيوت آهن. ڪيترا نه بي حيثيت آهن. حساب ۾ Iota جي به شايد ڪا حيثيت هجي. هي انسان شايد اهو به نه هجي تڏهن اهو ڄاڻندي منهنجو وجود ڪاري اماؤس جي رات ٿي ويندو آهي. منهنجي تن من تي انڌاري ڇانئجي ويندي آهي. تمام فلسفهءِ حيات ڪوري ڪاغذ جيان بي حيثيت ٿي ويندا آهن.
ڪاري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي يا ڀوري نينگر خدا جي تلاش ۾ نڪتي، تارن ۾ چنڊ ۾ مانڊاڻ ۾ سج ۾ ۽ پوءِ بت شڪني ۾ ابن آذر خدا جي تلاش ۾ نڪتو. غار حرا ۾ رسول عربي، انسانيت جو ڇوٽڪارو ڳولڻ نڪتو. شاهزادو ابن شاهه زادو سڌارٿ بڙ جي وڻ هيٺان نرواڻ جي ڳولا ۾ اچي وارد ٿيو ۽ تت ڪيائين ته:
دکم سروم دکم
(جو آهي سو ڏک آهي. ڏک آهي سدا ڏک آهي......)
ڀل پوءِ نرواڻ جو سنهري رستو اٺن ۾ سمجهائي يا ڏهن ۾. تت وري به ”ڏک آهي. سدا ڏک آهي.....“
نڪتم عمل ۽ علم جي تلاش ۾، خبر پيئي ته اڄ به ڪورو جاهل آهيان. آگاهي سان هانءِ ٺرڻ کپيو ٿي. پر نه، ڄاڻ وڏو عذاب آهي. چاهي اها ڄاڻ ڇو نه هجي ته آئون اڻڄاڻ آهيان. لڇان ۽ لوچان واري ڪيفيت هوندي آهي. چوءِ ڦير انڌاري آهي.
ماڻهونءَ جي من ۾ جا اُڻ تُڻ هوندي آهي تنهن کي معنى ڏيڻ جي سعي ڪڏهين حاصل ۾ لاڀ ڪندي آهي ته ڪڏهين لاحاصل رهندي آهي. لڀندي به وري خيال ايندو آهي ته ڇا هي ئي آهي يا جو نظر اچي ٿو سو سندس اڻ پوري ۽ اڌوري خوابن جو عڪس ته ڪونهي. ڄڻ زاهد مخدوم جو متيرو هجي. زاهد مخدوم جو خيالي پُٽ. زاهد ۽ منهنجي متيري جي ڳولها جي سفر جي ڪٿا هنن ڪالمن ۾ سمويل آهي. اڻ پوري ۽ اوڌورن خوابن جو عڪس. تلاش... تشنگي، تانگهه.. اُلڪو...
”تون ڇو خود فريبي ۾ اچي مبتلا ٿيو آهين؟ چريا! جنهن بهشت جي ڳولا ۾ تون چنڊ تارن جي ديش کان به پري وسندڙ جهانن جي ڳالهه ڪرين ٿو، سو هر انسان سان گڏ هوندو آهي. سندس پاڇي جيان!! جيئن پاڇو سج جي نصف النهار هئڻ وقت وجود سان هڪ ٿي ويندو آهي تيئن ڳولا جي سفر ۾ تنهنجي وجود ۾ هڪ وقت اهڙي سڃاڻپ ايندي آهي جو وجود ۽ بهشت هڪ ٻئي ۾ سموئي ويندا آهن. نه ته بهشت جو ڪو وجود ڪونهي....... هي جو تون متيري جي ڳولا ۾ نڪتو آهين............. اڙي سپنن جا سوداگر!! ڪهڙي پٽ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ تنهنجو ڪٿان آيو!؟ تو ته قاسم جي مهندي رتڙن هٿن جا زخم ڏسي رت سان لائون لهڻ جو قسم کاڌو هو؟ تو شادي ڪڏهن ڪئي؟؟ چريا!! تو ته شادي ئي ڪا نه ڪئي آهي؟! متيري جو ڪو وجود ڪونهي. متيرو تنهنجو تخيل آهي. تنهنجو آدرش آهي. امر جليل جي ”هوءَ“ وانگي متيرو تنهنجي تشنگي آهي. تنهنجي تانگهه آهي. تنهنجو اُلڪو آهي. تنهنجي اندر جي انڌاري کي روشن ڏيئي جي لاٽ آهي.“ منهنجو آواز اوچو ٿيندو ويو ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا اٽڪندا ويا. متيرو تنهنجو خواب آهي. تو ۽ مون جهڙن سوداگرن جي ساري عمر متيري جي ڳولا ۾ گذري ويندي آهي. ائين ئي رُلي رُلي.... رڙي رڙي.... زندگي جو سفر ڪٽجي ويندو آهي.... ويدن جو زمانو مهاڀارت ۾.... مهاڀارت جو زمانو گوتم جي دانش ۾، ۽ وري مغلن ۾، ارغونن ۾، ترخانن ۾، سمن ۾، سومرن ۾ ڦرندو رهندو.... ڦرندو رهندو.... ۽ تنهنجي منهنجي ڳولا جاري رهندي........ پر بيهه!! زاهد!! ترس!! متيرو ته آهي ئي ڪو نه؟ تو شادي ڪٿي ڪئي هئي؟؟“ ۽ منهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي آئون لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳس.
تت ته وري به لطيف سرڪار جي، ”کامان، ٻران، پچران...“ ۾ ٿيو. هوت لڌو ته پوءِ سانت. ۽ سانت بري آهي. سانت جو جيون جو انت آهي. وهندڙ پاڻي ڪو سانت ٿيندو آهي. سانت ته موت آهي. جيون جوت ته سانوڻيءَ جي ڌڌڪندڙ، شور ڪندڙ پاڻي مثل آهي. حاصل ۽ لاحاصل بي معنى آهن، هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ. پنهنجي ته جيون ڪٿا به ايئن ئي رهي.
زندگي ترتيب ۽ بي ترتيبيءَ جي ٻه واٽي تي گذري. هر ڪاميابي کي اتفاق ۽ هر ناڪاميابي کي پنهنجو ڪيتو سمجهيم. جڏهين به پنهنجو احتساب ڪيم ته اوَگُڻ جهجها نظر آيم. گُن ڳوليندي به پاڻ ۾ ڪونه ڏٺم. سواءِ هڪ جي. نه ڪڏهين همٿ هاريم. نه ئي ڪڏهين ڪنهن ڏي واجهايم. جو محسوس ڪيم سو ظاهر ڪيم. نه ڪنهن جي سوني محل کان متاثر ٿيم نه ئي ڪنهن ڪکائين جهوپڙي کي گهٽ ڄاتم. هر دم سکڻ جي ڪيم. اِهو ڄاڻندي به ته جو سکان پيو ۽ سمجهان پيو تنهن کي وقت جو وهڪرو ۽ پنهنجي بي وقوفي ۽ ڇسائي الائي ڪيڏي مهل اندر جي سليٽ تان ميساري ڇڏي. پر ليکو ڪندي پڄيو ڪين ٿيندو. جيون ناءُ لڏندي لمندي هلندي رهي ٿي. جي حساب ڪريان ته سارو جيون ئي بي ڪار سعي لڳي. جي پنهنجي مستيءَ ۾ سوچيان ته هر لمحو، هر پل سهڻو ٿو لڳي. اصل ڇا آهي؟ حقيقت ڇا آهي؟ ڪنهن کي خبر!؟ انت بحر دي خبر نه ڪائي...
هي جي ڪچا ڦڪا لفظ ڪالمن جي صورت ۾ لکيا اٿم سي ڏهن ٻارهن سالن ۾ مختلف واقعن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسندي لکيا ويا آهن. ڪالم لکڻ تي مونکي سنئيل اُتساهيو- ڊاڪٽر جبار خٽڪ، امداد اوڍو، يوسف لغاري، سيف ٻنوي، انب گوپانگ، فضل قادر قلباڻي ۽ ارشاد نبي عباسي هميشه همٿائيندا هئا. آئون وري مهينن جا مهينا ۽ ڪڏهين ته سال کان به مٿي گسائيندو هئس. ڊاڪٽر جبار ۽ امداد چوندا هيا ته ”لکين ڇو نٿو؟“ کين ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو هيو ته ڇو ڪونه لکي سگهيو آهيان. من جي شانت هجي پر شانتي به ته ڪونه کپيم. هنن ئي ڪالمن ۾ اِها ڪيفيت هيئن بيان ڪئي اٿم...
”نرواڻ ته مون کي نه حاصل ڪرڻو آهي نه ئي کپي، نرواڻ حاصل ته گوتم کي ڪرڻو هيو، مان سدا ڀٽڪندڙ روح.... مان ڇا ڪيان شانتي حاصل ڪري.... مان ته چوان ٿو ته شانتي معنيٰ ماٺ! ۽ ماٺ موت برابر آهي، مون کي موت نه کپي، مان هر دم روان دوان رهڻ چاهيان ٿو. ۽ روان دوان رهڻ جي قيمت چڪائڻي هوندي آهي. نديم ملڪ وانگيان .... هر آيل منهنجي جسم ۾ شاور جوڙي روز رت مان غسل ڪري ٿو.....
هر واقعو، هر آيل، هر ملاقاتي هر عرضيدار منهنجي جسم ۾ انيڪ گهاوَ ڏيئي منهنجي رت سان غسل ڪري ٿو. جو هو مون کي منهنجي ڪوتاهين، هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن انيڪ گهاون جي داستان ٻڌائي خود ته آرامي ٿئي ٿو پر منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪير ٿو ۽ منهنجو الميو اهو ئي آهي ته آئون احساس گناهه سو به، ناڪرده، ۾ سڙندو رهان ۽ پچندو رهان ڇو ته مون هڪ واري واعدو ڪيو آهي ته هن ڌرتي تي جو به ظلم ٿيو سو مون تي ٿيو ۽ هن اونڌاهيءَ ڌرتي تي مون جو قسم کنيو آهي سو نڀايان پر وجود کي وڪوڙيل غم جو ڪهڙو علاج ڪيان.“
وري ”ڄامڙن جي دور ۾ بنارس جو جوڳي“ ۾ پنهنجي حال کي ايئن اورڻ جي ڪئي اٿم.....
”الاهي ڏينهن کان ذهن جي پردي تي رڳو ڌُنڌَ ۽ ڪوهيڙي اچي واسو ڪيو آهي، پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته اکر بي معنيٰ ٿا لڳن. لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته لڳي ٿو ته وجود ئي سُنڍ بڻيل آهي. خالي خالي … بي ثمر … سڪل ۽ خزان رسيده وڻ جيان.
مٿان اچي فون ڪڙڪو ڪيو. امداد هيو. چيائين ته ادا ڪالم ڪونه پهتو. چيو مانس ته مون وٽ ته ڪي به ڪونهي لکڻ لاءِ. جسم ۽ ذهن نستا ٿي پيا آهن. ٿڪجي پيو آهيان. ڪوشش ڪيان ٿو. سوچن ۾ گم- الا جي ذهن جي ڪهڙي وهڪري ياد ڏياريو. جڏهن آئون گيمنز پاڪستان ۾ انجنيئر هوندو هئم ۽ نوابشاهه- سڪرنڊ روڊ تي وقتي ڪچن ڪواٽرن ۾ رهندو هئم ته هفتي جي پڄاڻي حيدرآباد وڃڻ جي ڪندو هئم. آچر وڃي ڄامشورو جو ديدار ڪبو ۽ هڪ مُن موهڻي ۽ دل گهريءَ دلدار جي حاضري ڀربي. عشق جو هيو. هوءَ به مون کي روز ٻي ڏينهن خط لکندي هئي ۽ آئون به هن کي هفتي ۾ ٻه خط ضرور لکندو هئس. ڪافي وقت کانپوءِ هن منهنجا لکيل خط مونکي پڙهايا ته ڏس هي تو مونکي لکيا هئا. تنهنجو عشق ڪيڏانهن ويو؟مون چيو مانس ته هي خط مون پاڻ ڏي لکيا هيا شايد تون به ته اها ڪونه رهي آهين جنهن کي آئون ڏسندو هيس، جا منهن جي نس نس ۾ سمايل هئي، پر تنهنجو قصور نه آهي. قصور ته ڪنهن جو به نه آهي. نه تنهنجو نه منهنجو. جي منهنجي من ۾ اها آنڌ مانڌ نه لڪيل هجي ته ڇو آئون ڪنهن سهڻيءَ من موهڻيءَ جي نگاهه جي تير جو شڪار ٿيان ها ۽ هوءَ منهنجي وياڪل روح کي شانت ڪرڻ لاءِ هر حيلو ڪري، هر بهانو ڪري ها، پر شانتي ته ڪا سدا جي رٺل محبوبه آهي ۽ آئون به ته سدا جو اُڃايل آهيان. شانتي ئي جي منهنجي درد جو دارون هجي، درمل هجي، ته گوتم جي اٺ سنهرن متن جي پنڌ جو پانڌي ٿيان ها. مست الست موالين سان سُلفيءَ جي سوٽن ۾ هست کي نيست جو چولو پارائي سُڌ جي جهنجهٽ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيان ها. آهه! شانتي ته، منهنجي منزل ئي ڪونهي. تون به ته منهنجي منزل ڪانه هئين. جي تون منهنجي منزل هجين ها ته ڪيئن آئون هر ڪاڪ محل تي مٿو ٽيڪيان ها. هر جائي آهيان. ائين نه!! تون ڀلي مون کي هر جائي چئو، ڀونري جيان شايد مون به رنگ رنگ جي گلن جو واس ورتو هوندو. هر هر پنهنجي لبن کي آلودهه ڪيو هوندو. حسن جي بارگاهه ۾ سوين سجدا ڪيا هوندا. شايد اندر جي لوڇ پوڇ کي سانت ڪرڻ لاءِ، يا حيواني جبلتن جي زور آور گهوڙي جي ڇڙواڳي هئي.
هي ماضيءَ جي ڳالهه ٿو پيو ڪيان. اڄ زندگيءَ جي جنهن چواٽي تي بيٺو آهيان اُتي ته هر شيءَ بي معنيٰ ٿي لڳيم. رنگ وبو جي دنيا به هڪ خواب کان مٿي نظر ڪونه ٿي اچيم. هست ۽ نيست جو فلسفو به اڄ پنهنجي ڪُل بي معنائي ۽ ڇساڻ سان مذمتي ٺٺول پيو ڪري.
متان سمجهين ته آئون ڪو مايوس ٿيو آهيان. اڙي! مايوس ته اهو ٿيندو آهي جنهن کي آس هجي. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪتي ته مونکي صديون ٿي ويون. ڇا ٿي سمجهين! تنهنجو ڇا خيال آهي. بنارس جو جوڳي اڪيلو ته ڪونه هيو. مان به ته ساڻ هيم- ڀل هن جي ئي واتان دکم سروم دکم (جو آهي سو ڏک آهي) جو ڪلمو نڪتو هيو پر هن جو ۽ منهنجو سفر ته گڏ هيو. آس ۽ نراس جي ڦيري مان نڪرندي ئي مون سندس ڪنن ۾ سُرراٽ ڪيو هيو. ”گوتم! شانتي ڪونه ملندي. شانتي ته خواب آهي. ڪنهن جي ڳولا ٿو ڪرين؟ اُٿ! عظيم استاد! هي شانتي جي ڳولا به ته لُڇَڻ آهي، ڏک آهي، جا شيءَ تو وٽ نه آهي سا توکي ڏک ڏيئي ٿي. ڇڏ! هن جيون جنجال کي. جو آهي سو ڏک آهي.“
ڏاهي گوتم ڪجهه ٻڌو، ڪجهه اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هليو هيو ويچارو سنهري متا ڏيڻ. تان جو پارو ٿو کاڌو کائي مري ويو.“
منهنجي لاءِ هي ڪالم صرف حالتن ۾ واقعن ۾ جهاتيون پائڻ ڪونهي. هي مون جهڙن انسانن تي گذريل ڏاڍ ۽ جبر جيون نشانيون آهن. ڪيئن؟ جڏهين سينٽرل بورڊ آف ريونيو جو چيئرمين چوي ٿو ته قومي اسيمبلي جي پارڪنگ لاٽ ۾ بيٺل گاڏين مان هڪ سو اسي گاڏيون اُهي نڪتيون جن جا ڪاغذ صحيح نه هئا؟ يعني چوري جو هنيون يا ٽيڪس پياريل ڪونه هيو؟ ايشيا جي بدنصيب ملڪن ۾ ڪوريا جا روهه تائي ۽ چُن وُو هُوان، انڊونيشيا جا سوهارتو ۽ فلپائين جا مارڪوس اقتدار جي ايوانن جي آڙ ۾ چور بازاري، رشوت، ملڪيت ٺاهڻ جي ڪندي ملڪي وسيلن کي پائمال ڪن ته هتي اسان وٽ ٽي-ساڍا ٽي سو خاندان آهن جي اُپت جي ذريعن تي به قابض آهن ته سياست توڙي سول ۽ فوجي ڪامورو ڪو لڏو به مٽي مائيٽي ۾ سرمايه ڪاري ۾ ڀائيوار آهي. سندن ڀايئواري ۽ سرمايه ڪاري تي اعتراض ڪونهي جي اربين رپين جاقرض معاف نه ڪرائين، جي هر ٽئين ڏينهن قومي خزاني کي چاهي نقصان هجي پر کين فائدو هجي ته ايس-آر-اوSRO جاري ٿئي. اصل ۾ نظام جي شفاف هجي ته رڳو ڪاري اماؤس رات واسو ڪونه ڪري پر مڌر چانڊوڪي به ليئا پائي.
هي ڪالم جتي اندر جي اُڻ تُڻ آهن ته اُن کان وڏيڪ زميني خدائن جي جهلڪين کي وائکو ڪرڻ جي سعي به آهي. ڪالم ڪيئن ڇپيا. مختصر ڪهاڻي آهي. ادي نور احمد ميمڻ سان ملاقات ٿي ته چيائين ته توهان پنهنجا تجربا، اکين ڏٺا احوال بيان ڪيو. ڪالمن جو ذڪر ڪيم چيائين ته اُهي ڇپرائينداسين پر اوهين جيون ڪٿا لکندؤ. وعدو ڪيو اٿم ته لکندس پر پهريائين هي ڪالم ته هڪ هند ڪيان پوءِ وري پنهنجو نامڪمل ”نيل نديءَ ڪناري“ سفرنامو پورو ڪيان ته آپ بيتي يا يادگيريون تي ايندم. ادبي عمر قاضي مهرباني ڪئي. ترتيب ۽ تدوين لاءِ ڀائو نور احمد ميمڻ سان لهه وچڙ ۾ ايندو رهيو. ڪيترائي ڪالم مون هن مجموعي مان خارج ڪيا آهن ۽ انهي تي ڀائو عمر قاضي کي اعتراض آهي پر مونکي موضوع کان هٽيل لڳا سو سمجهيم ته هن لڙيءَ ۾ هي مڻيو ٺهي ڪونه ٿو. جو ڪجهه آهي، اوهان جي اڳيان آهي. ڪالم نويسي هونئن به سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڏي ترقي پذير ڪونهي. اڪثر طور ڪالم نويسي ۽ خود ڪلامي ۾گهٽ فرق آهي. اردو زبان ۾ ڪالم نويس به گهڻا-محنت به ڪن ٿا. نالو به اٿن، موضوعات جي وٽن کوٽ ڪونهي. اسان وٽ ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق جو رواج گهٽ آهي.

آفتاب ميمڻ
سيپٽمبر 2010
ڪراچي