ٻڌءِ نه ٻوڙا
پر انهيءَ کانپوءِ ۽ ساڳئي وقت تي اهڙيون ڪيتريون مقرريون ٿيون جن ۾ ڪانٽريڪٽ تحت ڀرتيون ڪيلن جي لاءِ اوچيون پگهارون ۽ مراعتون رکيون ويون. انهن مراعتن ۽ اوچين پگهارن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن حڪومت ۽ قوم لاءِ خبر نه آهي ته ڪيترو اضافي ڪم ڪيو پر ڪامورا شاهي ۾ هڪ تاثر يقيني ٿي ويو ته اهم مقرريون صوابديدي عمل آهي. حڪومت وقت جو.
معين خان اسٽينڊر چارٽر بينڪ لنڊن ۾ هڪ اهم عهديدار هيو. پاڪستان حڪومت جي سڏ تي هن 1998ع ۾ بينڪ کان موڪل ورتي ۽ اچي سينٽرل بورڊ آف ريونيو جي چارج سنڀاليائين. يارنهن مهينن اندر هن جي موڪل ٿي وئي. کيس سندس عهدي تان هٽايو ويو. معين خان انهن يارنهن مهينن ۾ بورڊ آف روينيو ۾ ڪهڙا سڌارا آندا سا ته اسان کي خبر نه آهي پر هڪ ڳالهه ته رڪارڊ جي آهي ته مالي سال 99_1998ع ۾ ٽيڪسن جي آمدني جوتخمينو جو 350 ارب روپين کان مٿي جو هيو سو ٽي دفعا گهٽايو ويو ۽ نيٺ هڻي هنڌ ڪري 305 ارب رپين جي ٽيڪس آمدني ڏيکاري ويئي. جو به ماڻهو سرڪاري ڪم ڪار کان ٿورڙي به واقفيت رکي ٿو ان کي خبر آهي ته جڏهين مالي سال ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ ته اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو جي انگن اکرن جي ڀيٽ ۽ ٻيو وري ڪسٽم ۽ انڪم ٽيڪس وارن جي طرفان جمع ٿيل رقمن جي مجرا ٿيڻ جو عمل ٿيندو آهي تڏهين خبر پوندي آهي ته انگن اکرن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ ڏيکاريل هوندي آهي يا ٻين لفظن ۾ اصل ڪمائي 5 کان 10 سيڪڙو گهٽ هوندي آهي. خير اسان انهيءَ اپٽار ۾ به ڪونه ٿا پئون. خير سان اصل ڳالهه وڃي اها بيٺي ته لکن جي پگهار ۽ مراعاتون وٺندڙن ملڪي ٽيڪس جي نظام ۾ ڪهڙا سڌارا آندا ۽ ٽيڪسن جي آمدنيءَ ۾ ڪيترو اضافو آيو؟ ڏٺو وڃي ته نه ڪي معنيٰ خيز تبديليون آيون ۽ نه ئي ٽيڪسن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو. ها البته سرڪاري خزاني تي پيل بار ۾ واڌارو ضرور ٿيو. اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ معين الدين خان جي زباني ئي ٻڌون.
معين الدين خان جي چوڻ مطابق سندس وڃڻ جو وڏو سبب هي هيو ته هو ”هنن مان ڪونه هيو، کيس ڪٺ پتلي ڪري ڪونه پي سگهيو.“ هاڻ ”هو“ ۽ ”هنن“ ۾ ڪير شامل آهن؟ ظاهر آهي ته اختيار جا ارباب. پر انهيءَ کان وڌيڪ ”هنن“ جي معنيٰ تڏهن واضح ٿيندي جڏهن اسان معين خان جو ساڳيو ئي بيان 26 سيپٽمبر جي ڊان اخبار ۾ پڙهنداسون. خان صاحب چيو ته سندس دور ۾ هن ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون تن جي هر ڪنهن پير ٻڌي مخالفت ڪئي. انهن اسڪيمن مان هڪ اسڪيم اسمگلنگ ٿيل گاڏين کي پڪڙڻ جي هئي. سندس اندازي موجب ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه هزار اهڙيون سمگل ٿيل گاڏيون هيون جن جا ٽيڪس توڙي ايڪسائيز ڊيوٽي ادا ٿيل ڪونه هئي. انهن مان گهڻيون ئي گاڏيون چوري ٿيل هيون. بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽم وارن 1998ع ۾ پنج مهينا جاکوڙ ڪري اهڙيون 2000 گاڏيون پڪڙيون. سڀ کان مزيدار ۽ افسوسناڪ ڳالهه هي نڪتي ته قومي اسيمبلي جي پارڪنگ واري حصي ۾ هڪ اوچتي سروي ۽ جاچ دوران 180 گاڏيون اهڙيون مليون جن جا ڪاغذ جعلي هيا. معين خان وڌيڪ چيو ته هن ملڪ ۾ اخبار ڌڻي سڀ کان وڏا ٽيڪس چور آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو واپاري طبقو سياستدانن تي اعتبار ڪونه ٿو ڪري.
هي لفظ ۽ ڪٿا هن غريب جي ڪونهي پر اڳوڻي حڪومت جي هڪ اهم اڳوڻي عهديدار جي زباني آهي ۽ اخبارن ۾آيل آهي. انهيءَ مان اسان اهو نتيجو ڪو نه ٿا ڪڍون ته اسيمبلي جي پارڪنگ لاٽ ۾بيٺل 180 چوري يا ڪوڙن ڪاغذن واريون گاڏيون ڪي معزز ميمبرن جون هونديون. آخر اتي ڪامورا به هوندا ته ڪم ڪارن سان آيل ماڻهو به هوندا. پر ممڪنات جي سائنسي اصول موجب انهن گاڏين مان گهڻو حصو گاڏين جو انهيءَ محترم ۽ مقدس ايوان ۾ ايندڙ ويندڙن جو هوندو جيڪي هن ملڪ جي ماڻهن جي تقدير جا والي آهن.
مونکي اها خبر پڙهندي ٻه ڳالهيون ذهن تي تري آيون. رڪارڊ جي ڳالهه آهي 1992ع_ 1991ع ۾ هيرالڊ ۾ ئي ڇپيو هيو ته سعودي عرب جي سفارت خاني مان هڪ گاڏي مرسڊيز چوري ٿي جا سنڌ پوليس جي هڪ اهم عهديدار انوقت جي سنڌ داخله واري صلاحڪار کي تحفي ۾ پيش ڪئي. ٻنهي ڌرين کي خبر هئي ته اها سفارت خاني جي چوري ٿيل گاڏي آهي. هڪ دوست پشاور ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ان ٻڌايو ته هتي اسان وٽ توڙي اسلام آباد تائين هر وڏي ماڻهو وٽ ٻه نمبر جي گاڏي آهي. سبحان الله!!
وري هڪ تازو واقعو ياد آيو. آمريڪا جي صدر جارج بش جو پٽ جارج بش جونيئر هن وقت ٽيڪساس رياست جو گورنر آهي ۽ آئنده صدارت لاءِ به ڪوشش ۾ آهي سندس زال انگلينڊ وئي. موٽ ۾ ڪجهه سامان گڏ هيس جنهن تي آمريڪا ۾ ٽيڪس لڳندو آهي. کيس خبر نه هئي، ڪسٽم وارن روڪي کانئس پڇا ڪئي هن نه رڳو فوري ٽيڪس ادا ڪيو پر معافي به ورتائين.
اسان وٽ …… اسان وٽ ته خير سان اهڙا جوان ساماڻا جو آيل مهمانن کان واچون لهرايو ڇڏين. ڪجهه وقت اڳ ٽيڪس چورن جي لسٽ آئي هئي ڪنهن ڪنهن جو نالو نه هيو … همت ڪونهي نالا وٺڻ جي … ها البته اهو ضرور چئي سگهون ٿا ته اڌ – اڌ مني مني ڪروڙ جي گاڏين ۾ چڙهندڙن ۽ هن بدنصيب ملڪ جي تقدير جي مالڪن جن ٽيڪس ادا ڪيو هيو سو به 17 گريڊ واري ننڍڙي ڪاموري جيترو، انهن جي تعداد به ٻه چار درجنن کان مٿي ڪونه هئي. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي وڏن وزيرن ۽ وزيرن اعليٰ مان شايد ئي ڪنهن جو نالو ٽيڪس ادا ڪندڙن ۾ هجي. وڏي ڀاءُ جو نالو نٿا کڻون متان ملڪ جي سالميت نه خطري ۾ پئجي وڃي. انهيءَ جو علاج پڇو ٿا؟ اڃا سوڌو ته جنهن ڏسيو آهي ان کي مصلوب ڪيو ويو آهي.
(عوامي آواز، 28 آڪٽوبر 1999ع)