آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
سفرناما
نيل نديءَ ڪناري
- 5.0/5.0
- 1877
- 703
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نِيل نديءَ ڪناري“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جو مصر بابت لکيل سفرنامو آهي.آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
هي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم نديم احمد سولنگي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون آفتاب ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ آفتاب ميمڻ
- ڇپيو ويو 2011
- ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 28/Nov/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 703 ڀيرا