سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ۽ سندس ادبي سفر : الطاف شيخ

هاڻ ڪو سال ٻه ٿيندا جو آفتاب سان اسان جي جهيڙي ۾ ٺاپُر آئي آهي، نه ته آفتاب خاص ڪري منهنجي لاءِ، جهڙو کَريل ٻار هو. ڪٿي به موقعو مليو ٿي ته، مون ساڻس پنهنجي ناخوشيءَ جو اظهار ڪيو ٿي. پيٽارو جا دوست جڏهن ان جو سبب پڇندا آهن ته، کين چوندو آهيان ته: ”بابا هن ڏيپلائي ميمڻ جو نه رڳو ادبي فيملي سان واسطو آهي، پر پاڻ به اديب ماڻهو آهي. ڏاڍو سٺو پئي لکيائين. خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي ويس جو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو اٿس. هاڻ ڊپٽي ڪمشنر يا فلاڻي يا فلاڻي ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري پيو ٿئي ته ان مان اسان کي ڪهڙو فائدو؟ اسان کي ته خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن صبح جو اخبار کوليون ته هن جو لکيل ڪالم نظر اچي يا هڪ ڏينهن سندس ڪتاب اسان جي بيڊ سائيڊ تي هجي.“
هڪ ڏينهن اسلام آباد ويندي آفتاب سان ايئرپورٽ تي ملاقات ٿي وئي.
”آفتاب ڳالهه ٻڌ،“ چيومانس، ”ٺيڪ آهي تون Busy آهين پر ههڙن هنڌن تي توکي ڪلاڪ ٻه مليو وڃن. اهڙو سفر دوران هوائي جهاز ۾ به ڪلاڪ ڏيڍ مليو وڃي، تون چاهين ته اُن وقت کي استعمال ڪري ڪجهه نه ڪجهه لکي سگهين ٿو. ان کان علاوه آفيس ۾ ايندي ويندي توکي ايترو ٽائيم ضرور مليو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪو ڪالم يا مضمون نه ته ان لاءِ ڪجهه Points لکي سگهين.“
هڪ ڳالهه جيڪا آفتاب جي ڪريڊٽ واري خاني ۾ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته، هن کي ڪيترو به کڻي چئو، هو هر صورت ۾ مرڪندو نظر ايندو يا هٿ ٻڌي ”ادا، ڀائو، حاضر سائين، اکين تي، توهان وڏا آهيو، جيڪو حڪم ڪندا ....“ جي تسبي پڙهندو رهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪندو اُها ئي جيڪا پاڻ پسند ڪندو. بقول سندس هڪ جيڏي ۽ ڪليگ فضل قلباڻيءَ جي، ”آفتاب اَرڏو آفيسر آهي.“
آفتاب اسان کان ڏهه سال کن ننڍو آهي پر پيٽارين جي حيثيت سان هو ڄڻ ته اسان جي هڪ ئي فيملي جو ميمبر آهي. 1992ع ۾ اسان جي پيٽارين ائسوسيئيشن ۾ ڪافي ڏڦير پيدا ٿي پيو. نئين صدر جي چونڊ ٿي. آفتاب کي پنهنجا به ۽ ٻين جا به ووٽ وٺرائي ڏناسين. هو وڏيءَ اڪثريت سان کٽي ويو. ويجهن دوستن چيو: ”ڪمال آهي. هوڏانهن توهان چئو ٿا ته آفتاب وڏو ڦڏي باز آهي ۽ هيڏانهن توهان هن کي پنهنجو وڏڙو چونڊيو آهي.“
سڀني وراڻيو: ”انهيءَ ڪري ئي ته کيس صدر بڻايو اٿئون جيڪو پيٽارين ائسوسيئيشن جي ٽن هزار دماغ ڦِريل ميمبرن کي مُنهن ڏئي سگهي ۽ هنن وَڻ وَڻ جي ڦڏين ڪاٺين کي سڌو ڪري.“
۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته آفتاب جيڪو اڄ ڏينهن تائين پيٽارين ائسوسيئيشن جو ننڍيءَ عمر وارو صدر بڻيو، ائسوسيئيشن جي ڪمن ۽ مسئلن کي وڏي دليريءَ ۽ عقلمنديءَ سان منهن ڏنو. ڪنهن چيو ته اهڙيون ”قابليتون“ نه فقط آفتاب ۾ پر DMG (ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ) جي هر آفيسر ۾ ٿين ٿيون. پر منهنجي خيال ۾ آفتاب ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي آهن. هُن کي خبر آهي ته ڪنهن سان ڪيئن هلجي. ڪنهن کي هٿ جوڙ ڪجي ۽ ڪنهن کي لنوائي وڃجي. هو گارگند ڪندي به ويرم نه ڪندو آهي ۽ وڏي اسٽائيل سان جهڙي تهڙي کي داٻي هيٺ آڻي وٺندو آهي. بهرحال آفتاب بوتل وارو جِن به ناهي. هو به هڪ انسان آهي. ڪٿي ڪٿي کائنس غلطي به ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ان جي سَيکت به وڏيءَ دل سان مُرڪندي ڀوڳيندو آهي.
آفتاب انهن ماڻهن مان آهي جيڪي تمام گهڻو مطالعو ڪن ٿا. هڪ اهو به سبب آهي جو منهنجي هميشه اها خواهش رهي ٿي ته آفتاب ڪو ڪتاب ضرور لکي جو هن جهڙو ماڻهو جنهن جو زبردست مطالعو آهي ۽ جنهن جي دوستي ۽ ڏيٺ ويٺ سوسائٽيءَ جي هر قسم جي ماڻهوءَ سان آهي، اهو پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربي جي بنياد تي پنهنجين لکڻين ۾ اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي ٿو.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن ”عوامي آواز“ ۾ سندس دلچسپ ڪالم پڙهي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس يڪدم فون ڪري چيم: ”آفتاب اهو ڪم اتي ئي ختم نه ٿيڻ کپي. ان کي هاڻ جاري رکجانءِ.“
آفتاب لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته هو اسان جي پيٽارو جي اولڊ بوائز ائسوسيئيشن Petarians جو فقط هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا صدر بڻيو. هڪ سال 1993 ۽ 1994 ۾ ٻيو ٽرم 2003ع ۽ 2004ع ۾ ڪيائين. هڪ ٻي ڳالهه جيڪا آفتاب جي ڪيترن دوستن کي خبر نه هجي ته آفتاب 12 سالن جو هو ته هن اخبار ’خادم وطن‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ جيئن اهو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو ته هُو اتي جي مئگزين جو ايڊيٽر ٿيو. 1972ع کان 1974ع تائين هن پنهنجي دور جي انقلابي ساٿين ارشاد نبي عباسي، سهيل سانگي ۽ نذير عباسي شهيد سان گڏجي پهريائين ”شاگرد“ ۽ پوءِ ”پرهه ڦٽي“ رسالو به ڪڍيو. ان کان علاوه هن ڪتابن ڇپڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو. پر ڄام ساقيءَ جي هڪ ناول ڇپڻ تي سرڪار جي حڪم تي سندس ٻيئي رسالا بند ڪيا ويا.
بهرحال آفتاب هڪ دفعو وري زور شور سان لکڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جو ثبوت سندس هيءُ ڪتاب ”نِيل نَديءَ ڪناري“ منهنجي ۽ توهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو هڪ سفرنامو آهي. آفتاب جو هيءُ ڪو پهريون ڪتاب ناهي. گذريل سال سندس ”هر پل صليب تي“ ڪتاب ڇپيو. 216 صفحن جو اهو ڪتاب سندس ڪالمن جو مجموعو آهي. جيڪو هن سنڌي اخبارن: عوامي آواز ۽ سوڀ لاءِ لکيا. آفتاب جي سفرنامي جو هيءُ ڪتاب مصر بابت آهي پر ان سان گڏوگڏ آفتاب Flashback ۾ اسان کي سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به وٺي هلي ٿو. مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. هو جتي هيڪاندو سنجيدو ٿيو وڃي، اتي چرچا، ڀوڳ به ڪري ٿو. شاهه ۽ شيخ اياز کي به ياد ڪري ٿو. هيءُ سفرنامي کان وڌيڪ سماجي ۽ معاشرتي تاريخ ۾ هنيل جهاتي آهي.
آفتاب نوڪريءَ دوران نه فقط مصر پر دنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ ڏٺا آهن. منهنجو کيس اهوئي عرض آهي ته هو انهن ملڪن بابت به پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا قلمبند ڪري. سندس لکڻي پنهنجي اسٽائيل جي آهي، سندس ڳالهه ۾ چاشني آهي. ڪٿي ڪٿي ته ائين لڳي ٿو ته هو لکڻ بدران ڳالهائي رهيو هجي. جيڪي آفتاب سان مليا آهن، اهي محسوس ڪري سگهن ٿا ته هن کي زباني ڳالهه ٻڌائڻ جو به طريقو اچي ٿو. پوءِ اها ڳالهه کڻي معمولي هجي پر سندس واتان ٻڌڻ ۾ دلچسپ لڳي ٿي. خاص ڪري سندس داداگيريءَ جي ڪارنامن جون ڳالهيون ـ آخر ته هو هڪ ڦڏي باز ماڻهو ۽ ارڏو ڪامورو سڏيو وڃي ٿو. پر جيڪي آفتاب جي تمام گهڻو ويجهو رهيا هوندا انهن کي اها به ڄاڻ هوندي ته آفتاب جي ظاهري ارڏاين ۽ دڙڪن دَهمانن پٺيان هڪ نرم دل انسان جي هستي به آهي. سندس اوٽ ۾ هڪ Caring ۽ پيارو انسان به آهي جيڪو ڏکويل انسان ذات جو همدرد آهي جنهن کي مون ڪيترا دفعا ٻين جي مجبورين ۽ غمن تي ڳوڙها ڳاڙيندي به ڏٺو آهي. باوجود هيڏانهن هوڏانهن جي ڪوتاهين جي آفتاب هڪ بهادر ۽ بي ڊپو انسان آهي. هڪ سچار ليکڪ ۽ قدر دان آهي. بقول ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي آفتاب پنهنجي جنهن سماج ۾ رهي ٿو، تنهن جي نه رڳو هُو سچي پچي تصوير چٽي ٿو پر ان جي جائز اصلاح به چاهي ٿو. مظلوم توڙي ڏتڙيل عوام جي دردن جو درمان به بڻجي ٿو ته سندس اُمنگن جي آرسي بڻجي انقلابي خوابن جي ترجماني به ڪري ٿو.
آفتاب کي مشاهدي ۽ تاريخ جي ڳوڙهي ڄاڻ آهي. هو بنيادي طرح هڪ ليکڪ آهي . مون کي پڪ آهي ته هو هن ڪتاب بعد اسان کي ٻيا به ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو.


الطاف شيخ
ڪراچي
30 مارچ 2011