سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

نيل نديءَ ڪناري

ڪي پُراڻا ڪاغذ ڳوليندي هڪ فائيل جو کوليم ته منجهانئس ڪي فوٽو ۽ پوسٽ ڪارڊ کسڪي پٽ تي ڪري پيا. کڻي جو ڏٺم ته ايمان احمد الرزاق جو فوٽو ۽ سندس موڪليل ڪارڊ هيا. هيڪر ته واپس ٿي رکيم پر ڪنهن اڻڄاتي جذبي جي لاشعوري قوت جي تحرڪ هڪ نظر وري سندس من موهڻيءَ شڪل ڏسڻ لاءِ اُتساهيو. ها.....!! چهرو ئي ته آهي..... شڪل ئي ته آهي..... نه ته ڪرسٽوفر مارلو جي ڊاڪٽر فاسٽس جو ڪردار فاسٽس (جيڪا ڪهاڻي اڳيان هلي گوئٽي جي لازوال ۽ لافاني ڪردار Faust ۾ سموئي) جڏهن پنهنجي روح کي شيطان جي حوالي ڪري ٿو (ته موٽ ۾ هو سندس هر خواهش پوري ڪندو) ڇو ابليس جي نمائندي کي چوي ته مون کي ٽِراءِ جي هيلن سان ملائي.... هيلن (Helen) مجسمه ء وجود ٿي مون وٽ اچي..... ڇا ايڏي سهڻي آهي؟ ۽ جڏهن هيلن آف ٽِراءِ سندس سامهون اچي ٿي ته چوي ٿو:
“Was this the face that launched a thousand ships?”
(ڇا هي ئي اِهو تابناڪ چِهرو آهي جنهن جي ڪري هزارين جنگي جهاز لڙي آيا.)
ها! هيلن جي ڪري ئي ٽراءِ جي جنگ ٿي، جنهن ۾ فاني انسانن سان گڏ لافاني ديوتائن به پاڻ ملهايو. ٽراءِ جي جنگ ئي دنيا ۽ ادب جي لازوال رزميه داستانن ”اليڊ“ (يا اِل يڊ پڙهجي ته وڌيڪ موزُون آهي.) ۽ ”اوڊيسي“ کي جنم ڏنو. جنهن هومر کي عظيم ترين شاعر جو مرتبو ڏنو.
وري چيائين:
“Here will I dwell, for heaven is in these lips”
۽ وري چوي ٿو ته:
“Hellen! Make me immortal with thy sweet kiss”
(مون کي اتي ئي رهڻ ڏي. واس ڪرڻ ڏي. جو تنهنجي چَپن جي مڌرتا ۾ ئي جنت آهي! هيلن پنهنجي پيار ڀري چميءَ سان مون کي لافاني ڪري ڇڏ.)
ايمان جو چَهرو ڏسندو رهيس. يادن جو واچُوڙو ذهن کي نِسَتو ڪندو رهيو. وقت جو ڦيٿو ڦرڻ لڳو..... Forward..... backward اڳيان... پويان 5 نومبر 2000 لکيل هيو.ِ 05 نومبر 2006 تي هن آخري خط موڪليو هيو ته سندس شادي ٿي رهي آهي. سندس مڱيندو انجنيئر آهي. هن چيو ته هاڻي هوءَ خط لکي نه سگهندي. وري فوٽو کي اٿلائي ڏٺم.
پويان 5 نومبر 2000 لکيل هيو. نيل نديءَ ڪناري قاهره شهر ۾ هڪ بينچ تي ويٺل منهنجو ۽ ايمان جو فوٽو. پويان لکيل هيو:
”مان خوش آهيان جو تو جهڙو پيارو دوست مليو.
پيار مان.... ايمان.“
ساروڻيون، ڦُڙا ڦُڙا ٿي مُندائتي مينهنَ جيان وَسڻ لڳيون.
منهنجو قاهره ۾ آخري ڏينهن هيو. اڌ رات جو دبئيءَ لاءِ جهاز هيو، جتي ٽن ڏينهن لاءِ ٽرانزٽ ويزا وٺي رهڻ جي ڪئي هئم، ته جيئن ڪراچي موٽڻ کان اڳ قاهره جي حسين يادگيرين کي ميساري سگهان.
متان ايمان جي حسِين قُرَبَ جي چُغلي منهنجي رونءَ رونءَ مان ڦٿڪندي عالم آشڪار نه ٿئي. ڀريل جهولي به ته ڪنهن کي ڪانه وڻي. خالي هَٿَ، خالي جهولي ۽ بي رونق چهرو به شايد ڏسندڙن کي سُڪون ڏيندو آهي. پنهنجي تنگ دامنيءَ ۽ ڏيوالپڻي جي احساس کي شايد گهٽ ڪندو آهي. نيل نديءَ ڪناري هڪ بينچ تي ويٺي ڪون آئسڪريم کائيندي هن عجيب لهجي ۾ چيو:
”رات جو وڃين پيو؟“
”ها“ ڪنڌ هيٺ ڪندي وراڻيو مانس.
ڪجهه دير ته ڪنهن به نه ڳالهايو.
”ٻُڌ! هُو سامهون جو ڇوڪرا بيٺا آهن، انهن مان ڪنهن کي چوان ته اسان جو فوٽو ڪڍي.تون مون کي ڏاڍو ياد ايندين.“ چيائين.
”ڀلي (ok)“ جواب ڏنومانس.
”صرف، ڀلي..... ok, ..... just“
تمام جهانن جي اُداسي سندس لهجي ۾ لهي آئي.
اندر ۾ ڄڻ ڪيئي وَڍَ پيا.
ڏانهس نهاريم.
ڏسندو ئي رهجي ويس.
هن جون نيليون اکيون جي هر وقت پيون چمڪنديون هيون، ڄڻ ڪهڪشائن جي اٿاهه نيلگون سمونڊ ۾ چمڪندڙ ٽمڪندڙ تارا هجن. ايئن چوندي ڪيڏيون نه اداس ۽ بي جَوت ٿي لڳيون. ڄڻ منجهانئن زندگي نپوڙي ويئي هجي.
”اي مالڪ! هي مشعل مشعل ٻَرندڙ اکڙيون! هي حياتي سان ڀرپور اکڙيون! هي هردم کِلندڙ اکڙيون سدا روشن رکجانءَ.“ دل ئي دل ۾ رب کي ٻاڏايم.
ٽهڪ ڏيندي چيم ته: ”چري منهنجو اِهو مطلب نه هيو.“
سندس چپ ڀُڻڪيا. اکين ۾ آيل نميءَ کي هٿ جي تري سان صاف ڪرڻ جي ٿي ڪيائين ته مون سندس هٿ جهلي پنهنجا اُڃايَل چپ سندس اکين تي رکندي سُرِڙاٽ ڪيو:
”تون ته هر دم منهنجي دل ۾ آهين. منهنجي نَسَ نَسَ، منهنجي ساهه ۾ آهين. مون کان ته تنهنجي لمحن لاءِ وڃي ڪنهن کي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چوڻ به جدائي جو عذاب ٿو لڳي. تنهنجي تصوير کان وڌيڪ تازو ته هردم تنهنجو تصور آهي.“
هن جي چهري تي مُرڪَ موٽي آئي.
منهنجي پاسيريءَ ۾ ٺونٺ هڻندي، منهنجو هٿ پنهنجي ياقوتي چپن سان ڇُهندي ٽهڪ ڏنائين.
”ڳالهيون ٺاهڻ ته ڪير توکان سکي. پر مون کي تنهنجي انهيءَ ڪوڙ سان به پيار آهي.“
”چڱو هل ڙي گامون سچار! وڃي ڪنهن کي سڏ ڪري اچ .آئون چوندم ته ڪير لفٽ ڪونه ڪرائيندو. تون اشارو ڪندينءَ تي هيءَ ٽيئي ڄڻا نيل نديءَ ۾ ٽپو پهريائين ڏيندا، سوچيندا پوءِ ته کين ترڻ ته اچي ئي ڪونه ٿو.“ ٽهڪ ڏيندي چيومانس.
خيال آيم ته جي پڇيائين ته هيءُ ’گامون سچار‘ ڪير آهي ته کيس ڪيئن ٻڌائيندس ته اسان ڪُوڙن جي ديس ۾ هڪ سچ ڳالهائيندڙ هيو! جنهن کي اسان ”چريو“ چوندا آهيون. موقعو نه مهل ويٺو سچ ڳالهائي. اڃان گامونءَ واري دور ۾ نور عباسي ڪو نه هيو، نه ته نور عباسيءَ جو ”واٽ ويندي“ پڙهڻ کان پوءِ گامونءَ کي خبر پوي ها ته جڏهن واٽ ويندي ٻانڀڻ سان ”ڪجهه“ ٿي سگهي ٿو ته سچ ڳالهائڻ تي اسان کيس صرف ”چريو“ چئي مٿس وڏي مهرباني ڪئي آهي.
ڪيميرا کڻي هوءَ اٿي. ڊيل جيان هلندي وڃي عربيءَ ۾ هڪ ڇوڪري کي ڪجهه چوڻ لڳي.
نوجوان خوشي خوشي آيو.
ايمان موٽي اچي مون سان بينچ تي ويٺي. ايئن جو، سندس بنا ٻانهن واري شرٽ مان نڪتل ٻانهون منهنجي ڳَلي جو هار بڻائي، ڳل ڳل سان لڳائي ڪيميرا واري کي Yes ڪيائين ۽ ايئن اسان جو اهو يادگار فوٽو نڪتو، جو چار سال مون ڪنهن فائيل ۾ خطن ۽ ڪاغذن ۾ رکي هڪ ڪنڊ ۾ ڪري ڇڏيو هو.
ڪهڙي مُنهن سان ڏسان ها سندس فوٽو! هن ڪيئي ڪارڊ موڪليا. خط لکيا. اچڻ جي ڪيائين. مون کيس هتي جي خراب حالتن جو بهانو ڪري اچڻ کان منع ڪئي.
ڪيئن ٻڌايانس ته، سندس قرب ته خواب ناڪ هيو.
پر هتي به ڪا آهي، جا مون لاءِ ويٺي آهي. هرجائي آهيان يا ڀوئنرو آهيان، جو آهيان سو آهيان. رشتن ۽ ناتن جي حدن ۽ سُٻَنڌَن جو تعين شايد پنهنجو پنهنجو آهي.
فوٽو ڪڍرائڻ کان پوءِ هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿي نظر آئي.
نيل نديءَ ڪناري لڳل بينچ تي ويٺا هئاسين. ويٺي ڳالهيون ڪيوسين. لهندڙ سج جي لالي نيل ندي ۾ وهنجڻ لڳي. لهندڙ سج هونئن به مون کي اداس ڪندو آهي.
سانجهيءَ ۾ هڪ عجيب سانت آهي.... اداس ڪندڙ.... ڄڻ روشني ئي ڪونه ٿي وڃي جيون جوتِ به پويان پساهه پئي کڻي. اُمنگون، جوش، ولولو ۽ زندگي جي رات جي تاريڪيءَ ۾ جنم وٺن ها ته وان گوگ ٽاڪ منجهند جو شهره آفاق تصويرن جي تخليق نه ڪري سگهي ها.
فوٽ پاٿ تي ايزل رکي جڏهن سج اچي سوا نيزي تي بيهندو هيو ته وان گوگ جي اندر جي آنڌ مانڌ سندس برش ۽ رنگن مان ترورا ڏيندي نروار ٿيندي هئي. تکا تکا تيز ۽ بي چين ڪندڙ رنگن جي ورکا روشن ڏينهن جيئن مصور جي اندر جو ڏيکارو ڏيندي هئي.
بي چين ٿي اٿيس.
”ڪيڏانهن؟“ ايمان پڇيو.
”هل ته نيل نديءَ ڪناري پسار ڪريون. (let us take a walk) “
هوءَ اٿي. جاگرز (Joggers) پاتل هيا.
هلندا رهياسين. خاموش. هن ماٺ ٽوڙي:
”ٻڌ! آئون عرب آهيان پر مون کي نيل نديءَ جي جاگرافي کان سواءِ ڪا خبر نه آهي. جڏهن اسان جو گروپ نيل جي رات واري ڪروز لاءِ اُسريو پئي ته تو نيل نديءَ تي ايئن پئي ڳالهايو، ڄڻ تو سالن کان علمِ مصر تي تحقيق ڪئي هجي. مون کي ڏاڍو وڻين پيو؛ وري ٻڌاءِ نه!“
ڪنڌ ورائي کيس ڏٺم. ڇا ٻڌايانس. مصر ۽ نيل نديءَ جون ڪٿائون ايڏيون ته هوش ربا آهن جو جڏهن ورجائيندو آهيان ته لڳندو اٿم ته پاڻ به هڪ ڪردار آهيان... هزارين ميل پکڙيل ويران ريگستان... جتي مينهوڳيءَ کان وانجها واري جا دڙا ڪنهن نيل نديءَ جي سيرابيءَ جي انتظار ۾ صدين کان اڃايل....
نيل ندي صرف ندي نه آهي، انساني تاريخ ۽ تمدن جي اوسَرَ جو اهڃاڻ آهي. جيئن ’ويدن‘، گنگا، جمنا ۽ نربدا کي ماءُ جو درجو ڏنو. سپت سنڌو کي مهان ڄاڻايو. رومين درياءَ ٽائبرَ کي پيءُ ڄاڻايو. جرمنز رائين درياءَ کي ماءُ ڄاتَو. تيئن قديم مصرين نيل کي ديوتا جو درجو ڏنو.
ڇا ٻڌايانس، اوسيرس ديوتا جو سزا ۽ جزا جو مالڪ آهي ۽ جنهن جي خدائي ۾ سندس زال آئيسس (Isis) به ڀاڱي ڀائيوار آهي. سندس پٽ هورس (Horus) سج ديوتا آهي، تنهن اوسيرس کي پيدائش ۽ زرخيزي جي علامت سمجهيو ويندو هيو. اوسيرس نيل جي لاهه ۽ چاڙهه تي قدرت رکي ٿو. طاقت جو منبع آهي. سزا ۽ جزا تي اختيار رکي ٿو. تڏهين ته جڏهين نيل درياءَ ۾ چاڙهه اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته اوسيرس کي يعني نيل درياءَ کي ڪنواريءَ جي ڀيٽا ڏيندا هئا.
جتي سرزمين هند Matriarchal سوسائٽي هئي، يعني عورت جو درجو اُتم هيو اتي رُومي ۽ يوناني وري Patriarchal سوسائٽي جي رجحان جي عڪاسي ڪن ٿا. ته نيل ندي جي وادي وري هڪ نئين روش جي عڪاسي ڪري ٿي. عورت ۽ مرد ڀاڱي ڀائيوار قرار ڏنا ويا. سندس پٽ (هورس) به سج ديوتا جو مظهر. يعني پنهنجي هم عصر توڙي ڪجهه پوءِ ايندڙ سماجي لاڙن کان وڌيڪ ترقي يافته معاشري جو هڪ نمونو هيو.
عورت ۽ مرد جي شراڪت سان حڪومت جو واضح ترين مثال ته مصر جي فرعونن جو آخري خاندان هيو. يوناني نسل پٽولمي خاندان جنهن کي بطليموسي خاندان ڪري سڏيو ويندو آهي تنهن جا سورهن بادشاهه ٿيا. هر هڪ فرعون به سڏايو ته پنهنجي راڻيءَ سان گڏجي حڪومت ڪيائين. ڪٿي راڻي حڪومت ڪئي ۽ شادي ڪري بادشاهه کي شريڪ ڪيائين ته ڪٿي بادشاهه کي راڻيءَ سان شادي ڪرڻي پئي جو بادشاهت لاءِ ضروري هيو ته راڻيءَ سان شادي ڪري کيس شريڪ حڪومت ڪري. درياءَ بادشاهه به ته آئيسس کان سواءِ نامڪمل هيو.
پر سڀ کان مزيدار ڳالهه (شايد گهڻن کي اڻ وڻندڙ لڳي) اها هئي ته هر راڻي ۽ هر پٽولمي بادشاهه پنهنجي ڀيڻ يا ڀاءُ سان شادي ڪئي. جڳ مشهور قلوپيٽرا انهيءَ پٽولمي يا بطليموسي خاندان جي چوڏهين حڪمران هئي. پنهنجي حڪومت قائم رکڻ لاءِ قلوپيٽرا پنهنجي هڪ نه پر ٻن ڀائرن سان واري واري سان شادي ڪئي. بطليموسي خاندان ۾ هڪ قلوپيٽرا ڪانه هئي. مشهور زمانه قلوپيٽرا جو اصل نالو راڻي فلوپيٽرا هيو، جا قلوپيٽرا ڇهين جي نالي سان مصر جي واڳ ڌڻي ٿي ۽ پنهنجي ڀائرن بطليموسي چوڏهين ۽ بطليموسي پندرهين سان هڪ ٻئي پٺيان شادي ڪئي. هڪڙي کي خير سان مارائي وري ٻئي سان شادي ڪيائين. روم جي مشهور جوليس سيزر کي روم جي سينيٽ موڪليو هيو ملڪ فتح ڪرڻ پر فاتحن جو فاتح قلوپيٽرا جي زلفن جو اَسير ٿي جنگي جهازن جي ڪمان داري وساري سازو آواز ۽ زلفن جي پيچ وخم ۾ وڪوڙجي ويو. سندس ناجائز تعلق ۽ عشق جي هڪ نشاني پُٽَ جي صورت ۾ ٿي جو صرف چوڏهن سال جيئرو رهيو. تان جو قلوپيٽرا جي ٻي عاشق مارڪ انٽوني جي سالي مصر تي حملو ڪندي کيس ماري ڇڏيو ۽ قلوپيٽرا پاڻ کي نانگن کان ڏنگائي پنهنجو انت آندو. هڪ طرف شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ۾ جوليس سيزر، مارڪ انٽوني، سلطنت روم جي ڪيترن ئي ٻين ڪردارن ۽ قلوپيٽرا کي زنده جاويد ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي نيل ندي جون ڇوليون جوليس سيزر ۽ قلوپيٽرا ۽ وري چئن سالن بعد مارڪ انٽوني ۽ قلوپيٽرا جي شاهي ٻيڙن جي سَجيل رنگ و طرب جي محفلن جي گواهي ڏين ٿيون.
قديم مصري تهذيب جي ان وقت جي مرد ۽ عورت جي شراڪت جي سماجي پهلو جو هڪ دلچسپ اهڃاڻ اها شاهي مُنڊي ۽ مهر به هئي جا قلوپيٽرا هر وقت پائيندي هئي. مُنڊي علامت هئي سرسبز ۽ شاداب رهڻ جي. ڀرپور زندگي جي. جيون جي. زرخيزي جي. ”مادر شڪمي جي.“ مرد ۽ عورت جي تعلق جي انهيءَ علامت ۽ نشان کي Ankh (انگ) ڪري سڏيو ويندو آهي. علامت ۾ مرد جي مخصوص عضوي ۽ عورت جي عضوي جي ميلاپ کي ڏيکاريو ويو آهي. ڪيترن ئي قديم قبيلن ۾ ”انگ“ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. چون ٿا ته اڄ به آفريقا جي ڪن قبيلن ۾ اها پوڄا جاري آهي. لنگ ديوتا جي شڪل ۽ ”انگ“ ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.
پر اهي ڳالهيون ته کيس ڪالهه به ٻڌائي چڪو آهيان، صرف انهي وڌاءَ سان ته تون نيل ندي جيان منهنجي روح کي سيراب ڪر.