نيلَ ڪُنوار
”بليڪ ڊاگ - ڊبل - آن راڪز.“ مون آرڊر ڏنو.
”برف؟“ ويٽر پڇيو.
”ٽاپ اِٽ (ڀري ڇڏ).“ چيومانس.
ويٽر جهٽ ۾ منهنجو گلاس ٺاهي کڻي آيو. مون ننڍيون ننڍيون چُسڪيون ٺاهي پيئڻ شروع ڪيو. مون کي شراب جي طلب ته شايد ڪانه هئي، پر حُسن جي هِن ديويءَ جي جسم جي مَهِڪَ مون کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو هيو.
واپس پنهنجي دنيا ۾ ورڻ چاهيم پئي.
رات جي هِن پَهرَ وڏين هوٽلن ۾ اڪيليون عورتون ۽ ڇوڪريون به ساٿيءَ جي تلاش ۾ ڦرنديون آهن. جتي ڊسڪو هوندو آهي، اُتي گهڻو ڪري جوڙي لاءِ يا اڪيلي مرد لاءِ ته في هوندي آهي، پر اڪيلي عورت لاءِ ڪا فيءَ نه هوندي آهي. ڪجهه عورتون ليپاپوچي ڪري لاؤنج جي ڪنهن حصي ۾ ويٺيون به هيون. هڪ ٻه منهنجي ڀرسان به لنگهيون ته متان هيءُ به شڪاري هجي، پر کين ڪهڙي خبر ته هيءُ پاڻ ويچارو شڪار ٿيل آهي. مومل جي مجازي اکين جي اَنبُورَن جو. جو پاڻ ئي ڪُٺَل هوندو سو ڪنهن ڏي ڇا نهاريندو. هتي ته هوش حواس ۽ لذت جو ڪو دخل ئي نه هيو. هڪڙي قداور، سڊول جسم ۽ ڦوهه جوانيءَ جي حسين شاهڪار اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. مون کي مراڪشي لڳي. مون ڏي پنهنجين وڏين ڪارين اکين سان نهاريندي ۽ مُسڪرائيندي پڇيائين:
”اڪيلو آهين؟ ڇا آئون توسان گڏ ويهي سگهان ٿي؟“
”مون کي معاف ڪجانءِ- هڪ حسين عورت کي جواب ڏيندي ڏک ٿو ٿئيم پر آئون تنهنجي ڪم جو نه آهيان.“ مون کي پنهنجو ئي آواز ڄڻ پولار مان پئي آيو.
”پر ويهي ته سگهان ٿي. جي ڪمري ۾ نٿو وٺي وڃڻ چاهين ته ڊسڪو ۾ تنهنجي ساٿي ٿي سگهان ٿي. ڪا فيءَ ڪانه وٺندم.“ مراڪشي حسينه مُشڪندي پنهنجي پيشانيءَ تي آيل آواره وارن کي جهٽڪيندي چيو.
”ٻڌ!“
ائين چئي آئون اُٿي بيٺس ۽ سندس هٿ جهليندي سندس اکين ۾ ڏسندي چيم:
”تنهنجو ويهڻ مون کي وڌيڪ اُداس ڪندو. آئون هِن ويلَ جنهن ڪيفيت ۾ آهيان، تون ڪونه سمجهندئين. مهرباني ڪري مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي.“
کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ سو ڊالر جو نوٽ ڪڍي سندس هٿ جي تريءَ تي رکندي سندس مُٺ بند ڪندي کيس التجا ڪيم:
”هيءَ تنهنجي مهربانيءَ جي فيس يا منهنجي طرفان تحفو. جو به سمجهين. پرپليز! وڃ!!“
”منهنجو نالو سعديه آهي. مراڪشي آهيان. هيءُ منهنجو ڪارڊ ته رکي وٺ. انهيءَ تي منهنجا نمبر لکيل آهن. منهنجو هتي فليٽ آهي پاسي ۾. مون کي هِنن سو ڊالرن جي ضرورت ڪانهي پر تنهنجو تحفو سمجهي رکان ٿي. هينئر تون ڏُکي ٿو لڳين. جڏهين به فون ڪندين ته آئون اچي وينديس. وڻيو آهيون اجنبي!“ سعديه اُداس مسڪراهٽ ڏيندي چيو ۽ ڊيل جي چال هلندي ڊسڪو ڏي هلي ويئي.
آئون ويهي رهيس ۽ بليڪ ڊاگ جون هلڪيون هلڪيون چُسڪيون هڻڻ لڳس. نه ڄاڻ ڪيڏيءَ مهل اکيون بند ڪري جهونگارڻ لڳم:
اک جلے دیپک، اک مَنِ مورا
پھر بھی نہ جائے مورے من کا اندھیرا....
هن گاني ۾ الاهي ڪهڙو درد آهي. جڏهين ياد ايندو اٿم ته اکين مان ڳوڙهن جو آبشار وهڻ لڳندو آهي. آواز ته جهَڪو ئي رکيم، پر اکين ۽ دل تي قابو ڪونه رهيو. اوچتو ئي پنهنجي هٿ تي هڪ نرم و نازڪ هٿ محسوس ڪيم.
حواسن ڄاتل خوشبوءَ جي واس کي سڃاتو. هي ڇا.....؟
منهنجي ڀر واريءَ ڪرسيءَ تي ايمان الائي ڪيڏيءَ مهل اچي ويٺي هئي ۽ منهنجي بند اکين مان وهندڙ لُڙڪ ڏسي، کانئس قابو نه ٿيو. منهنجي هٿ تي هٿ رکي پنهنجي هئڻ جو يقين ڏياريائين.
مون اکيون کوليون.
ايمان منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي پنهنجي ياقوتي چپن سان لاتو. ور ور ڏيئي چُمندي ويئي ۽ چوندي ويئي: ”احمد .... احمد .... پليز .... نه ڪر، ڇو ڏُکي ٿيو آهين؟ آئون ته ڏاڍي خوش آهيان جو تو جهڙو دوست مليو آهي. تون ڇو اُداس آهين.“
”شاڪيهءِ منيءَ ..... يار ...... شاڪيهءِ منيءَ“ ڀُڻڪيم.
”ڇا مطلب؟“ هُن پڇيو.
”دُکم.... سروم دُکم....“ ڄڻ پاتال مان پئي ٻوليس.
هُن مون ڏي سواليه نظرن سان ڏٺو. سندس اکين ۾ ڪيئي سوال نظر آيم.
”ڇڏ يار! هي منهنجي مٿي جو خلل آهي. آئون ورهين کان گوتم ٻُڌ جي انهيءَ فلسفي ۾ ڦاٿل آهيان ته جو آهي سو ڏک آهي..... ڇڏينس....“ چيومانس.
ايمان جي اچڻ مون کي ڄڻ زندگيءَ ڏي واپس آندو هجي.
”ٻاهر هلون. نيلَ ڪناري پسارَ ڪريون.“ ايمان چيو.
مون شرارت ڀريل نظرن سان هُن ڏي ڏسندي چيو:
”پر هِن وقت ته صرف پيار ڪندڙ جوڙا ئي ڇٻر تي، بئنچ تي ڪنهن ڪنڊ ۾ مصروف هوندا. توسان گڏ هلندي عجيب ٿو لڳي.“
”آئون پنجويهن سالن جي جوان عورت آهيان. مون جنهن معاشري ۾ اک کولي آهي اُتي اِهي ڳالهيون معيوب ڪونه سمجهيون وينديون آهن. ثبوت کپيئه ....!!“ ائين چوندي ئي ايمان پنهنجي اڇي کير جهڙي ٻانهن منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي پاڻ ڏي ويجهو ڪندي پنهنجا ياقوتي لَبَ منهنجن چپن تي رکيا. سندس لبن جي مٺاس ۽ وجود جي خوشبوءَ قوس و قزح جي تمام رنگن کي منهنجي اندر ۾ ڀري ڇڏيو. رنگن ۽ خوشبوءَ جي واس مون کي ڄڻ حواسن کان بيگانو ڪري ڇڏيو.
”بس! هاڻ اُٿي! ڪجهه واڪ ڪريون. پر هيءُ قربت جو اظهار صرف توکي ٻڌائڻ لاءِ هيو ته مون کي توتي اعتبار آهي. وڌيڪ ڪجهه نه سمجهجانءِ.“ ايمان چيو.
”هلو“.
مون ڳيت ڏيئي گلاس خالي ڪيو ۽ ويٽر کي گهرائي بل ادا ڪري ٻاهر نڪتاسين. هوٽل کان نڪرندي ئي پنجن منٽن جي واڪ تي نيل نديءَ جو سرسبز ڪنارو هيو. اسان واڪ ڪرڻ لڳاسين. فرحت بخش ٿڌڙي هوا شراب جي نشي کي مدهوشيءَ جي حالت مان ٿڌڪار ۽ سڪون ۾ آڻي ڇڏيو. يا ته وري ايمان جو ساٿ هيو جو خُمر مان دلڪشي ۽ رنگيني ڏي وٺي ويو. رات جو هڪ ٿيڻ تي هيو. ٽريفڪ جو گوڙ ذري گهٽ گهٽجي وڃي ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن موٽر ڪار جي آواز تي پهتو هيو. چوڦيريءَ لڳل وڏيون بتيون به هاڻ وسامڻ شروع ٿيون هيون. نديءَ ڪناري سبزه زار تي روشنيون هونئن به ڌيميون هيون. اسان هلڻ لڳاسين. ڪجهه دير ته بلڪل سانت هئي. جذبا لفظن جا محتاج نه هوندا آهن ۽ ايمان مون ۾ پنهنجن لبن سان تمام مڌرتا ڀري چُڪي هئي. اُنهيءَ مٺاس جو احساس منهنجي رؤن رؤن ۾ رچيل هيو. نه ڳالهائيندي به سڀ ڪجهه چئي چُڪي هئي.
”ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي!“ ايمان چيو.
”ها! تون آهين تنهنجو واس آهي. هر شيءِ چِٽي ۽ روشن ٿي لڳيم. ڪجهه دير پهرين جا اُداسي ڇانيل هئي. اُها ڄڻ هئي ئي ڪانه.“ مون وراڻيو.
”پر ٿيو ڇا هيو؟ ڪروز تي ڏاڍو خوش پئي لڳين.“ چيائين.
”يار! مون سوچيو به ڪونه هيو ته تون مون کي پسند ڪندينءَ. ايڏو قُرب ڏيندينءَ. خوش ٿيس. پر وري جڏهين پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏي وياسين ته چوڦير مون کي انڌيرو لڳو. لمحن جي خوشيءَ کي آئون دوام ڏيڻ تي قادر ڪونه آهيان. انهيءَ احساس مون کي اندر ۾ وڍَ پئي ڏنا.“ چيم.
”مون سان شادي ڪندين؟“ ايمان هلندي هلندي بيهي رهي ۽ منهنجو هٿ پڪڙي مون ڏي نهارڻ لڳي.
آئون هڪو ٻڪو ٿي ويس. سُڌم ڪونه ته ڇا چوانس. پر پاڻ کي سنڀاليندي چيومانس:
”منهنجي شادي ٿيل آهي. منهنجا ڇهه خوبصورت ٻار به آهن.“ مون کيس حقيقت ٻڌائي.
”تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مون کي انهيءَ حقيقت جو ادراڪ ڪونه هوندو!! يا پنهنجي گهرواريءَ جي پيار، ٻارن جي محبت ۽ ذميواريءَ جي احساس ۽ منهنجي قرب جي طلب جي وچ ۾ ورهايل آهين...... ٻه واٽو؟.....!! ائين نه آهي..... فڪر نه ڪر..... منهنجو پيار لامحدود آهي.... ونڊجڻ سان گهٽبو ڪونه...... شام يا پاڪستان، جتي چوين شادي ڪريون. تون ڀلي پنهنجن ٻارن سان وڃي رهه. تنهنجي قرب جي لمحن کي آئون زندگي ڀر ساهه سان سانڍي رکنديس.... پر، بس، هاڻ هن موضوع تي ڳالهه بند. وري ڪنهن ويل جواب ڏجانءِ. نه ڏنئه، ته به آئون توکي دوش ڪونه ڏينديس. پيار جي تڪميل جسمن جي ميلاپ جي محتاج ڪانهي.“
ايمان ائين چوندي ئي هڪدم ٿڌو ساهه ڀريندي ۽ ڳالهه مٽائيندي چيو:
”توکي ته نيل نديءَ جون ڪيئي ڪٿائون ياد آهن. ڪجهه وري ٻڌاءِ نه.“
مان هيڪر ته جو ڪجهه ايمان چيو، اُن جي گهرائيءَ ۾ گُم هئس. هيءَ ته ڄڻ صدين جو سفر ڪندڙ لازوال روح هيو. اهڙيون ڳالهيون هِن عمر ۾ ڪيئن ڪري سگهي ٿي.
”ڪٿي آهين؟“ سُرَ ۽ تَالَ جو پڙلاءُ ڪَنن تي پيو.
”نيل ندي...... ها، نيل ندي.... اڄ جڏهين سعيد اوسيرس ديوتا ۽ آئيسس ديويءَ جي ڪٿا بيان پئي ڪئي ته توکي ياد آهي ته هُن اِهو به چيو هيو ته قديم مصري جڏهين نيل نديءَ ۾ چاڙهه ايندي هئي ته اُن کي آئيسس جي ڳوڙهن جي ڪري درياءَ جو ڀرجڻ ۽ اُٿلڻ سمجهندا هئا. پر هڪ ٻيو پاسو به آهي هِن آکاڻيءَ جو. اوسيرس مرڻ کان پوءِ آئيسس جي جادوءَ جي زور تي جيئرو ٿيو ۽ آئيسس سان جسماني وصال ڪيائين. پوءِ مري ويو. مري ويل اوسيرس پاڻ کي ته زنده فرعون ۾ اوتي ويو. ديوتائن هُن کي نيل جي وادي جي سرسبزي ۽ شادابيءَ جو مالڪ ڪيو، پر مرڻ کان اڳ جو هُن هڪ حسين عورت جي جسم جي لذت آشنائي جو آخري فعل ڪيو تنهن ڪري سندس روح هميشه عورت سان وصال ڪرڻ جي تڙپ ۾ رهيو. جڏهن نيل نديءَ ۾ سوڪهڙو ايندو هو ته قديم مصري تمام وڏي اهتمام سان هڪ مذهبي رسم ادا ڪندا هئا ته نيل نديءَ جو مالڪ پنهنجي آئيسس سان وصال لاءِ آتو آهي. اوسيرس کي ڪنوار جي ضرورت آهي. اوسيرس کي راضي ڪرڻو آهي، تڏهين ئي نيل نديءَ راضي ٿيندي ۽ وَهندي. هر سال نيل نديءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ موجوده قاهره جي ڀرسان اُن وقت جي مشهور شهر ”ميمفس“ جي وڏي معبد ۾ جشن برپا ٿيندو هيو. نيل ڪنوار کي تمام وڏي اهتمام سان سينگاريو ويندو هيو ۽ شاديءَ جي ڳيچن توڙي نيل نديءَ جي قصيدن کي پوڄاري ۽ ٻيا پوئلڳ ڳائيندا، هڪ نوجوان حسين ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ کي نيل درياءَ ۾ ڦٽو ڪري ايندا هئا ته ديوتا خوش ٿئي، نيل ندي روان دوان رهي. هي ڪُڌي رسم هلندي رهي، تان جو عمرو بن العاص، حضرت عمر ابن ابي خطاب جي دورِ خلافت ۾ مصر تي فتح حاصل ڪئي. عمرو بن العاص جو لشڪر ميمفس شهر کان ويجهو ئي خيمه زن ٿيل هيو، جو پوءِ موجوده قاهره جو فسطاط وارو حصو سڏرائي ٿو. عمرو بن العاص کي جڏهين هِن ڪُڌي ڪم جي خبر پيئي ته انهيءَ رسم تي پابندي هڻي ڇڏيائين ۽ گڏ ئي خليفي کي لکي موڪليائين ته نيل ندي سُڪڻ لڳي آهي. قديم رسم مطابق هِن سال به مصرين نيل کي ڪنوار جي ڀيٽا ڏيڻ جي رسم پئي ڪئي پر مون اُن کي سختيءَ سان روڪرائي ڇڏيو آهي. نيل سُڪندي وڃي ٿي. مقامي ماڻهن جي مطابق نيل ندي ۽ ديوتا ناراض ٿي ويا آهن. منجهن تاءُ پيل آهي. توهان ڏي احوال عرض ڪريون ٿا ته ڪهڙو تدارڪ ڪجي. روايت آهي ته خليفة المسلمين عمر ابن ابي خطاب نيل نديءَ کي مخاطب ٿي خط لکيو:
”الله جي ٻانهي ۽ مسلمانن جي امير عمر ابن ابي خطاب جي طرفان نيل نديءَ ڏي....
بعد از حمد و صلوٰة معلوم ٿئي ته تون اِها آهين جنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان نه ته وهڻ جو اختيار آهي نه ئي رُڪڻ جو. تون حڪم الاهي جي پابند آهين. آئون الله جو بندو، رسول عربي جو خادم ۽ مسلمانن جو امير ۽ خليفو توکي اُن مالڪ جي نالي تي حڪم ٿو ڏيان ته وَهي وڃ ۽ مصر کي سرسبز ۽ شاداب ڪر ۽ خدا جي مخلوق جو ڀلو ڪر. بيشڪ الله تبارڪ و تعاليٰ جي فرمانبردارن تي الله جي رحمت وسندي آهي.“
چون ٿا ته عمرو بن العاص جيئن اِهو خط مصرين جي مجمع جي سامهون نيل نديءَ ۾ ڦِٽو ڪرايو ته ڏسندي ئي ڏسندي درياءَ ۾ چاڙهه آيو ۽ ڪنارا ڀرجي ويا.
”ها، مون به پڙهيو آهي.“ ايمان چيو.
”هن روايت جي به ڪا مستند تاريخ ڪانه ٿي ملي، پر هلندي اچي. نيل سان ته هونئن به ايڏيون ته ڪٿائون وابسته آهن جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو آهي.“ مون چيو.
”هيءَ ته ڪٿا آهي. پر هِن نديءَ سان فاطمي خليفن، مملوڪ ۽ وري مشهور جنگجو مملوڪ سلطان ۽ امير البحر بيبرس، توڙي نيپولين جهڙو عظيم فاتح، جو نيل نديءَ جي سحر ۾ گرفتار هيو، انهن سڀن جون ڪٿائون ۽ تاريخي حقيقتون وابسته آهن. نيپولين ته نيل نديءَ جي سحر ۾ ايڏو مبتلا هيو، جو جڏهين هو سينٽ هيلنا جي جزيري تي نظر بند هيو ته به پنهنجي هٿن سان ويٺو نيل نديءَ تي بندن ۽ نهري نظام جا نقشا ٺاهيندو هيو. ويندي نهر سوئيز جا الاهي پوءِ ٺهي اُن جو خاڪو به نيپولين جي ذهني ڪاوش هئي.“
”واپس هلون.“ ايمان چيو.
”هلو.“ ۽ اسين واپس هوٽل ڏي ورياسين.