ديو سنگهه- ڪونجل- سيتا
”منهنجو نالو آفتاب آهي- آفتاب احمد- پاڪستان کان.“
”ڀلي ڪري آيا- آئون رام ديال آهيان- آرڊو سيڪريٽريٽ ۾ ٽيڪنيڪل آفيسر آهيان. هي مس صوفيه آهي. زرعي ترقياتي کاتي جي آفيسر مهمانداري.“ همراهه هٿ اڳيان وڌائيندي چيو. مون کيس هٿ ڏيئي صوفيه ڏي ڏٺو-
”هيلو صوفيه!“
سوچيم ته الاجي مصرين ۾ هٿ ملائڻ جو رواج آهي يا نه؟ اڃان مون هيلو چئي بس مس ڪئي ته صوفيه پنهنجو کير جهڙو اڇو هٿ اڳيان ڪندي ۽ موناليزا جهڙي مُرڪ سان نهاريندي چيو:
”توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي- ڇا آئون توهان کي احمد چئي سگهان ٿي؟“
هٿ ملائيندي ئي سندس نرم نازڪ هٿ جي گرمي محسوس ڪيم. سندس آڱريون ڪيڏيون نه نازڪ ۽ سهڻيون آهن. سانچي ۾ ڄڻ تازيون ئي گهڙيون ويون هجن. مون سوچيو...!! احمد مقصود حميدي ياد اچي ويم. شل ڪا سهڻي عورت ڏسي! پڙهيل لکيل ذهين ۽ نفيس ماڻهو آهي. 1965ع جو سي- ايس- پي آفيسر. حڪومت سنڌ ۾ الاهي اهم عهدن تي رهيو. هاڻ ريٽائر ٿيل آهي. جڏهن جواني جو ٿورو دم خم هئس ته، محفل ۾ ويٺو ڪنهن سهڻي عورت سان ٿوري ئي حُجائپ ٿيندي هئس ته هڪدم سندس پير کڻي هٿڙا گهمائيندو هيو.
پڇيومانس ته: ”هي ڇا پيا ڪريو؟“
وراڻيائين، ”يار، هن جا پير ڏاڍا سهڻا آهن.“
صوفيه جي هٿن ۾ ڏنل پنهنجو هٿ ڏٺم ته خبر پئي ته امان مون کي هروڀرو سهڻو چوندي آهي. صوفيه جي هٿ ۾ منهنجو ٿلهو ۽ ڪارو هٿ ڄڻ مولو شيدي جو هٿ ٿي لڳو. پنهنجي هٿ جي مولو شيديءَ جي هٿ سان مشابهت تي مون کي هڪدم کِل اچي ويئي. کِلندي صوفيه کي چيم:
”اهو رواج انگريزن ۾ آهي ته پهرئين نالي سان ڪونه سڏين- اسان وٽ اهڙو تڪلف ڪونه ٿئي. تنهنجي واتان ”احمد“ ٻڌي ته مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪو مڌر سُر ڪنين پيو آهي.“
”شاعر ته ڪونه آهين؟“ صوفيه مشڪندي چيو.
”سهڻي عورت ڏسي به شاعر نه ٿيان ڇا؟“ وراڻيم.
صوفيه جي ڪنن جو پاپڙيون شفق رنگن جيان ڳاڙهيون ٿي ويون. رام ديال موقعي جي نزاڪت سمجهندي ڳالهه ٻئي پاسي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي چيو:
”مسٽر احمد! توهان واري جهاز ۾ ٽي ٻيا به مهمان آهن، انهن جو انتظار ڪريون ٿا پوءِ گڏجي نڪرنداسين.“
اڃا اهو چئي بس ڪيائين ته مسافرن جي پيهه مان هڪ اڌڙوٽ عمر خاتون اسان ڏي لڙي آئي.
”آئون آرڊو جي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ فلپائن کان آئي آهيان. تيري سيتا مالوار مستل (Terresta Malvar Mistel) منهنجو نالو آهي.“
”ڀلي ڪري آيا.“ صوفيه کيڪار ڪندي کيس ڀاڪر پائي ملي-
صوفيه منهنجو ۽ رام ديال جو تعارف ڪرايو. مستل قربائتي نموني ملي.
اڃا بيٺا هئاسين ته، مسافرن مان ٻه ڄڻا هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي آرڊو ۽ حڪومت مصر جي آفيسر مهمانداري طرفان لڳايل پلي ڪارڊ Play Card ڏسي اچي اسان سان مليا.
سڀن سان هٿ ملائي چيائون: ”ديو سنگهه گڊيءَ“. ”ڪرم چند“.
ڪرم چند البته ڪونجل جو نالو به ڳنڍيو ۽ ”فرام ماريشس“ به چيائين.
ديوَ سنگهه جو هٿ ملائڻ تمام قربائتو ۽ گرم جوشيءَ وارو هيو. مون ته ائين ڀانيو ته اجهو ٿو ڀاڪر پائي. البته ڪرم چند ڪونجل ذري گهٽ اڌ هٿ ملايو ڄڻ مجبوراً رَسم پوري ڪئي هجيس. هيڪر ته دل ۾ آيو ته پڇانس ته برهمڻ ته ڪونه آهين. پر پوءِ پاڻ کي روڪي ويس- بعد ۾ خبر پئي ته همراهه کي حسب نسب جي مٿڀري هئڻ جي بيماري هئي. سندس خاندان ۾ ڪيئي وڏا ڪامورا، سياستدان ۽ شاهوڪار هئا. پر جڏهن سندس اندر ڦوليوسين ته خبر پيئي ته هي به ماڻهو جهڙو ماڻهو آهي، هيءَ ظاهري خول منٽن ۾ لهيو ٿو وڃي.
”هلون!“ صوفيه چيو.
ٻاهر نڪتاسين ته سرڪاري ڪوسٽر بيٺو هيو؛ سڀ سوار ٿياسين. دل ٿي ته رستي تي هلندي صوفيه کان اهم جاين، روڊن رستن جي باري ۾ پڇندو هلان پر پوءِ سوچيم ته آفيسر مهمانداري کي ٽورسٽ گائيڊ ڪري ته نه سمجهان. نه ئي صوفيه رستي ۾ ڪو گهڻو ڳالهائڻ مناسب سمجهيو- البته موبائيل فون تان نمبر ملائي ڪنهن کي اسان جي باري ۾ ٻڌايائين ۽ ڪجهه دير ڳالهائڻ کان پوءِ اسان کي ٻڌايائين ته گهڻو ڪري سڀ delegates پهچي چڪا آهن.
رات جي ماني زرعي ترقياتي کاتي جي ڳوٺاڻي ترقي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل جي طرفان هڪ هوٽل ۾ ڪيل هئي، اسان کي پنهنجي هوٽل ۾ Check in ڪري ڪجهه دير کان پوءِ اوڏانهن وڃڻو هيو.سڀ کان وڌيڪ وري سدورو شاهه ديو سنگهه هيو جو ماٺ نه ڪري. سڀن کان تعارف وٺي، وري پنهنجي ماريشس کان قاهره جي سفر جي ڪٿا شروع ڪيائين.
مون کي ماريشس جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ڪانه هئي. سواءِ انهيءَ جي جو اسان جي ملڪ جون ڪجهه فلمي اداڪارائون هر وقت ماريشس ۾ فلم جي شوٽنگ لاءِ وڃڻ لاءِ آتيون هونديون هيون. ديوسنگهه سان اها ڳالهه ڪيم ته چيائين:
”هڪ سبب آهي بهترين سمونڊ ۽ سمونڊ ڪنارا توڙي وڻڪار وارا سِينَ ۽ ٻيو.“
”ٻيو ڇا؟“ مون کان رهيو نه ٿيو.
”ماريشس ۾ ننڍي کنڊ کان لڏپلاڻ ڪري آيلن جو خاص تعداد آهي ۽ سُکيا ستابا آهن. رنگ ڪونجل کان وڌ ڪارو اٿن. فلمي اداڪارائن جي هڪڙي مخصوص ٽولي جي اتي سٺي مارڪيٽ آهي. مجرو ،عياشي، فلم جي شوٽنگ جي شوٽنگ... سٺي ڪمائي ڪري وينديون آهن.“
ڇا چوانس.... ڳالهه به غلط ڪانه ڪئي هئائين... ڳالهيون ڪندي اچي هوٽل پهتاسين... مون، ديو سنگهه ۽ ڪونجل کي هڪڙي ئي فلور تي ڪمرو مليو. ڪمري ۾ ايندي ئي عادت پٽاندڙ سڄو سامان کولي الماري، لکڻ واري ميز ۽ ڊريسنگ تي ٺاهي رکيم. سوٽ ۽ قميص ڪڍي House Keeping کي فون ڪيم ته ڪير اچي سوٽ ۽ قميص کڻي وڃي استري لاءِ. هڪ ٿلهي متاري maid آئي ۽ ڪپڙا کڻي ويئي. ويندي و يندي چئي ويئي ته اڌ ڪلاڪ ۾ ملندا- maid وئي ته وڃي باٿ روم ۾ ٽب ڀرڻ لاءِ ٿڌي ۽ گرم وارا نلڪا کولي، ان ۾ خوشبودار جيل (Gel) وڌم. برش ڪرڻ شروع ڪيم- ٽب ڀراڻو ته وڃي آرام سان ڪجهه دير ليٽي پيم.خوشبودار گرم ٽب ۾ وهنجندي ننڍپڻ ياد آيم.
ڳوٺ ۾ ته اڌ بالٽي به مس ملندي هئي وهنجڻ لاءِ- صابڻ جي گجي، اول ته ٿيندي ئي مس هئي ۽ جي ٿي ته تڪڙي نڪرندي ڪانه هئي. پاڻي به کوهه جو ۽ کارو هوندو هيو- هيڏي ڍير ساري پاڻي سان ته سڄي آڪهه وهنجندي هئي- سو به روز نه.
ڏهاڪو منٽن کان پوءِ وِهنجي سِهنجي ٻاهر نڪتس. هيٺان وڏو ٽوال ويڙهيل هيو. دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو. سمجهيم ته maidڪپڙا کڻي آئي آهي. بجاءِ ان جي جو کيس اندر اچڻ جو چئي پنهنجي اڌ اگهاڙي جسم جي نمائش ڪيان، دروازي تي ئي ويس ته کانئس اتان ئي ڪپڙا کڻي وٺان. اڌ دروزاو کوليم ته سامهون شاهه ديو بيٺو هيو.
”اندر اچ-“ مون ائين چوندي دروازو کولي ڇڏيو.
”نه مهرباني- مون سوچيو سفر جو ٿڪ هوندو- سرڪاري ماني آهي- الائي سڻڀي هوندي يا رُکي. آئون ۽ ڪونجل هيٺ لائونج ۾ وڃون ٿا. بار نظر آئي اٿم. ٻه ٽي ڊرنڪس وٺنداسين ته ٿڪ لهي ويندو ۽ ماني به وڻندي.“ شاهه ديو چيو.
”پر يار معاف ڪجانءِ! تون ڪو سخت مسلمان ته ڪونه آهين؟ شڪل مان ته ڪونه ٿو لڳين!!؟“
”آئون ڪيترو به نرم مسلمان هجان پر ٽوال ۾ هيٺ نٿو لهي سگهان. منهنجا ڪپڙا استري لاءِ ويا آهن. ڄاڻ ايندا هوندا، پائي هيٺ اچان ٿو.“ وراڻيم.
”Good هڪڙو ته وڌيو-“ شاهه ديو چيو.
”اسان تنهنجو انتظار ڪريون ٿا Isis ۾! هيٺ ڏٺي اٿئه نه؟ لفٽ مان لهندي ئي کاٻي هٿ تي.“
”ها! اچان پيو.“ ائين چئي در بند ڪيم.
اڃان وارَ مس سُڪايم ته وري گهنٽي وڳي. هائوس ميڊ هئي. دروازي تي ئي کانئس ڪپڙا کنيم ۽ سندس مهرباني مڃي در بند ڪيم- ڏهن منٽن ۾ ئي آئون تيار ٿي هيٺ لٿس.