هڪ ساحل ۽ هڪ سار : عمر قاضي
مان صرف انهن فرعونن جي ڳالهه نٿو ڪريان، جن کي جيون سان وهمي محبت هئي پر تکن نقشن واري اها نار جيڪا اڄ به هر عورت جي حسرت ۽ هر مرد جو خواب آهي! تصور جي اکين ۾ ڪجل جي ريک جهڙي اها نار جنهن جو نالو قلوپطره هو، ان جي وارن جي ڇانوَ جهڙي احساس کي پڙهندي انسان سوچڻ لڳي ٿو ته واقعي زندگي ڇاآهي؟موت ڇاآهي؟ ڪارج ڇاآهي؟ ڇا ڪجي؟ ڪيئن ڪجي؟ ڇو ڪجي؟
اهڙيون ڪيئي ڳالهيون نيل نديءَ جي لهرن وانگر ذهن ۾سوالن جا نشان ٺاهينديون وڃن ٿيون. مزي جي ڳالهه اها آهي ته جنهن سفرنامي پنهنجي سيني جي ستار کي ڇيڙي ڇڏيو آهي، ان جو نالو ”نيل نديءَ ڪناري“ آهي. مون کي درياءَ تمام گهڻو وڻندا آهن، ڇو ته انهن جي ڪناري تي ويٺي انسان تصور جي ڪشتيءَ تي ترندو تمام دور نڪري ويندو آهي. هن سفرنامي جي ليکڪ به ساڳيءَ ڪيفيت ۾ اچي هيءُ ڪتاب لکيو آهي. هيءُ ڪتاب جنهن صنف جي نمائندگي ڪري ٿو، اها صنف ادب جي سڀ کان قديم صنف هجڻ جي باوجود موجوده دور تائين پنهنجي مزاج ۾ اها ڪشش رکي ٿي جيڪا شاعري ۽ ناول نگاريءَ کان مختلف ضرور آهي پر مان ان کي ڪنهن به طرح سان انهن کان گهٽ چئي نٿو سگهان. ڇو ته مان تاريخ جي انهن مؤرخن کي پنهنجو محسن سمجهان ٿو جيڪي انساني تاريخ جا اوائلي سياح هئا. اهي مؤرخ جيڪي يونان جي مشهور فاتح سڪندر سان گڏ آيا هئا، انهن جون آبزرويشنس سفرنامن جو صورتون هيون ۽ اڄ اهي سفرناما تاريخ جي طور تي پڙهيا وڃن ٿا. انهن ۾ جنهن بيپرواهه روانيءَ سان جيڪا ٻولي لکيل آهي، ان جي ڪري اُهي سفرناما تخليقي انداز سان لکيل اهڙي تاريخ بڻجي ويا آهن، جن جي ڪري بادشاهن جي درٻارين ۾ لکيل تاريخ وائکي ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اهي قديم سفرناما نه لکجن ها ته هوند اسان عوامي ۽ درٻاري تاريخن جي وچ واري فرق کي ان طرح سان محسوس نه ڪري سگهون ها، جيئن اهو اسان جي نظر ۾ هن وقت واضح آهي.
جهڙيءَ طرح عظيم اديبن جون آپ بيتيون پنهنجي فن ۽ فڪر سبب جَڳ بيتيون بڻجي ويون، تهڙيءَ طرح ذهين انسانن جا مشاهدا رپورٽن کان مٿي نڪري اهڙا دلچسپ ڪتاب بڻجي ويا، جن کي پڙهندي انسان اها ڳالهه ته وساري ئي ٿو ويهي ته اهي اصل ۾ ڪهڙي مقصد سان لکيا ويا هئا. هونءَ ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن پر سنڌ تي لکيل رچرڊ برٽن جا ڪتاب شاهڪار ڪاوشون آهن. انگريزن ۾ هڪ عادت هوندي هئي ته هو بهتر نظم و ضبط قائم ڪرڻ ۽ مُلڪن کي پنهنجي انتظامي گرفت ۾ رکڻ جي لاءِ ڊائريون لکندا هئا، اهي ڊائريون اڳتي هلي انهن ملڪن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ اهم دستاويز بڻجي ويون پر پوءِ به انهن جو مزاج سفرنامن جهڙو آهي. سنڌ جي اڳوڻي سماج تي لکيل رچرڊ برٽن جي هڪ ڪتاب ۾ جڏهن ماڻهو اها ڳالهه پڙهي ٿو ته ”سنڌي عورتون مڙس جي سامهون يار کي ”ادا“ چئي مخاطب ٿينديون آهن“ ۽ ”سنڌي ماڻهو هر شيءِ کي هٿ سان ڇهندا آهن“، تڏهن ماڻهو پنهنجي مرڪ تي ضابطو رکي نٿو سگهي ۽ سوچي ٿو ته هيتري ساري وقت گذرڻ جي باوجود سنڌي سماج اڃان تبديل نه ٿيو آهي!
هونءَ ته ڀَلان ڀليءَ جو ڪو ڇيهه ئي ناهي پر پال ٿاروڪس، وليم لسيٽ هيٽ مون ۽ ايرڪ نيو باءِ جا سفرناما پوريءَ دنيا ۾ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. جڏهن ڪوئي وي ايس نائپال جو هندستان جو سفرنامو ”گهايل ثقافت“ پڙهي ٿو ته هندستان جي اصل تصوير اکين آڏو اچي وڃي ٿي. دانشورن ۽ صحافين جا سفرناما ته انهن ملڪن جي پيداوار، ماڻهن جي مزاج ۽ سياسي اٿل پٿل يا جمود جو ڀرپور عڪس پيش ڪن ٿا پر جڏهن ڪنهن سفرنامي ۾ تخليقي ادب جو سُر شامل ٿي وڃي ٿو ته ان جي لذت جو درجو ئي ٻيو ٿي پوي ٿو. ان سلسلي ۾ مان ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهان آمريڪي نوبل انعام يافته اديب جان اسٽين بيڪ جو مشهور ڪتاب ”ٽريول وٿ چارلي“ ۽ پر ريبيڪا ويسٽ ۽ ڊي ايڇ لارينس به ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن.پر جيڪي سفرناما مڪمل طور تي تصوراتي حوالي سان لکيا ويا، انهن جي ڪيٽگري ئي الڳ آهي. هومر جي اوڊيسيءَ کان وٺي جوناٿن سفٽ جي گليورس ٽريولس تائين ڪيترائي ڪتاب ڪڏهن به نه پراڻا ٿيندڙ اهي پيارا داستان آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي شعور ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهندا.
هونءَ ته سفرنامن جا قسم ماڻهن جي مزاجن وانگر انيڪ آهن پر جيڪڏهن ايڪيڊمڪ حساب سان انهن جي ورڇ ڪجي ته انهن کي گهڻو ڪري سماجي، سياسي ۽ بنهه ذاتي قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. آفتاب ميمڻ جو هي سفرنامو سفرنامن جي ٽين قسم سان تعلق رکي ها. ڇو ته هيءُ سفرنامو جنهن جي ابتدا ۽ انتها مصر ۾ هڪ عرب ڇوڪري ايمان سان ٿئي ٿي، ان ۾ مصر جي تاريخ جي مختصر پر ڀرپور جهلڪ سان گڏوگڏ آفتاب ميمڻ جي ڪلاسيڪل لٽريچر جي مطالعي جي آميزش ان سفرنامي جو مزاج مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته جنهن وقت هو ايمان جي نڪ نقشي کي ڏسي ٽراءِ جي هيروئن هيلن کي ياد ڪري ٿو ۽ هيلن جو ذڪر هومر جي ڪنهن سٽ بدران شيڪسپيئر جي ادبي استاد مارلو جي حوالي سان ڪري ٿو ته ان وقت پڙهندڙ ڪنهن ٻئي طرف لڙهڻ لڳي ٿو.
ممڪن آهي ته ڪنهن کي هي سفرنامو پڙهندي پاڪستان جي مشهور سفرناما لکندڙ ليکڪ مستنصر حسين تارڙ جو هڪ سفرنامو ”پيار ڪا پهلا شهر“ ياد اچڻ لڳي پر هن سفرنامي جي ڀيٽ ان سفرنامي سان هرگز نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته اهو سفرنامو ليکڪ جي حسرتن جا زخم ڏيکاري ٿو، جڏهن ته هن سفرنامي جي دامن تي حسرت جو ڪوئي به داغ ناهي.
هيءَ محبت جي بيحد سادي ڪهاڻي آهي. محبت جي اها سادي ڪهاڻي جيڪا دريائن جي روانيءَ وانگر روان دوان آهي. ليکڪ لاءِ ايمان به نيل جي ساحل تي هڪ بندر آهي. جهڙيءَ طرح اياز لکيو آهي ته:
”آئون نه ويندس ائين
بندر بندر عاشقيون
تون به خلاصيءَ جيئن“
تيئن ايمان سان آفتاب جو عشق به هڪ بندر جي ڪهاڻي آهي پر ليکڪ جو هر لفظ چغلي هڻي رهيو آهي ته هن جي سيني ۾ اڃان به ڪيترين ئي محبتن جون وارداتون عود ۽ لوبان جي واس وانگر دکي رهيون آهن. مان حُجت سان اها تقاضا ڪريان ٿو ته انهن محبتن جا داستان به هو پنهنجي دل مان ائين ڪڍي جيئن ايمان سان محبت جو احوال هن پنهنجي اندر مان ائين ڪڍيو آهي، جيئن پٽ ڪيئان پنهنجي اندر مان ريشم ڪڍندا آهن.
عمر قاضي
ڪراچي
10 اپريل 2011ع