بوسِ - رانجن - سڀاش
”آئون مناسب سمجهان ٿو ته توهان کي آرڊو جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندو هلان. ٻي مهاڀاري جنگ دنيا جي نقشي تي وڏيون تبديليون آنديون. نه صرف نوان ملڪ پيدا ٿيا يا آزاد ٿيا پر نوان اهڃاڻ به نروار ٿيا. آفريقا ۽ ايشيا جا نوان آزاد ٿيل ملڪ پنهنجن ملڪن جي پيداواري صلاحيت ۽ اُپت جي ذريعن کي ضرورتن لاءِ اڻپورو سمجهي انهي ويچار ۾ پئجي ويا ته ڪيئن پيداواري صلاحيت وڌائجي ۽ پاڻڀرو ٿجي. پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پيداوار جي وسيلن تي تسلط ڪافي نه هيو، هنرمندي ۽ مهارت به گهربل هئي. بک ۽ بيروزگاري جو واڳون وات ڦاڙيون ڪارن، ڏٻرن انسانن کي ڳڙڪائڻ لاءِ ماندو رهي ٿو. 1955ع ۾ ڪمبوڊيا، تائيوان، هندستان، انڊونيشيا، جپان، مليشيا، نيپال، پاڪستان، سريلنڪا، ٿائلينڊ ۽ ويٽنام ڪجهه بين الاقوامي ادارن جي سهڪار سان جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس جو خاص مقصد هيو ته ايشيا جي آبادگارن کي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آڻجي ۽ زراعت جي شعبي ۾ نه صرف هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو وٺجي پر زرعي اُپت کي وڌيڪ فائديمند ڪيو وڃي. انهيءَ سڄي جاکوڙ لاءِ ٻه ماڻهو خاص طور تي جَسُ لهڻن. هڪ هندستان جو زراعت جو وزير ڊاڪٽر پنجاب رائو ديش مک ۽ ٻيو هندستان ۾ جاپان جو سفير ڊاڪٽر هيروشي ناسو. مختلف گڏجاڻيون ٿينديون رهيون ۽ مختلف ملڪ شامل ٿيندا رهيا. نيٺ 1961ع ۾ دهلي ڳوٺاڻي بهبود ۽ ترقي جي حوالي سان آفريقا ۽ ايشيا جي ملڪن جي هڪ وڏي گڏجاڻي ٿي جنهن جو افتتاح هندستان جي نالي واري صدر ڊاڪٽر راجندر پرشاد ڪيو. ڪانفرنس ۾ ايشيا ۽ آفريقا جي ٽيويهن ملڪن شموليت ڪئي ۽ يونيسڪو توڙي خوراڪ ۽ زراعت جي اقوام متحده جي اداري به ڀرپور حصو ورتو. پوين ڄاڻايل ملڪن کان سواءِ مصر، ترڪي، سعودي عرب، افغانستان، سوڊان، مراڪش، تيونس، لبنان ۽ برما به شرڪت ڪئي. اڳئين سال وري مصر ۾ ٻي ڪانفرنس ٿي ۽ 31 مارچ 1966ع تي آرڊو ۽ هندستان جي حڪومت هڪ باقاعده معاهدي تحت دهلي ۾ سيڪريٽريٽ جي منظوري ڏني. انهيءَ ڪري آرڊو جي سرڪاري طور سالگرهه يا ڏينهن هر سال 5 مارچ تي ملهايو ويندو آهي.“
”هي ته هيو آرڊو جو تعارف. رهيو هن ڪانفرنس جو مقصد ته اسان توهان سڀني ساٿين کي ڪوٺ ڏني آهي ته پنهنجن ملڪن جي حوالي سان، توڙي عمومي طور پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربا هڪ ٻئي سان ونڊيون ۽ ڏسون ته زرعي اپت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي جو زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل شعبا وڌيڪ مفيد مقصد جي حيثيت حاصل ڪري سگهن. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي کي قابو ڪرڻ ۽ سندس کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ آهي. ايندڙ صدي ۾ انسان ذات لاءِ کاڌ خوراڪ هڪ اهم ۽ سنگين مسئلو ٿي پوندو. ضرورت آهي ته هينئر کان ئي انهيءَ عالمي مسئلي جو تدارڪ ڪجي.“
”ورڪشاپ جي مختلف جُزنَ جي شروعات کان اڳ مناسب ٿيندو ته هر نمائندو پنهنجي تعارف سان گڏ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ ٻڌائي. مان سمجهان ٿو ته هر ملڪ جي باري ۾ معلومات انٽرنيٽ تي ملي سگهي ٿي پر ملڪ جي ڄاڻ انهيءَ ملڪ جي ماڻهو کان سندس زباني وڌيڪ دلچسپ آهي. اوهان جو پنهنجي ملڪ جي تعارف ۽ زراعت جي حوالي سان لکيل پيپر توهان پروگرام آفيسر مسٽر انور کي ڏيئي ڇڏيو.“
ائين چئي مسٽر بهار منيپ پنهنجي جاءِ ورتي. پروگرام آفيسر روسٽرم تي اچي چيو ته: ”هاڻي آئون بنگلاديش جي نمائندي مسٽر انوپ رانجن بوس کي ڪوٺ ڏيندس ته هو پنهنجو تعارف ڪرائي ۽ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ جا معلومات اسان سان ونڊڻ چاهي اُها بيان ڪري.“ انوپ رانجن بوس ڪوميلا جي ڪوميلا ڪوآپريٽو ڪارخاني ۾ پروڊڪشن مئنيجر هيو. ننڍڙو ڪارو، نظر جي ٿلهي عينڪ چڙهيل. خاموش خاموش انوپ بوس. ايندڙ ڏينهن ۾ آئون جڏهين به انوپ سان ڳالهائيندو هُيس يا ڪچهري ڪندو هُيس ته کيس بوس سڏيندو هُيس.
هڪڙي ڏينهن منجهند جي ماني کائڻ لاءِ ويٺاسين ته بوس منهنجي ڀرسان ٽيبل تي ويٺو هيو .
”بوس، ڇا حال آهي؟ انقلابي سرزمين تان ايندڙ منهنجا دوست.“ مون ڏانهنس نهاريندي چيو.
چيائين: ”منهنجو نالو انوپ آهي، جي مون کي انوپ سڏين“
”نه ادا! آئون توکي بوس ئي سڏيندس. تون مون کي سڀاش چندر بوس جي ياد ڏيارائين ٿو. تون مون کي انڊين نيشنل آرمي جي انهن هزارين غيرتمند بهادر جوڌن جوانن شهيدن جي ياد ڏيارائين ٿو جي وطن بدر ٿيا. جهنگن، بيابانن، ڌُٻَڻ جو کاڄ ٿيا. پنهنجن جي ضمير فروشي جو شڪار ٿيا پر وطن تي قربان ٿيا. هي هزارين لکين ڪونڌر ڪُساڻا، وطن بدر ٿيا ته هي ڌرتي سون اُپائيندي، مزدور ۽ بيوس راڄ ڪندا. ڪو بُکيو ڪونه سمهندو. ڪو تَنَ اُگهاڙو نه رهندو.... پر مليو ڇا؟ بي ضمير، ويڪائو نظام جتي رياستي وڏيرن، اميرن، وزيرن ۽ ڪامورڪي لڏي جي سُريتَ آهي. جتي عدل صرف ڪتابن ۾ آهي. انصاف چؤ واٽي تي وڪامجي ٿو. سامراج ويو ته ان کان وڏو استحصالي ٽڪسال گهڙجي ويو. پيداواري وسيلا توڙي ذرائع ابلاغ هڪ هٽي يا مشترڪه مفادات جي نظام جي ور چڙهيو وڃن ٿا. بوس، مون کي انهيءَ دنيا ۾ رهڻ ڏي. پليز مون کي اجازت ڏي ته آئون توکي بوس چوان ۽ خوابن ۾ رهان.“
بوس مون ڏي حيران حيران نظرن سان ڏٺو؛ مون کي پڪ ٿي ته هن سمجهيو هوندو ته آئون نشي ۾ آهيان.
”بوس! توکي خبر آهي ته ڪوميلا جو ڪارخانو پورهيتن جي ملڪيت جي خواب جي تعبير آهي پر اها ملڪيت، عوامي ليگ پورهيتن کي خيرات ۾ ڪانه ڏني. هي پورهيتن جي ڪوآپريٽو ملڪيت جو تصور ئي نه هجي ها، جي بنگال چارو موجمدار پيدا نه ڪري ها. چارو موجمدار هيو ته هڪ موروثي جاگيردار پر جڏهن ڪميونسٽ نظريي جو پرچارڪ ٿيو ته سڀ کان پهرين پنهنجي جاگير کي پورهيتن جي ڪميون (مشترڪ ملڪيت) لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. ڪاش! منهنجي ڌرتي سنڌ ۾ به چارو موجمدار پيدا ٿين ها. جي منهنجي ڌرتي تي هزارين ايڪڙ درگاهن لاءِ وقف ٿيل زمين ئي ڪميون (Commune) ڪرڻ وارو ڪو هجي ها ته سنڌ جو مقدر ٻيو هجي ها. هڪ شاهه عنايت شهيد هو جو پنهنجن جي ئي غداري جو شڪار ٿيو.“
”احمد! تون ڪٿان جي ڳالهه ڪيڏانهن پيو ڪرين. نه سڀاش چندر بوس ۽ نه وري چارو موجمدار بنگلاديشي هئا.“ بوس چيو.
”يار، تون ڪهڙو بنگالي آهين! اسان بنگال کي هميشه هڪ ئي خِطو سمجهندا آهيون. بنگال کي مشرقي بنگال ۽ مغربي بنگال ۾ ورهائڻ ته نه اسان تسليم ڪيو آهي نه ئي ڪڏهين بنگالين تسليم ڪيو.“ مون چيو.
بوس نهاريندو رهيو. جواب ڪونه ڏنائين.
”بوس! ڪٿي تون اُنهن مان ته ڪونه آهين جي نذر السلام کي بنگال جو قومي شاعر مڃين ٿا، پر بنگالي ٻوليءَ سان دنيا کي روشناس ڪرائيندڙ نوبل انعام کڻڻ واري مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور کي اوپِرو سمجهنِ ٿا.“ مون اُٻهرو ٿيندي چيو.
بوس جو منهن هَيڊو ٿي ويو. هڪدم چيائين: ”احمد! مون تي اهڙو الزام ته نه هڻ. مها ڪويءَ جون ڪويتائون هر بنگاليءَ لاءِ ڪنهن مقدس پاٺَ جيان آهن.“
”ڇونه هجن! گيتانجليءَ جو خالق نوبل انعام کڻندڙ ۽ شانتي نِڪَيتَن جهڙي علم جي گهر کي جوڙيندڙ انهيءَ کان به مٿي مانَ جو مستحق آهي.“ وراڻيم.
”صحيح ٿو چوين.“ بوس چيو. ”پر اوهان ٽيگور جي ڌرتي ۽ نذرالسلام جي جنم ڀوميءَ سان وري ڪهڙو چڱو سلوڪ ڪيو.“
”تنهنجو اشارو بنگال سان ٿيل بي واجبين ڏي آهي.“ پڇيم.
”اهي زيادتيون پنجابي فوجين ۽ ڪامورا شاهي توڙي اردودان دانشورن جي کاتي ۾ وجهه. اسان سنڌي ته هميشه بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ جا سهڪاري رهيا آهيون.“
”جناح صاحب ته سنڌي هيو نه. توهان سنڌي ته ٺٽي ضلعي جي جهرڪن جي پرائمري اسڪول جي داخلا رجسٽر جي آڌار تي، دعويٰ ڪندا آهيو ته محمد علي پٽ پونجو جيڻو جَهرِڪن جي اسڪول ۾ ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيو هيو. جناح صاحب ڪهڙي سبب ڪاڻ متحده بنگال جي منتخب وزيراعظم سهرورديءَ کي هٽائي هڪ غير منتخب خواجه ناظم الدين کي سندس جاءِ تي رکيو. بنگال سان بدسلوڪيءَ جو ٻج ته توهان ڇٽيو.“
بوس هڪ تاريخي حقيقت بيان ڪري ويٺو. هي جهرڪن ۾ محمد علي جناح صاحب جي پيدائش جي ڳالهه مون ئي ڪئي هئي جو مون پاڻ 1964 ع ۾ اِهو اسڪول رجسٽر ۽ اِها داخلا ڏٺي هئي. رهي سهرورديءَ واري ڳالهه ته اُهابه هڪ تاريخي حقيقت هئي.
”اِهو هڪ علحده بحث آهي. تون چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو ته بنگال ۾ ورهاڱي تي بدترين فساد ٿيا هئا. گانڌي جي مرڻ وَرت رکيو ته سهروردي سندس ئي حڪم تي مشرق ۽ مغرب ۾ فسادن تي قابو پائڻ ۾ لڳي ويو. نئين آزاد ملڪ پاڪستان جي مرڪزيت کان سهروردي پري ٿي ويو. ڪمزور مرڪز کي هزارين ميل ڏور هڪ مضبوط ۽ هر دلعزيز ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ وفادار جي ضرورت هئي.“ مون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
بوس مشڪيو: ”هي اجايا بهانا پيو ٺاهين. ڀلا ٻڌاءِ! اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو جي اردو سان گڏ بنگالي کي قومي ٻولي جي درجي ڏيڻ جي گهُر ڪئي. صرف هڪڙي مها ڪوي جي گيتانجلي، دنيا جي ايترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي جو اردو جا سڀ ڪتاب به ڪونه ٿيا هوندا. چڱو، اِهو ئي ٻڌاءِ ته هڪڙي بنگالي شاعر جو ڪتاب 1913ع کان 1917ع تائين گيتانجليءَ جي نالي سان يورپ جي تمام زبانن ۾ نه صرف ترجمو ٿئي ٿو پر ستن سالن تائين تمام زبانن ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب بڻجي ٿو ۽ انهيءَ ٻولي کي توهان قومي ٻوليءَ جو درجو نٿا ڏيئي سگهو. ها، اسان تي گوليون ضرور هلايو ٿا. خبر اٿئه! ڪيترا جوان شهيد ٿيا ٻوليءَ جي مسئلي تي.“
”يار، اسان ته ڪونه ڪيو. پُڇ پنجابي ۽ اردو دان دانشورن کان جن جي تصنيف ته خبر نه آهي ڪهڙي هئي ۽ ادب جي دنيا ۾ مقام ڇا هيو پر دانشور چَوِرائيندا هئا ۽ اسٽيبلشمنٽ جي اک جا تارا هئا.“ ٻيو ڪو جواب سُڌو ڪين سو ائين چئي ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪيم.
”نه احمد! تو جهڙي باشعور ماڻهوءَ کي حقيقت کان لنوائڻ نه کپي؛ هي جو مون توهان سنڌين واري ڳالهه ڪئي. هلو، جناح صاحب جو فيصلو ۽ اُهو وقت توهان ۽ اسان ڏٺو ڪونه. نه ئي اسان شاهد آهيون اُن دور جا. صرف پوءِ پڙهيوسين. پر هي بنگلاديش ٺهڻ، مجيب جا ڇهه نُڪتا، يحيٰ جي مارشل لا هي سڀ ته اسان جي سامهون ٿيا آهن. خبر اٿئه ته مجيب الرحمان جڏهين آخري دفعو مغربي پاڪستان آيو، ته حيدر منزل تي جي ايم سيد کي گذارش ڪيائين، ته مون کي عوامي ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ شيخ اياز ڏيو جو اسان جا ماڻهو هِن جي شاعري سمجهن ٿا ۽ سندس عزت ڪن ٿا. پر سائين جي ايم سيد ٻن سيد وڏيرن کي کڻڻ تي زور ڀريو جي شيخ مجيب الرحمان کي قبول نه هيا. توهان جا ته رهنما به پنهنجي ذات پات کان مٿي ڪونه سوچيندا آهن.“ بوس شڪايت ڪئي.
”سائين جي ايم سيد کان ساڳي شڪايت ته قائداعظم کي به هئي جو سائين سنڌ مسلم ليگ تي سادات کي ترجيح ڏني.“
وري کِلندي چيومانس: ”پر هاڻي جي منهنجي لڳايل الزام جو بدلو وٺي ورتو هجيئي ته ڪا ٻي ڳالهه ڪيون.“
بوس اچي کليو. کِلندي چيائين: ”اسان ننڍڙن ڪارن ماڻهن جو جيءَ نه جلاءِ. اسان ماٺ هجون ته بهتر آهي.“
مون کي بوس جي تعارفي تقرير ياد اچڻ لڳي. ڪيئن نه سادن سهڻن لفظن ۾ هُن اسان کي ٻڌائڻ جي ڪئي ته سُندر بن ۽ ڊيلٽا مُلڪ جو چڱو ڀلو حصو آهن. باقي جو آهي سو ٻوڏن ۽ بارشن ۾. پر ڪيئن نه همت ۽ عزم کان ڪم وٺي هن نئين آزاد ملڪ ٽيهن سالن ۾ معيشت جي اؤسر ۽ مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو آهي، جو اڄ پيداواري اُپت ۾ مغربي پاڪستان سان مقابلو پيو ڪري ۽ ڪنهن ريت اُن کان بهتر آهي.
بوس کان پوءِ ٻين ملڪن جي نمائندن جو وارو آيو، تائيوان، گهانا، هندستان، ڏکڻ ڪوريا، لبنان، مليشيا، ماريشس، فلپائن، شام ۽ پاڪستان جي نمائندن يعني ڪل ڏهن ڄڻن پنهنجو ۽ پنهنجن ملڪن جو تعارف ڪرايو. سڄو ڏينهن، جنهن وچ ۾ ٻه چانهه جا وقفا ۽ منجهند جي ماني جو وقفو هيو انهيءَ اُپٽار ۾ گذري ويو، پر چئين وڳي ڌاري جڏهين سيشن ختم ٿيو ته اسان هڪ ٻئي سان چڱي طرح واقف ٿياسين. شام خالي رکيل هئي ته هرڪو آساني سان پنهنجو سامان سڙو هٿيڪو ڪري رکي ۽ ڀرپاسي ۾ پسار لاءِ نڪري ۽ پنهنجي مَڪان کان واقفيت حاصل ڪري سگهي.